سنڌ ڪماري (بنت ڏاھر) ناول جو تبصرو

 سنڌ ڪماري (بنت ڏاھر) ناول جو تبصرو 

ڪاشف زين 



ڪجهه وقت پھريان ڪنهن دوست مونکي سنڌ ڪماري ناول پڙھڻ جو چيو پر اڪيڊمڪ ڪمن ڪارن ۾ مصروفيت سبب وقت نه مليو ته ھن ناول کي پڙھجي ھا. ڪجهه وقت کان پوءِ ان دوست وري ناول بابت ڪجهه اھم انڪشاف ڪيا جن مونکي ناول پڙھڻ تي مجبور ڪيو. انھي دوست کان ناول وٺي پڙهڻ شروع ڪيم. ھن ناول پڙھڻ کان پھرين منهنجي ذھن ۾ جيڪو خاڪو جڙيل ھو سو ڪجهه ھئين ھو ته شايد ھن ناول ۾ مظلوم سنڌ جي گھٽيل دانهن ھوندي، جيڪا ڌارين جي ظلمن کي نه سھندي سندس وات مان نڪتي ھوندي. ذھن ۾ ھو ته شايد ھن ناول ۾ بنت ڏاھر جي ڪردار ۾ مزاحمت ھوندي. شايد بنت ڏاھر ٻاھريان آيل لوٽيرن سان جنگ جوٽي ھوندي. شايد بنت ڏاھر جو ڪردار بغاوت سان ڀرپور ھوندو پر جڏهن ناول پڙھڻ شروع ڪيم مونکي ڪجهه بابن مان ئي اندازو ٿي ويو ھو ته ھن ناول جو ڪو مقصد آھي. سڀ کان پھرين ته ھن ناول ۾ تاريخ سان تعذيت ڪجي ٿي ڇو تـ ناول نگار جيڪا تاريخ سان ھٿ چراند ڪئي آھي ان کان پوءِ تاريخ آتم ھتيا ڪري ڇڏي ھوندي. ناول جو هڪ حصو ته رڳو بنو اميه جي خلافت ۽ فتح ناما ورجائڻ ۾ هليو ٿو وڃي, پر جڏھن بن قاسم بحري رستي سان ديبل تي حملو ڪري ٿو ۽ ديبل کان پوءِ اروڙ تي پُڄي وڃي ٿو ۽ اتي راجا ڏاهر کي شهيد ڪري سنڌ تي فتح جو پرچم لهرائي ٿو. اهو سڀ ليکڪ ايڏو ته مختصر ڪري ٿو ڄَڻ عربن ڪا اڪ جي ماکي لاهي ورتي. سنڌ جو راجا مارجي ويو ڏاهر جي ڌيءَ غلام ٿي پنهنجي ئي محل ۾ رهي ٿي.

(ڏاهر جي ڌيءَ جي واتان مذهب صوفيت فلسفي توڙي ڪافي شين تي خوبصورت خاڪو جوڙڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي وئي پر اڳتي هلي ان ئي ڏاهر جي ڌي جي اهڙي ڀيانڪ تصوير بيهاري وئي جو توهان کي پورن فلم واريون ايڪٽرس به شريف لڳنديون. بحيثيت ادب جو شاگرد آئون ڪامرسوتر (سيڪس) کي تنگ نظري سان نٿو ڏسان سيڪس فطري عمل آھي. توهان, مان يا ڪو ٻيو ان تي آزاديءَ سان ڳالهائي سگھي ٿو پر سيڪس آئون سمجھان ٿو منهنجي دور ۾ سيڪس جھڙي سنجيده موضوع تي جئين سليم جمالي لکيو آھي شايد ٻيو ڪوبه لکي نه سگھندو. مونکي ليکڪ جي ھڪ ڳالهه سمجهه ۾ نـٿي اچي ته آخر ڪا عورت ڪئين پنهنجي پيءُ جي قاتل ۽ وطن تي حملو ڪندڙ سان جسماني ميلاپ ڪري سگھي ٿي! ھن ناول ۾ ليکڪ ڪا ڪثر نه ڇڏي آھي بن قاسم کي معصوم تسليم ڪرائڻ ۾ ۽ بنت ڏاھر کي  سيڪس ايڊڪٽ تسليم ڪرائڻ ۾ .

مون بہ ان ڪتاب کي هڪ ڀلو ناول سمجهي پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ منڍ ۾ جيڪي باب سٺا لڳا هئا، اهي تحرير جي صورت  ۾ فيس بڪ تي رکيا هئم، پر ناول اڳتي هلي مونکي ڏاڍو مايوس ڪيو ۽ جڏهن پڪ ٿي ويم تہ ناول هڪ حد تائين گمراھ ڪندڙ آهي، اسان جي تاريخ جو غلط رخ پيش ڪري رهيو آهي، ابن قاسم کي سندس گناهن کان آجو ڪري ٿو ۽ راجا ڏاھر جي نياڻي کي ڏاڍي خراب ڍنگ ۾ پيش ڪري ٿو. 


هڪ پاسي ليکڪ ڏاهر جي ڌيءَ کي ايڏو ته سلڇڻو بهادر وطن تي جان ڏيندڙ پنهنجي تي ساھ ڏيڻ واري ڄاڻايو آھي. غلامي ۾ جيئڻ کي گناھ سمجهڻ وارو ڏيکاريو اٿس. ليکڪ پاڻ ٻڌائي ٿو ته محل ۾ عورتن کي مال غنيمت سمجهي حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي سمورين شاهي عورتن توڙي داسين جوهر ( باھ جي مچ ۾ گهڙڻ ) جي رسم سان پاڻ کي ساڙي ڇڏيو پر ڪنهن عرب کي پنهنجو جسم ارپڻ گناھ سمجهيو. اھو ساڳيو صفدر زيدي ڏاهر جي ڌيءَ تي اهو لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري پهريان ان کي قيد ۾ رکي ٿو

بعد ۾ ان جي دل ۾ قاسم لئه پيار ڀري ٿو ۽ ان کانپوءِ ان کي هڪ پورن اسٽار رنڊي يا وحشيه جي روپ ۾ نروار ڪري ٿو

آئون سمجهان ٿو تـه ليکڪ ناول جي ڪيپسول ۾ سنڌ جي تاريخ سان ھڪ تاريخي مذاق ڪيو آھي. وڌيڪ توهان پاڻ ناول پڙھي انصاف ڪجو. 


Post a Comment

0 Comments