ناول ”مهاراجا ڏاهر“ جو جائزو
امنگ آزادي
ناول مھاراجا ڏاھر جي ليکڪا ”ديبا سري چڪرورتي“ جو تعلق ڀارت سان آهي. ديبا سري چڪرورتي تاريخ جي شعبي ۾ پنھنجي تعليم مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ تاريخ جي مختلف موضوعن تي ٽيھارو ڪتاب لکي چڪي آھي، ۽ ان کان علاوه سندن جو نصير اعجاز کي ڏنل انٽرويو جيڪو ڪتاب جو حصو آھي مان پڻ اسان کي ليکڪا جي نجي ۽ پروفيشنل زندگيءَ جي باري ۾ ڪافي ڪجھ ڄاڻڻ جو موقعو ملي ٿو.
ديبا سري چڪرورتيءَ ھيءُ ناول بنگالي ٻوليءَ ۾ لکيو آھي، جيڪو پهريان انگريزيءَ ۾ راجيش گري ترجمو ڪيو جنهن کان پوءِ نصير اعجاز هن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
جيڪڏھن اسان ذڪر ڪيل ھن ناول جي باري ۾ ڳالھ کي اڳتي وڌايون تہ اسان کي خبر پوندي تہ ناول ٽن مختلف ڌارائن ۾ اسان کي پاڻ سان اوائلي اٺين صدي عيسويءَ جي سنڌ جي تاريخ سان گڏ ان وقت جي معاشي، سماجي، مذھبي اٿل پٿل جي ورڇ ڏانھن کڻي ھلي ٿو.
ناول ۾ شروعاتي طور تي پھرين ڪهاڻي ڪئڪان نالي شهر جي آهي جيڪو پنهنجي اوج تي آهي ۽ جنهن تي پوءِ عربن طرفان حملو ٿئي ٿو جيڪو بري طرح ناڪام وڃي ٿو.
ناول جي ٻي ڪهاڻي مهاراجا ڏاهر جي دور جي آهي جڏهن مهاراجا محمد بن علافي کي سنڌ ۾ پناه ڏني، ۽ سيلون جي طرف کان موڪليل ٻانهين ۽ تحفن جي کسجڻ جي انتقام وٺڻ لاءِ حجاز بن يوسف، محمد بن قاسم کي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ موڪليو.
ناول جي ٽئين ڪهاڻي موجوده سنڌ جي ڪهاڻي آهي تہ ڪئين هن وقت سنڌ ۾ هندو نياڻين جو جبري مذهب مٽايو وڃي ٿو ۽ مذهب جي غلط تشريح تحت نوجوانن کي جنت جا خوبصورت خواب ڏيکاري انهن کان خودڪش حملا ڪرايا وڃن ٿا ۽ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي تہ خودڪش حملن ۾ نوجوانن جو قصور ناهي ڇو ته ڪو به ٻار ڄائي ڄم کان دهشتگرد ناهي هوندو. اها دراصل انهن جي پرورش ۽ تربيت هوندي آهي ۽ ان ڪم جي لاءِ کين ٻاهران کان فنڊنگ پڻ ٿيندي آهي. ناول ۾ سائين جي ايم سيد جي ذڪر سان گڏوگڏ خان عبدالغفار خان جو پڻ ذڪر ٿيل آهي. ٽيئن ڪهاڻي جي آخر ۾ پنچجانياسين جو مستقبل جي مقصد جي لاءِ هي ڊائلاگ ”مان سمجهان ٿو تہ سنڌ جي آجپي تائين مهاراجا ڏاهر جي روح کي سڪون نه ملندو ڪنهن به نموني سنڌ جي آجپي جي هلچل کي اڳتي هلڻ گهرجي“ ۽ ناول جون آخري سٽون، ” اڏامندڙ پکين جي پرن جي چرپر کي ڏسي، کين محسوس ٿيو ڄڻ وشال رڻ جي هيٺان سرسوتي ندي وهندي هجي ۽ ندي جون لهرون سنڌ جي آجپي واري هلچل جون لهرون هجن جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ تيز ٿينديون پيون وڃن انهي هلچل ۾ کين سرحد پار هزارين ڳاڙها جھنڊا اڀرندي محسوس ٿيا جن سان گڏ آڪاش کي لوڏيندڙ نعرا بلند ٿي رهيا هئا . اسان کي پنهنجو سنڌو ديش گهرجي۔“ جيڪي ناول جي اختتام ۽ آزاديءَ جي شروعات جو ڏيک ڏين ٿيون.
