ڪهاڻي ڌُنڌلو آئينو
اياز ڦلپوٽو
اوندھ جي ڪرڻن پنهنجا پَرَ پکيڙڻ شروع ڪيا هئا. پر ڏينهن جي ٿورڙن ڪرڻن اڃا اوندھ آڏو هارَ نہ مڃي هئي. سج آھستي آهستي پنهنجي معمول موجب وڻن ۾ لڪندو پنهنجو وجود لڪائي رهيو هو. پکي پکڻ پنهنجي نصيب جي روزي کڻي پنهنجن ڪکن ڏانهن موٽي رهيا هئا. سمورو ڳوٺ اگھور ننڊ جي ڪنهن اونهي کاهي ۾ ڪِرڻ وارو هو. گرمي جي گرمائش جھنگلي جانورن کي سهڪائي سهڪائي گپ واري زمين ڳولڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. جنهن کي اهي پنهنجي اعليٰ سيج سمجھندي جيئن ان تي آرام ڪري سگھن. جيت جڻا پنهنجي گھرن ڳولڻ ۾ مصروف هئا. روڊن رستن تي ماڻھن جي اچڻ وڃڻ وارو سلسلو پويان پساھَ کڻي رهيو هو. روڊ رستا ويران قبرستان جيان لڳي رهيا هئا.
پر نورل پنهنجو گھر آباد ڪرڻ جي ڳڻتين ۾ ڳري رهيو. جنهن کان ڪوبہ پڇڻ وارو ڪونہ هو، سواءِ هڪ زال ۽ پٽ جي ٻيو ڪوبہ هن جو ٻانھ ٻيلي ڪونہ هو جي هو بہ تہ هن جي غربت اهو بہ هن کان ڌار ڪري ڇڏيو هو. جوان ڌيءُ جي جھوري بہ پنهنجي جڳھ تي، پر جڏهن جوان پٽ جي نرڙ تي موڙ ٻڌي ان مٿان ڪنڍين جا هار پارائڻ جا خواب ساڀيان نہ ماڻين تہ ان پيءُ جي پيڙا کي بہ ڪو سمجھي. ان رات بہ جڏهن هن جو پٽ (بخشڻ) سمهي پيو. جنهن جو پورو نالو محمد بخش هو پر هن کي پنهنجي ڳوٺ وارا بخشڻ ڪري سڏيندا هئا. سٺو سلڇڻو ۽ پڙھيل لکيل نوجوان هو.
نورل جي زال نصيبان جڏهن پنهنجي مڙس نورل لاءِ پاڻي جو گلاس ڀري کڻي اچي ٻئي کٽ تي ويٺي مس تہ نورل کان کڻي سوال پڇڻ شروع ڪيائين ڇو تہ پنڌ ڏور هئڻ ڪري نورل ئي پنهنجي پٽ لاءِ پنهنجي ڀاءُ علي مراد کان رشتو گھرڻ لاءِ ويو هو.
بخشڻ جا پيءُ ايترو مونجھو ۽ پريشان پيو ڏسجِين خير تہ آهي نہ؟ اڳ تہ مون توکي ايترو پريشان ناهي ڏٺو.
ڪا خير جي ورندي ملي يا نہ؟
نورل: بخشڻ جي ماءُ الّٰله تعاليٰ جو شڪر آهي جنهن اولاد جي نعمت سان اسان کي نوازيو هو. پر جيڪڏهن هڪ ٻئي نياڻي ڏئي ها تہ مالڪ جا اڻ ڳڻيا احسان ٿين ها. ڇوتہ نياڻي جو رشتو ڪنهن هنڌ ڏئي ان عيوض بخشڻ کي پرڻائجي ها.
خير ان ۾ بہ جيڪا رب جي رضا جنهن ۾ اهو راضي تنهن ۾ اسان راضي.
