لطيف سنڌ جو غرور
راجا ساگر مھر
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر، فلسفي ۽ پيغام تي ڪافي عمدو ۽ معياري تحقيقي ڪم ٿي چڪو آھي ۽ ٿيندو رھي ٿو. پر ڏٺو وڃي، تہ ھن وقت تائين شاھ صاحب جي شاعريءَ تي اڃا مڪمل نموني سان ڪم نہ ٿي سگھيو آھي. لطيف شناسيءَ جي ھاڻي بہ تمام گھڻي پيماني جي حاجت آھي. لطيفيات جي ماھرن کي اڃا بہ سخت محنت جي ضرورت آھي، تہ جيئن لطيف سرڪار جي فلسفي کي آسان کان آسان لفظن ۾ پيش ڪري، پوري سنسار تائين ڦھلائي سگھجي. لطيف سائينءَ کي وستيءَ وستيءَ، گھر گھر کان ويندي فرد فرد تائين پھچائڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ لطيف سائين سنڌوءَ ماٿريءَ جو عظيم سرمايو آھي.
شاھ سائين امن، ڀائيچاري ۽ محبت سان گڏوگڏ مسلسل جدوجهد، جاکوڙ، ثابت قدمي ۽ حب الوطنيءَ جو پيغام پڻ ڏئي ٿو. شاھ لطيف جي شاعري ھڪ گھري سمنڊ جي مانند آھي، جيڪو بہ سندس شاعريء کي مٿاڇري کان پرکڻ جي ڪوشش ڪندو، تہ کيس لطيف جي شاعري مھا ساگر ۾ آيل طوفانن سبب پيدا ٿيل خوفناڪ ۽ ڀيانڪ لھرن ۽ ڇولين وانگر تڪليف ڏيندڙ، اھنجي ۽ دماغ چڪرائيندڙ محسوس ٿيندي. پر جيڪو مَنُش سندن اونھاين ۾ پيھي وڃي ٿو، تہ کيس لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جو اعليٰ ۽ اُتم منظر نظر ايندو، ان پُرُش کي سندس گھراين ۾ اھڙا تہ انمول ماڻڪ موتي ۽ ھيرا ملندا، جيڪي ڪنھن ٻئي ڏاھي جي جھوليءَ مان حاصل ٿيڻ گھڻي ڀاڱي ناممڪن پيو ڏسجي.
ملير جي مارئيءَ وارو ڪردار حب الوطنيءَ ۽ اِستِقلال جي جذبي سان سرشار آھي. شاھ صاحب مارئيءَ جي ڪردار ذريعي اھو درس ڏئي ٿو، تہ چاھي ڪھڙي بہ قسم جي صورتحال نمودار ٿي وڃي، ڀل توھان پنھنجو سڀ ڪجھ وڃائي ويھو، پر وطن سان دغا ڪڏھن ناھي ڪرڻي- ديس کي وسارڻو ناھي. مارئيءَ ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪيون، بي ڏوھ قيد ڪاٽيا. جنھن سونھن ۽ حُسن تي کيس ناز ھو، اھو جمال وڃائي ويٺي. پنھنجن ماروئڙن جي حب ۽ تانگھ تياڳ ڪرڻ لاءِ قيمتي جواھرات ۽ ٻيون شيون مھيا ويون، پر مارئيءَ کين قبول ڪري پنھنجي وطن سان ويساھ گهاتي ڪانہ ڪئي. لطيف سائين تہ فرمائي ٿو، "حيف تنهين کي هوءِ، وَطَن جن وِسارِيو." مارئيءَ ڏانھن ڏسو ڪھڙيون نہ سختيون سٺائين، پر پوءِ بہ ثابت قدم رھي ۽ سندس ديس سان محبت ماندي نہ ٿي سگھي. وطن اسان جي شناخت آھي. ٿورڙي وقت جي عيش عشرت لاءِ ان ڌرتيءَ کي ڀُلائي ڇڏڻ؛ جنھن جي ھنجَ ۾ اسين پليا ۽ نپيا آھيون، تہ تاريخ اسان کي ڪھڙين نگاھن سان ڏسندي.
”ايُ نہ مارُن رِيت، جِئن سِيڻ مٽائن سونَ تي.“
ڀٽائيءَ جي ھڪَ ٻي ڪردار سسئيءَ تي نظر ڊوڙائبي تہ مسلسل جدوجهد، جاکوڙ، جفاڪشي ۽ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھر دشوار پربت کي منھن ڏيڻ جھڙا غير معمولي سبقَ اسان جي آڏو ايندا.
