!اي سنڌ جا علي
مير سردار چنڙ
سنڌ ۾ ادبي هيرن جي ڪا کوٽ ناهي. سنڌ ۾ سوين ستارا اڀريل آهن، اڄ به جڳمڳ آهن، جن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي انهن مان سنڌوءُ جو سڪيلڌو علي بابا پڻ هڪ آهي. علي بابا 1945ع ڌاري نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ) ۾ محمد رمضان رند جي گھر جنم ورتو، سندس نالو علي محمد رکيو ويو. ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي علي بابا جي روپ ۾ عالمي ليول جو ڪهاڻيڪار ثابت ٿي سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو.
علي بابا جا وڏا اصل بلوچستان جا هئا جيڪي بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهائش پذير ٿيا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان بلوچ ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو، جيڪو ڪوٽڙيءَ لڏي آيو. عليءَ پرائمري تعليم نانگو لائن ڪوٽڙيءَ مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ شيردل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. جڏهن مئٽرڪ جا امتحان ٿي رهيا هئا ته عليءَ هڪ ڇوڪري کي ڀوندو (بجو) ڏنو ته کيس هڪ استاد امتحاني سينٽر مان ڪڍي ڇڏيو، پوءِ وري هن اسڪول جو منهن نه ڏٺو ۽ مئٽرڪ ۾ فيل ٿي پيو.
علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرٿي ٿيو، جتي ست سال نوڪري ڪيائين بعد ۾ ڪپڙي جي مل ۾ اسسٽنٽ ميئنيجر طور ڪم ڪيائين. 1965ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيائين.
علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو. جنهن جو ذڪر ”سنڌ باد جوسفر“ ۾ ڪندي چوي ٿو ته ”مون تمام ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ان وهيءَ ۾ مون اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئي هئس.“
اهڙيءَ طرح عليءَ ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو. پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو، لڳاتار سلسلو هلائيندي 1965ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو. سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدريءَ جي ميگزين ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي.
علي بابا پنهنجي قلم کي سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ سان هلايو. هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو. هن سدائين سخت پورهيئي سان لکيو ھو ڪڏھن بہ ڪنھن سستي شھرت ڏانھن ڪونہ ڀڳو. علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو، سنڌو درياءُ، ڪارونجھر جبل، ٻيڙي مهاڻا ۽ تاريخ هئي.
علي بابا جو هڪ عظيم خواب هو ته سنڌو درياءُ کي ماضي واري موجن ۾ ڏسان ان جي چوڌاري وڻ ٻيلا ڏسان سنڌ ۾ پاڪ پويتر پاڻي ڏسان نه ڪي پنجاب جي فيڪٽرين جو ڪيميائي پاڻي ۽ سکر حيدرآباد تائين جي گٽرن جو پاڻي ڏسان، علي بابا سنڌو کي ٻيھر موجن ۾ ڏسڻ چاهي پيو .