نصيبان: مطلب تہ چڱي موٽ ڪونہ ملي؟ڇا چيو ادا علي مراد؟
نورل: بخشڻ جي امڙ جڏهن مضبوط رشتن ۾ دنيا جون هي عارضي شيون وڇوٽيون وجھنديون آهن تہ اهي رشتا رشتا ناهن رهندا. اهي نفرتن ۾ بدلجي ويندا آهن. مونکان عمر ۾ وڏو هو. بابا جي جڳھ تي هو. مونکي ائين واپس موٽائي ڇڏيندو. منهنجي ان ۾ اها اميد ڪونه هئي. مون ائين ڪڏهن سوچيو بہ نہ هو.
نصيبان: پوءِ بہ ان ڇا چيو؟
نورل: ان چيو تہ ادا اوهان هلي آيا آهيو اوهان جي مون وٽ عزت آهي. باقي ان جو هرگز اهو مقصد ڪونهي تہ مان پنهنجي اولاد جي زندگي جا فيصلا بہ اوهان جي اختيار ۾ ڏئي ڇڏيان. مون پنهنجي نياڻي جو رشتو ڊاڪٽر محمد ايوب جي پٽ وڪيل فهيم احمد سان طئي ڪري ڇڏيو آهي. سو مونکي وڌيڪ مجبور نہ ڪيو. مان سمجھان ٿو توهان جي گھر کان منهنجي نياڻي اُتي وڌيڪ سُکي هوندي. نورل جي هيانوَ ۾ ڄڻ وڍ پئجي رهيا هئا.
نصيبان: بخشڻ جا پيءُ تنهنجي ڀاءُ اسان جي غربت ڏسي اسان سان رشتو ناهي ڪيو. باقي سڀ بهانا آهن. ان جي ڌيءُ کاڌي پيتي جي واقعي سُکي هوندي. پر اهو سک ڪهڙي ڪم جو؟ ان جي شادي جنهن سان تنهنجو ڀاءُ ڪرائي رهيو آهي. مون ٻڌو آهي تہ اهو عمر ۾ تنهنجي ڀائٽِي مريم کان ڏھ ورهيہ وڏو آهي. تنهن کان علاوه ان کي اڳ بہ هڪ زال هئي جنهن مان ان کي ٻن پٽن جو اولاد آهي. ان کي گھرو اڻتبڻت تان اڳ ئي طلاق ڏئي ڇڏي هيئين. ٻيو تہ شراب جو عادي بہ آهي.
ان کان تہ اسان جو بخشڻ ڏھ حصا وڌيڪ سهڻو سيبتو ۽ پڙهيل نوجوان آهي. نہ نشو ڪري نہ پتو.
صرف نوڪري يا گھڻو پئسو نہ هئڻ ڪري اسان سان رشتو نہ ٿو ڪيو وڃي.
پوءِ بہ پنهنجو پيٽ تہ سٺي نموني حلال ڪمائي سان پاليون ٿا. نوڪري نہ ملڻ سبب بخشڻ توسان ٻني ٻاري تي پنهنجو ڪم ڪار تہ ڪندو آهي. نوڪري بہ حاصل ڪري وٺندو اڃا عمر اٿس نوڪري حاصل ڪرڻ جي جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ ها ڪري ها. عمر ئي ڪهڙي اٿس. ويھن ٻاويهن سالن جو تہ ٿيندو.
نورل: بخشڻ جي ماءُ اهو تہ اسان ٿا سوچون ۽ سمجھون نہ، ان کي ڪير سمجھائي؟
اڄ سڀ شيءِ دولت آهي ان آڏو رشتا ناتا ڪابہ معنيٰ نٿا رکن. انسان جي ڪردار کي بہ دولت جي آئيني سان ڏٺو وڃي ٿو. جيڪڏهن دولت آهي تہ ڌُنڌلو آئينو بہ صاف شفاف نظر ايندو. جنهن ۾ انسان جا سڀ عيب ڪچايون لِڪيو وڃن. پر جيڪڏهن غربت جو داغ لڳل آهي تہ صاف آئينو بہ ڌُنڌلو آئينو نظر ايندو. جنهن ۾ انسان جا سڀ اوگڻ ظاهر ٿيو پون.
0 Comments