سنڌي ادب جو فڪر ۽ جديد تصور !

 سنڌي ادب جو فڪر ۽ جديد تصور !

نوشاد رضوان



ادب جي تاريخ ۽ اوائلي دور هومر (Homer) جا داستان ۽ يوناني سماج مان ملن ٿا جنهن کي ادب انساني جو شروعاتي دور بہ چيو وڃي ٿو. جڏهن کان ڪائنات جي ڪشادگي ۽ ويڪرائي کي انساني ذهن ڇهڻ لاء ڪوشان ٿيو ۽ ان ۾ شعور سوچ ۽ فهم اسرڻ لڳو تہ ان خيال پرک تحقيق تمثيل ۽ تخليق جا جز پيدا ڪيا ايئن ئي انسان شعوري ڪيفيتن جي مدع نظر ارتقا پسند ٿيو ۽ اظهار جي سگهہ ڪر کنيا جنهنڪري ادب براء زندگي جي راھ تي هموار ٿيو انهي اظهار کي اتارڻ لاء بہ وڏي جستجو آهي وڏي جاکوڙ ۽ تاريخ جو الڳ حصو آهي، پاڻ انهي ڊگهي بحث کي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي بقول مثال ڏئي مختصر ڪنداسين ” اهڙي ريت جنگنامن ۽ دعائن يا وينتين کي بہ تمام آڳاٽو محفوظ ڪيو ويو ۽ ايئن ئي جنگنامن (War Songs Or Epics) چوڻ ۽ ياد ڪرڻ جو رواج پيو ۽ ڪن حالتن ۾ انهن کي لکيو ويو چون ٿا اهڙا انڊا جيڪي پٿرن تي موجود آهن سي اڳ ۾ ڪنهن عالم ليکڪ جي هٿ سان پٿر تي ليڪ جي صورت ۾ لکبا هئا ۽ پوء اڪر جا قابل انهن کي وڌيڪ سهڻي ۽ گهري شڪل ڏيئي هميشہ لاء محفوظ ڪري وٺندا هئا يعني هڪ ئي صورت کي لکڻ لاء ٻن عالمن جي ضرورت پوندي هئي جنهن ۾ عالم انسان سان گڏ پورهيت انسان بہ اوتروئي ڪم ڪندو هو “

ادب ۾ فڪر جو نہ هجڻ ادب جي وصف ۽ مفهوم خاصيت بيان ۽ توصيف فڪر سواء اڌوري آهي.

سنڌي ادب جو فڪر ڪلاسيڪل دور جي شروعات کان  جديد ادب تائين ڀرپور نموني پيش اچي رهيو آهي انهي دوران ڪيترائي فڪري پهلو تاريخ تهذيب ٻوليء جي عڪاسي ڪن ٿا انهي وقتن جي حالتن حقيقتن سان گڏ مزاحمت رومانويت ترقي پسندي سميت بيداري ادب جو فڪر سنڌي ادب جي شاهڪار خزاني مان ملي ٿو. صوفي شاھ عنايت ، خواجہ محمد زمان ، شاھ لطيف ۽ سچل جو فڪر هن سرزمين سنڌ جي هر روشن خيال انسانن جي ذهن تي تن فڪري قدرن جي ڇاپ آهي. علامہ آء آء قاضي چيو آهي تہ علم و ادب جي واڌاري جو مدار فڪر تي آهي ڇو تہ فڪر ئي هر مضمون ۽ بيان جو سرچشمو آهي،.

سنڌي ادب جو فڪر لافاني لاثاني ۽ هفته زبان شاعرن جي ڪلام ۽ مفڪرن جي ڪارائتي ڪم ۽ ڪردار سان حقيقت پسندي Realism جو سچو پچو ثبوت آهي سنڌي ادب نہ رڳو فڪري لحاظ کان شاهوڪار آهي پر ان تي فني حوالي سان بہ ڪيترائي تجربا ڪامياب ٿيا آهن جن جو خاص ڪارڻ ٻوليء طرف آهي سنڌي ٻوليء ۾ لفظن جو ذخيرو تہ وسيع آهي پر تشبيهون استعاره بہ بيشمار لاتعداد آهن ذڪر فڪر سان گڏ فن جو بہ هليو پئي تہ سنڌي ادب جي خاص طور نظم واري ڀاڱي ۾ سنڌي شاعري تي ادبي آزمودي جي مهارت حاصل آهي ڪيتريون ئي صنفون رائج ٿيون ۽ انهن جا فني ڪارناما ڪامياب ٿي چڪا آهن ۽ انهن سان گڏ سنڌي شاعري ۾ صنعتون بہ سنڌ جي ادب جي مضبوطي جي علامت آهن، سنڌي شاعري ۾ خيالن جي پختگي علم عروض جو پئمانو رومانوي فطرتي رنگ اظهار بيان رواني جماليات محاڪات عڪسيت Imagism جو ڪمال جو هنر بہ رچيل آهي.