علي بابا پنهنجي جيون ۾ 300 کان مٿي ڪھاڻيون ريڊيو ڊارما لکيا. علي بابا جي ڪھاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضع هئا، هو پنھنجي ڪھاڻين ذريعي پوئتي پيل پيڙھيل طبقي جي ماڻھن جي دردن جو آواز بڻيو. سندس ڪھاڻين ۾ غريبن ٻاليشاهين جي زندگين جا داستان، سنڌو درياءُ، رني ڪوٽ، ڪارونجھر جبل جا عڪس موجود آهن. علي بابا جي ڪھاڻين جي موضوع جي حوالي سان مدد علي سنڌي پنھنجي مضمون ” ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي “ ۾ لکي ٿو ته ”علي بابا جڏهن ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون تڏهن سنڌي ڪهاڻي جو اهم دور هو پر اسان جي ليکڪن جي ڪھاڻين جا گهڻو ڪري موضوع وڏيري ۽ هاريءَ تائين محدود هوندا هئا. جيتوڻيڪ حفيظ شيخ، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، نسيم کرل نوان موضوع آندا هئا پر علي بابا اهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن سڀ کان پهرين قومي ڪهاڻين جو آغاز ڪيو. اها ڳالھ 1960ع جي آهي.“
علي بابا هڪ حساس ڪھاڻيڪار هو، هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو، هر وقت پيو لکندو هو سندس هر ڪھاڻيءَ ۾ احساس سمايل آهي، شاعراڻي ڪھاڻيءَ جو فن به علي بابا لکڻ ڄاڻي. سندس هر ڪھاڻيءَ جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي. اهي گڻ انھن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ طرف ڇڪڻ ڄاڻيندا آهن. ايئن ئي علي بابا جون ڪھاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن. سنڌوءَ کان ويندي ڪارونججهر، ڪينجهر، رني ڪوٽ، کي علي بابا پنهنجي اصلي حيثيت سان ڏيکاريو آهي. علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان آڏو پيش ڪيا آهن. جن کي اسان لاپرواهيءَ ۾ وساري چڪا آهيون. سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن. علي بابا، چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي، اسان ماڻهو جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪھاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون آھن. علي بابا پي ٽي ويءَ تي ڪيترائي ڊارما لکيا. ھن 100 سؤ کان مٿي ڊاراما لکيا، جن مان ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجهه دياهه ۽ ٻيا مشهور ٿيا.
دنگي منجهه درياءُ
دُنگي منجهه درياءُ علي بابا جو هيءُ هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙ کي ڏندين اڱريون وجهي ڇڏيون هيون، سڀ ان ڳالهه تي حيران هئا ته علي بابا سنڌي ادب ۾ اهڙو ڊارمو ڪيئن سرجي سگھي ٿو. ھي ڊرامو 1976ع ۾ جرمنيءَ جي شهر ميونخ شهر جي عالمي ميلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، جتي 79 ملڪن حصو ورتو هو ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو آھي. هن ڊارمي ۾ سنڌو درياءَ جي جيون کي شاندار نموني سان پيش ڪيو ويو آھي. مهاڻن جي زندگي ۽ انھن جي رهڻي ڪھڻيءَ کي اعلي طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ڊارمي ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان به علي بابا بھترين ڪم ڪيو آهي. سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀايو اٿس، ٺيٺ سنڌي استمعال ٿيل آهي، پھاڪا پڻ شامل آهن. هن ڊارمي جا ٽي مرڪزي ڪردار آهن، ڍانڍي (مڙس) ڏاڻو (زال) ساماڻو (پٽ ). علي بابا ٽنھي سان برابر انصاف ڪيو آهي. انهن ٽنھي مان ڌاڻو تيز عورت جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊارمي جا ڪجھ منظر هتي پيش ڪجن ٿا.
”ڍانڍي ڄار سولو ڪري سرهه سڌو ڪري ٿو. ٻيڙِ درياهه ۾ چير وجھندي، هوائن جي زور تي ڪنهن طرف وڌندي ٿي نظر اچي ڪئمرا ڌاڻو کي ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ليٽنڊي ٿي ڏيکاري اوچتو ڌاڻو جو پٽُ ننڊ مان ڇرڪ ڀري روئڻ ٿو لڳي.
ٻار : آن آن....موندو ڦوتنو.... آن... آن... آن.... مونديو ڦتو
(هيج مان)
ڌاڻو : الي الي توندو ڦوتنو خواب لڌو اٿئي ماٿلي ڪري س،هي پئُه لطيف جو آيو ڪيِن آيو پوءِ پانجي پت کي گالو گالو ڦوتنو وٿي ڏينديس ۽ رنگ برنگي ڳانو ڳچيءَ ۾ پائيندين نه. هان وٺ ويبي“
*
”ڍانڍي : رن، منڇر مان لڏيئي، ڪينجهر مان لڏايئي، هاڻ درياهه شاهه تان به ٿي تڙائين ڇا؟
ڌاڻو : ڇو، وات ڇو بند ڪريان ؟ درياهه بادشاهه جي دُن ۾ ايتريون مڇيون به ڪون هونديون جيتريون منهنجي پيٽ ۾ گاريون_ او.... ڪوٽڙي واري پل تان بيهنديساءِ
(منشي کي نھاري نماڻائيءَ مان)
ڍانڍي : صائين، دل ۾ مَ ڪجان هيءَ ٿوري واترادي آهي
(ڪجهه جھيڻو ٻوليندي ٿهمَر سان)
ڌاڻو : ڇو ؟ آئون وڏي واترادي آهيان ڏيڍ هزار گاريون برزبان ياد اٿم .
