غزل
عليم دانش
عشق حُسن جا رَنگ سڀئي
توتــي ٿيـا هِن دَنــگ سڀئي
توکان وڌ ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي
محـــبت وارا ڍنــگ سڀــئي
روزِ ازل کان پيو ٿو وڄائي
عشــق اڻانگـا چــنگ سـڀئي
ڪنـھن ٿـي ميري اک وڌي
۽ ڪـنھن ڀانيا ننـگ سڀئي
سِڪ سُمھاريو تارن هيٺان
سِــڪ ڳڻايـا انــگ ســـڀئي
ڪھڙي منزل ڪــھڙا پنڌ؟
رستــا ٿي ويا تنــگ سڀئي.
0 Comments