سنڌي ٻوليء جو اوائلي دور ڪلاسيڪل ادب کان جديد ادب تائين ۽  منهنجي خيال مطابق هاڻي تجريد ادب شروع ٿيو آهي جنهن جو ٻج ڇٽيو وڃي پيو اڄ جو اڪثر نوجوان شاعر ليکڪ پنهنجي سوچڻ Thinking جو انداز بہ نرالو رکي ٿو هو پنهنجي تخليق جو لباس سهڻو ڪرڻ لاء پنهنجي ادب جي معيار کان هٽي وڃي ٿو جيتوڻيڪ ادب ۾ ڪي اهڙي قسم جون پابنديون تہ رکيل ناهن پر ڪي دنگ ضرور آهن جن جو ضابطو ۽ محافظي ڪرڻ تخليقار جي ذمع آهي جن سان ادب جو معيار منسلڪ آهي.

اڄ جي دور ۾ جديد شاعري جي سري هيٺ سرجندڙ تجريدي خيالن واري شاعري ۾ بنا فڪر ۽ بغير ڪنهن پيغام جي صرف لفاظي ۽ بي سواد خوبصورتي رچيل آهي جنهن ۾ ادب جي صحيح معنيٰ مطابق ڪا بہ سماج جي تصوير ۽ ڪنهن بہ زندگي يا انساني صورتحال Social Structure عام ويچار تصور Concept ڪو بہ رکيل ناهي ڪٿي ڪٿي ماڪوڙين کان آسمان کڻايو وڃي پيو تہ وري ڪڏهن سگريٽن جا ٽوٽا ڊسٽ بن مان پاڻمرادو ڀڄي وڃن ٿا اهڙو ادب سنڌي ادب جي مقبوليت واري انهي روايت پسندي Nominaism جي تسلسل کي برقرار رکندو ؟

ٻئي طرف سنڌي ادب جي فڪري اڏار ۽ بلندي شاھ جي ان ننڍي بيت مان مثال وٺجي ٿي .

ڪنز قدوري قافيہ جي پڙهي پروڙين سڀ

تہ ڪر منڊي ماڪوڙي کوھ ۾ پئي ڪڇي اڀ

ادب جي زوال ۽ قدرن جي اهم ذميواري ادبي تنقيد  Literary Criticism جي حوالت آهي جڏهن تہ اسان وٽ موجوده دور ۾ ڏسجي تہ اهڙو ڪو بہ نقاد موجود ناهي جيڪو ادبي تنقيد جي خاصيتن ۽ وصفن تي پورو لهي جيڪڏهن اسان وٽ ادبي تنقيد متحرڪ ٿيئي تہ اسانجي ادب جو معيار سلامت رهي سگهي ٿو.

ادب مان جيستائين ڪو سماجي ڪارج نٿو ملي انساني جذبن ۽ سندن حالتن جي عڪاسي نٿي ملي مفيد ۽ مثبت پيغام نٿو ملي تہ اهو ادب پنهنجي اصلي شناس ظاهر نہ ڪندو. ليکڪ پنهنجي قلم ۾ ارتقا تڏهن آڻيندو جڏهن هو پنهنجي تخليق جي پاڻ تحقيق ڪندو ۽ ان ۾ پختگي Comfirmity ڳوليندو تہ ان کي انهي گهرائي ۾ قدرن جو ٺهڻ Norm Formation نظر ايندو جنهن سان هو پنهنجون لکڻيون جٽاءُ دار ۽ مضبوط ڪري سگهندو اهڙي ئي عمل سان ڪارڪردگي جو دائرو Frame Of Reference بهتر بڻجي سگهي ٿو.

اسان وٽ نئين ٽهي پنهنجي ادب ۾ ڪو بہ پيغام ڪو بہ خيال ، نظريو ، فڪر نہ ڏيندي تہ انهن جون تخليقون منهنجي خيال مطابق سنڌي ادب لاء افاديت بجاء هاڃيڪار ثابت ٿينديون جديد سنڌي شاعري مُني صدي اڳ ايراني ماحول مان آجي ٿي پنهنجي ٻوليء سميت پنهنجي پيرن تي بيٺي تہ مٿان اهڙي صورتحال جديد سنڌي شاعري کي ترقي ڏياريندي يا ڀت سان لڳائيندي اهو ايندڙ عرصي تي ٿا ڇڏيون.

هڪڙي پاسي ڏسجي سنڌي ادب جي آڪاس تي ون يونٽ جي دور ۾ جديد سنڌي شاعري چوڏهين جي چنڊ مثل جرڪي چڪي آهي تہ ٻيو هي نئون دور پنهنجو آغاز ڪري چڪو آهي.

Post a Comment

0 Comments