” ناول جو تنقيدي جائزو“
جيڪڏھن اسان ڪو بہ ناول جيڪو تاريخي پسمنظر ۾ ۽ خاص طور تي قومن جي آزادي جي تحريڪ يا بقا واري ويڙھ بابت لکيو وڃي ٿو تہ ان جا مختلف طريقا ھوندا آھن جيڪي ليکڪ کي سامھون رکندي پنھنجي ناول جي پلاٽ کي وڌيڪ جٽادار بنائڻ لاءِ انھن طريقن جي مطابق ڪردارن جي جوڙجڪ ڪرڻ کپندي آھي.
مثال طور تي اسان تاريخي پس منظرن ۾ لکيل ناولن مان ڀارتي پنجاب سان تعلق رکندڙ مشھور سک دانشور، ناول نگار خشونت سنگهه جي ناول ”A Train to Pakistan“ جيڪو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمي ٿيڻ کانپوءِ اسان جي سامھون موجود آھي ان کي ڏسون ٿا تہ ان ناول ۾ خشونت سنگهه بدنام زمانہ سن 47ع واري ورھاڱي کي پنجاب جي ورھاڱي جي صورت ۾ نہ صرف چٽيو آھي پر ورھاڱي کان اڳ موجود گڏيل پنجاب ۾ مسلمانن، ھندو ۽ سک پنجابين جي رواداري ۽ گڏيل ڪلچر کي پڻ ان سانحي سان پيش ڪيو آھي تہ ھن ورھاڱي جي تحت نہ صرف زمين جي مخصوص حصن جي ورڇ ڪئي وئي آھي پر ھن ورھاڱي پنجاب جي گڏيل ڪلچر، رسمن ۽ پنجابي ٻولي کي بہ مذھبي بنيادن تي ھڪٻئي کان پري ڌڪي ڪري نہ صرف انساني حقن جي بري طرح سان ڀڃڪڙي ڪئي آھي پر نفرتون پر پيدا ڪيون آھن.
اھڙي طرح اسان ورھاڱي جي پس منظر م سلمان رشدي جي لکيل ناول ”Midnight Children“ کي بہ ڏسون تہ اھو ناول نفسياتي، سياسي ۽ مذھبي احساس ڪمتري کي چٽي ٿو ۽ ھن سانحي طرف پڙھندڙ جو ڌيان ڇڪائي ٿو تہ 47ع وارو ورھاڱو جيڪو آڌي رات جي برٽش ريڊيو تان ٿيو تہ ان رات پيدا ٿيل آڌي رات کان اڳ ۾ پيدا ٿيل ٻار تہ ڀارتي يا نئين ڄاول ملڪ پاڪستان جا حصو تہ ٿي ويا پر جيڪي ٻار ان آڌي رات جي وقت پيدا ٿيا انھن جي شناخت اڃان تائين حل نہ ٿي سگھي آھي ۽ اھي ٻار ان سانحي ساڻ پنھنجي اندر مختلف سماجي احساس ڪمتري کڻي پيدا ٿيا هئا.
جيڪڏھن اسان اھڙن ٻين تاريخي پس منظرن ۾ لکيل ناولن کي کڻون ۽ انھن جي آڌار تي ديبا سري چڪروتي جي ھن ناول جو تنقيدي اڀياس ڪريون تہ اسان کي ناول ۾ مختلف ڪميون ڪوتاهيون نظر اينديون، ھتي مان اھو لازمي چونديس تہ اھڙن تاريخي ناولن کي جيڪي تاريخي ناول سان گڏوگڏ قومن جي آزادي جي باري ۾ بہ ھجن تہ ان کي مخصوص قوميت واري عينڪ لاھي ڪري پوء پڙھڻ گھرجي جيئن ھن ناول ۾ راجا ڏاھر واري زماني جي ستين صدي جي پڇاڙڪي واري سنڌ ۽ اٺين صدي جي پھرين ڏھاڪي واري سنڌ جو اڀياس صرف قياس آرائين تہ مشتمل آھي. جيئن ھن ناول ۾ ان دور جي سنڌ جي مختلف مذھبي طبقن کان علاوه معاشي طبقن جي سياسي مفادن بابت معلومات نہ ھجڻ برابر آھي.