”هَلندي هوتَ پُنهون ڏي، آئون پيرين پنڌَ ڪَندِياس،
جي پيرنَ پنڌَ ڇَڏِيو، تہ گوڏَنَ ڀَر گِسڪَندِياس،
جي گوڏَن گِسڪَڻ ڇَڏِيو، تہ آئون هَٿن ڀَر هَلندياسَ،
جي هَٿن هَلڻَ ڇَڏيو، تہ ٺُوٺين ڀَر ٺُڙڪَندِياسَ،
جي ٺُوٺِين ٺُڙڪڻَ ڇڏِيو، تہ چيلِھ ڀَر چُرَندِياس،
جي چيلِھ چُرَڻ ڇَڏِيو، تہ آئون سِيني ڀَر سُرَندِياس،
جي سِيني سُرَڻ ڇَڏِيو، تہ آئون اَکِين سان اِيندِياس،
ڪَرِڙا ڏُونگر ڪَھ گهڻي، آئون چوٽِيءَ تي چَڙھَندِياس،
مرون ٿي مرن ۾، جبل جهاڳيندياس،
هُجائِتي هوتن کي، آئون ڏوراپا ڏيندياس،
پوءَ مِليا تہ مِلندياسَ، نہ تہ گهوريءَ جانَ جَتنَ تان“ ۔ شاھ
سسئ ھڪ عورت، جنھن کي اسين ڪومل، نفيس ۽ لطيف چئون ٿا، سا پنھونءَ جي جستجوءَ ۽ تلاش ۾ ڪيترا ڪشالا ڪڍي ٿي، ڏک ڏاکڙا سِر تي کڻي ٿي، پيرين پنڌ جبل جھاڳي ٿي، رِڻ پٽ لتاڙي ٿي ۽ چوي ٿي تہ، ”ڏُونگَرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرِين.“ اھي سڀ تڪليفون برداشت ڪرڻ لاءِ آخر ڪھڙي شيءِ کيس ايتريقدر اتساھ سان لبريز ڪري ٿي...؟ لطيف سائين فرمائي ٿو، ”مُحَبَّتَ جَن جي مَنَ ۾، تَن تَشنَگِي تارِ“ اھو عشق ئي آھي، جيڪو سوريءَ چاڙھي ٿو، گھاڻن ۾ پيھاري ٿو، قيد ڪاٽرائي ٿو. شاھ سائين اسان کي عشق واري اھنجي ۽ جوکائتي سفر جي راھ ۾ پٺتي نھارڻ جي ترغيب ڪونہ ٿو ڏئي، بلڪِ ھوُ تہ چوي ٿو، "پَسِي ڏُونگَرَ، ڏاھِ! جِمَ ھَلڻ ۾ ھِيڻي وَھين." متان مصيبتن جا جبل ڏسي، پنڌ ۾ پوئتي پوين. اسان لاءِ سندس پيغام آھي تہ،
”لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئي، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪاھ“
ھڪَ نظر سھڻيءَ کي پَسيو، جيڪا ھن سماج جو بنھ باغي ۽ سرڪش ڪردار آھي. شاھ لطيف جي چونڊ تہ ڏسو، جنھن عورت کي دنيا مصيبت ۽ مسئلو سمجھيو آھي، ھن برجستي ماڻھوءَ انھيءَ عورت کي پنھنجي شاعريءَ جو مرڪز ۽ محور بڻايو آھي. اسان جي معاشري ۾ جتي عورت کي فقط ھڪ گوشت جي ٽڪري جي حيثيت حاصل آھي. ان جي برعڪس لطيف سرڪار عورت کي عشق جي استاد سڏيو آھي. مرد جي محبت جسم جو ڄار آھي، پر عورت جي محبت روح جي آزادي آھي. مرد جي محبت ھڪ افسانو آھي، پر عورت جي محبت شُڌ حقيقت آھي. مرد، جسم جي جھنگ ۾ ڀٽڪندڙ ھڪ بکايل درندو آھي، پر عورت روح جي چمن ۾ اُڏامندڙ ھڪ لطيف ۽ ڪومل پوپٽ آھي. سھڻيءَ کي اگر ھن معاشري جي ناقص ذھنيت واري عينڪ سان ڏٺو وڃي، تہ ھوءَ ھن سماج ۾ ناقابلِ برداشت ڪردار آھي. اھڙي جڳت ۾ رھڻ باوجود شاھ صاحب کيس پنھنجي سورميءَ طور پيش ڪيو آھي، ۽ ثابت ڪيو اٿائين تہ واقعي ئي عورت معشوق نہ بلڪ عاشق آھي. جڏھن عورت پريتڻو ڪندي آھي، تہ کيس دنيا جي پرواھ قطعي نہ ھوندي آھي. سھڻيءَ جو نينھن انتھا درجي تي وڃي رَسيو ھو. ”جَن کي عِشقُ عَمِيقَ جو، خُلوَت خَيالي“ ھوءَ عشق جي ساگر ۾ ايترو تہ محو ھئي، جو کيس ڪچي ۽ پڪي گھڙي جي پرک ئي ڪانہ رھي. "ڪَچي ساڻُ ڪَھِي، پَڪو پُڇي نَہ سُھڻي." سھڻيءَ جو ڪردار دنيا سان مھاڏو اٽڪائڻ جو سيکاري ٿو. ضروري ناھي تہ جيڪي فيصلا توھان جي مٿان جبري طور مڙھيا پيا وڃن، تہ توھان کين اکيون بند ڪري قبول ڪريو. ڀٽ جو گھوٽ تہ اسان کي انڪار ڪرڻ سيکاري ٿو.
