جيئن پکيءَ کي گُليل ڇٽڻ سان ٽاھ ملي ٿو

 غزل


شهزاد جهتيال




جيئن پکيءَ کي گُليل ڇٽڻ سان ٽاھ ملي ٿو
تيئن هر ڪنهن  مُشڪل بعد اُتساھ  ملي ٿو

هرڪو   پنهنجي   پالڻهاري   پاڻ   ٿو   پالي
ماڻهون کي بس خالي خدا کان ساھ ملي ٿو

هڪڙو   جاڳڻ  مڙئي  اکين  لئہ  سور   آهي
ٻئي جاڳڻ سان جيئڻ  جو ويساھ  ملي  ٿو

هڪڙا  شاعر  لفظن  کي  بس  تورين  ويٺا
تہ بہ تن کي فِقرو تحفي ۾  وهواه  ملي ٿو

ايڏو   ڪو   بحران   وڇوڙن    آندو   آه
مشڪل سان ڪنهن چاهيندڙ سان چاھ ملي ٿو

ٿر  لئہ  او  آڪاس!  رڙين سان  روئي پئو
مارُن  کي نہ  جوئر،  ٻاجهر،  گاھ  ملي  ٿو

جاکوڙڻ   جي   جذبي   جهڙا    بيت    کڻي

سسئي جي رفتار سان مونکي شاھ ملي ٿو

Post a Comment

0 Comments