هي سين نمبر ون 1 مان ڪجهه ڊائلاگ کنيل آهن“
علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدا بھار گيت لکيو جيڪو جيجي زرينه بلوچ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايوم جھڙو سدا بھار گيت تھڙو ئي سدا بھار آواز هو. هي گيت درياه جي درد تي سمايل گيت آهي، جنهن ۾ علي بابا درياهه جو درد پيش ڪري ٿو، جنهن جو سٽون هن ريت آهن:
اسين ماڻهو لاڙ جا
درياهه جي پڇاڙ جا
اُترڙو ٿو لڳي
اُترڙو ٿو لڳي الا
واسڙو ٿو لڳي
جھڙيل جھوپڙا پنهنجا
هانوَ به هڄيل پنهنجا
تو بن منهنجو ڙي راڻل
روحَڙو نه لڳي
اسين ماڻهو لاڙ جا
درياهه جي پڇاڙ جا
اُترڙو ٿو لڳي
تو سين منهنجا جھيڙا
توسين منهنجا ميڙا
توکي ڏسيو ڙي راڻل
ساهڙو ٿو کڄي
ساهڙو ٿو کڄي ڙي الا
اسين ماڻهو لاڙ جا
سنڌ باد جو سفر
علي بابا سنڌ باد جو سفر ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو. هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي. هن ناول جي اها خوبي آهي ته علي بابا هن ناول ۾ ڪٿي به رت ناهي وهايو. هن ناول اندر سنڌباد نالي هڪ ڇوڪري کي سنڌ ملڪ جي سيلاني (سفير) طور پيش ڪيو آهي، جيڪو ٻيڙي ذريعي درياءَ بادشاه جو سير ڪري ٿو. هن ناول ۾ ۾ درياءَ ۽ ڪارونجهر جي ڪور جي آسپاس جا ڪجهه منظر پيش آهنم ناول ۾ موجود سڀ ڪردار گوڪل گوڪان، هوٿل پري، ديو ۽ مھاڻو، هن سڀني ڪردارن سان ٺھڪندڙ ڊائلاگ لکيا آهن. جيتوڻيڪ هي ناول اڻپورو آهي پر پوءِ به اڻپورت جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي علي بابا جي هن ناول ۾ علي بابا جو قلم ڪٿي ڪٿي وزنائتا لفظ کڻي آيو آهي ته ڪٿي تمام سادا سولا لفظ لکيا آهن. ڪاش اڄ علي بابا زنده هجي هان ته اسان کي هن ناول جو ٻيو حصو به پڙهڻ لاءِ ملي هان.
علي بابا ڏک وچان مھاڳ ۾ لکي ٿو ته : ”ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته آئون ان تي آزاد ٿي لکان هان ۽ آرٽسٽ کان پنهنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺهرائي ناول سهڻي نموني ڏيان هان ته ناول وڏيڪ اثرائتو ٿئي هان.“
موهن جو دڙو
علي بابا جو شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي، جيڪو هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي رھيو آهي. هن ناول ۾ به علي بابا سٺو نڀايو آهي، هي شاهڪار ناول ٻن حصن ۾ اچڻو هو پر ٻيون حصو اڌورو رهجي ويو ۽ علي به ڪوهين ڏور هليو ويو، باقي پهرين حصي جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن.