”اَکِ اُلٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين؛
جي لَھِوارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ؛
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.“
لطيف سرڪار جو تہ فلسفو ئي آھي، تہ اک ابتي اختيار ڪر، عام ماڻھن جي ابتڙ ھل. جيئن ٻيا ماڻھو دنيا کي ڏسن ٿا، تيئن تون نہ ڏس. جيئن ھو دنيا ۾ ھلن ٿا، تيئن تون نہ ھل. جيئن ھو سوچن ٿا، تيئن تون نہ سوچ. اھا منزل ماڻيو، جنھن لاءِ ڪنھن جي سوچ بہ پرواز نہ چڙهي سگھي. جي ماڻھو لھوارو ھلن، دنيا جي وھڪري ۾ لڙھن تہ تون اڀارو ترُ. سماجي ريتن، رسمن ۽ ٻنڌڻن کي ٽوڙي ڪا نئين رُت آڻيو. عوامي ميڙ کان ڌار ٿي ھلو، پنھنجي سفر جي راھ پاڻ جوڙيو. نويڪلائيءَ کان گھٻرايو نہ، پنھنجي جستجو جاري رکو. ضروري ناھي تہ ٻيا بہ سفر ۾ توھان جو ساٿ ڏين، توھان جي منزل ڏانھن ويندڙ رستو، توھان کي پاڻ کي طئي ڪرڻو پوندو. لطيف سائينءَ ٻئي ھنڌ فرمائي ٿو؛
”ھَلو، ھَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي نِينھَن اُڇَلَ؛
نہ ڪا جهَلَ نہ پَلَ، سَڀُڪو پَسي پِرِينءَ کي.“
ھَلو، ھَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گهَڙِجي نِينھُن؛
نہ ڪا راتِ نہ ڏِينھُن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.
لطيف سرڪار اھڙي معاشري جو حامي ھو، جتي پيار ۽ پريت جون نديون وھن ۽ عشق جي پالوٽ ھجي، ڪنھن کي ڪا جھل پل ۽ روڪ ٽوڪ نہ ھجي تہ منجھانئس ڪيترا موھ جا ڍُڪ ڀري ٿو، ۽ ھرڪو پنھنجي جانب جا درشن ۽ ديدار ڪري. شاھ صاحب پريم جو ساٿاري ھو. عشق جو پيغمبر ۽ قاصد ھو.
غفلت جي ننڊ ۾ ستل ماڻھو، جيڪي پنھنجي مقصد، مَنشا ۽ عزم کان اوجھل آھن. جيڪي پنھنجين آسائشن جي پويان ڊوڙندي، ناڪامين جا ليڪا لتاڙي، بدنصيبيءَ جون سرحدون پار ڪري چڪا آھن. لطيف سرڪار انھن لاءِ چوي ٿو، تہ ڪاميابي ننڊ ڪرڻ سان نہ ملندي آھي، بلڪِ ان لاءِ پتوڙ، محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوندي آھي.
”سُتا! اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نہ ڪَجي ايتِرِي؛
سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُنِ ڪندي نہ ٿِئي. “
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام تہ وسيع ۽ فراخ آھي؛ جنھن کي پڙھڻ ۽ پروڙڻ تہ بيحد ضروري آھي. پر شاھ صاحب جي حوالي سان ھڪ عام مُرَوج ۽ مستعمل ڳالھ آھي، تہ ”لطيف جي ٻولي تمام ڏکي ۽ اَھَنجي آھي، کيس پڙھڻ لاءِ ڪي ڏاھا ماڻھو يا لطيف جا پارکو ھجن، اسان جي وس جي ڳالھ ناھي.“ ان قسم جا گفتا لاتعداد ٻڌڻ ۾ ايندا آھن. نوجوان طبقي جي ذھن تي وڏو اثر پوي ٿو ۽ سندن دماغ ۾ ولوڙ پيدا ٿي وڃي ٿي، جڏھن اھڙا خيالَ سندن قليل ذھنن ۾ گھر ڪري وڃن ٿا. ھو تسليم ڪري ٿا وٺن، تہ لطيفَ جي ٻوليءَ کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ سھنجو ناھي. ھو دنيا جي ٻين مختلف علمن کي تہ پڙھن ٿا ۽ انھن کي مطالعي ھيٺ آڻن ٿا، پر اسان جي وطن، ساڻيھَ ۽ ڏيھ ۾ موجود ڀٽ جي سائينءَ، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر، فلسفي ۽ پيغام کان بنھ واجھيل رھن ٿا.
”پاڻِيءَ مَٿي جھُوپِڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَن.“
تاريخ؛ (۲۰ ۸ ۲۰۲۴)
0 Comments