ھي ناول انھن سڀني واقعن، مفادن جي باري ۾ اسان کي ڄاڻ جوڳي معلومات نہ ڏئي ڪري صرف اھو ٻڌائي ٿو تہ راجا ڏاھر ھڪ مذھبي ھندو راجا ھو جيڪو پنھنجي پڇاڙڪي واري عمر ۾ عبادت ۾ مشغول رهندو ان جو مطلب تہ مھان راجا ڏاھر کي ان وقت جي سنڌ ۾ ھلندڙ ٻڌ مذهب جي پوئلڳن ۽ سناتن ڌرم جي پوڄارين ۾ مذھبي، سياسي ۽ معاشي ڪشمڪش ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ ھئي جنھن جي ڪري راجا ڏاھر جي حڪومت اندريان ئي اندريان ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي وئي.
ناول جي خوبصورتي اها آهي تہ هر ڪردار جي ڪڙئ سان ڪڙي مليل آهي ۽ ناول ۾ مسلسل بنياد تي تسلسل آھي جيڪو مرڪزي ڪھاڻي يا نقطي نگاه کان پڙھندڙ کي ڪٿي بہ غافل نٿو رھڻ ڏي، جئين ناول جو مين ڪردار پنچجانياسين عرف ڊاڪٽر اقبال جيڪو هڪ ٿيٽر جو اداڪار آهي ۽ جنهن جي ڏاڏي جي ڀينرن جي اهڙو ورتاءُ ڪيو ويو هو جيڪو 1971 جي جنگ ۾ بنگال جي اڪثر عورتن سان ڪيو ويو هو. ان جي ڪري مشن مهاراجا جي لاءِ پنچجانياسين کي چونڊيو ويو جئين هو موجوده سنڌ جي هندو عورتن سان ٿيندڙ زيادتين کي ناڪام بڻائي. مشن مهاراجا جي دوران پنچجانياسين کي سوريا ديوي ۽ راجا ڏاهر جون لکيل ڊائريون ملنديون آهن جنهن کي پنچجانياسين بنگالي هوندي، سنڌي جي سکيا حاصل ڪري لڳ ڀڳ 1313 سالن جي قديم سنڌي ٻوليءَ جي پڙهي ويندو آهي سو ڄڻ حقيقت کان پري ٿو لڳي. ان کان علاوه موجوده سنڌ جي هندو گهراڻي جنهن جا اڌ ڀاتي ڀارت لڏي ويا آهن آخر ۾ هتي رهيل ڀاتي به ڀارت ويندا آهن جيڪو ڪهاڻي جو وڏو ڊرا بيڪ آهي. ٿيڻ ائين گهرجي ها جيڪي گهر جا ڀاتي ڀارت آهن انهن کي واپس سنڌ اچڻ گهرجي ها جتان جا هو اصلي آهن. ناول ۾ سسپين آهي ڪٿي به بوريت جو احساس ناهي ناول مان اسان کي اها سکيا ملي ٿي تہ هاڻي صحيفن، اهنسا ۽ رواداري جو دور ناهي جيڪڏهن ڌرتي کي ڌارين کان آزاد ڪرائڻو آهي تہ ان جي لاءِ صرف قرباني نه بلڪ وڙهڻ، پاڻ کي مضبوط ڪرڻ بہ ضروري آهي.
هيءُ ناول 304 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سنسار پبليڪشن پاران 2024ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن جي قيمت هڪ هزار روپيه رکي وئي آهي. ناول جو ٽائيٽل پيج انقلاب ۽ آزاديءَ کي ريپريزنٽ ڪري ٿو.
0 Comments