هن ناول جون ڪجهه قسطون 1968ع واري دور ۾ حميد سنڌيءَ جي ميگزين ” روح رهاڻ “ جي آخري پرچن ۾ شايع ٿيون هيون ”روح رهاڻ“ تي بندش کان پوءِ بقايا قسطون شمشير الحيدري جي ميگزين ” نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيون. هن ناول بابت مدد علي سنڏي لکي ٿو ته ” تمام گھٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته جڏهن علي بابا پنهنجو اهو شاندار ناول لکي رهيو هو ته ان وقت هن اکين سان موهن جو دڙو گھمي به نه ڏٺو هو. پر هن ناول ۾ جيڪا هن منظر ڪشي ڪئي آهي يا هن ۾ مطالعي ۽ ابزرويشن جو جيترو تعلق آهي اهو سندس اعليٰ ذهن جو اظهار آهي ”سنبارا“ لفظ به اسان علي بابا جي واتان ٻڌي ۽ ناول ۾ پڙهي پوءِ واقف ٿياسين.“
مدد علي سنڌيءَ جي هن راءِ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته علي بابا ڪيترو نه ذهين هو هن پورو تجربو مشاهدو گھر ويٺي ڪتابن مان ڪيو ۽ اهڙو شاندار ناول لکي تاريخ رقم ڪيائين.
علي بابا 1983ع ۾ پهريون ڪھاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ڪرايو. ان کان علاوه سندس ٻيا ڪتاب 1984ع ۾ ڪھاڻين جو آيل ڙي اولاڻ، 1990ع ۾ موهن جو دڙو ناول، 1993سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ 1996ع ۾ منهنجون ڪھاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا.
علي بابا کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا تي سگا سنڌ هڪ هزار روڪ ۽ ايوارڊ ڏنو، سنڌ الاجي پاران ساڳي ئي ڪتاب تي ايوارڊ سان نوازيو ويو. شاهه لطيف ڊرامئٽڪ سوسائٽي پاران گولڊ ميڊل ۽ حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
سنڌوءَ جو هي مست درويش ڪھاڻيڪار 8 آگسٽ 2016ع تي سومر جي ڏينهن 71 سال 7 مهينا گذاري هميشه لاءِ سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو. علي بابا جي وفات کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽري جو نالو تبديل ڪري علي بابا گورنميٽ ڪاليج رکيو ويو ۽ سندس مرڻ کان پوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا. افسوس! اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇون هان ته شايد علي اسان کي گھڻو ڪجهه اڃا ڏئي وڃي هان. پر ڏئي به ڇو هان؟ جيڪو علي بابا اسان کي ڏئي ويو ان بدلي ۾ کيس اسان ڇا ڏنو آهي؟ دُنگي مجهه درياهه جهڙو ڊرامو يا موهن جو دڙو جهڙو ناول ڪنهن ٻئي ادب اردو يا انگلش ۾ لکجي ها ته ان ليکڪ کي ڇا ڇا ملي ها، توهان سوچي به نٿا سگو، پر هن ليکڪ کي ايترا پئسا نه مليا جو هو پنهنجي مرضيءَ مطابق هڪ ڪتاب ڇپرائي سگهي. بس هن جو ڏوھ اهو هو ته هي هڪ غريب سنڌي هو ۽ ڪنهن ادبي ٽولي جو ساٿي نه هو، نه وٽس ڪو عھدو هو. علي اسان جي دلين مان به اڄ ميسارجڻ لڳو آ.
احمد شاڪر مضمون ”سنڌوءُ جي سير ۽ علي بابا“ ۾ لکي ٿو ته،
”جيئن سنڌ ۽ سنڌو علي کان دور ٿيندا پيا وڃن ايئن علي اسان توهان کان دور ٿيندو پيو وڃي.“ اسان جڏهن ابتا پيرا کڻنداسين ته علي اسان کان نه پر اسان علي کان ڏور ٿيندا پيا وڃون.
آئون شاد عظيم آباديءَ جو هي شعر علي بابا جي نانءُ ڪندس:
ڈھونڈوگے اگر ملکوں ملکوں ملنے کے نہیں نایاب ہیں ہم،
جو یاد نہ آئے بھول کے پھر اے ہم نفسو وہ خواب ہیں ہم.
مددي ڪتاب
هڪ نظر هيڏانهن به : احمد شاڪر
موهن جو دڙو : علي بابا
سنڌ باد جو سفر : علي بابا
سنڌي ادب : يوسف سنڌي
ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي : مدد علي سنڌي
0 Comments