کاهوڙي کرا ( تبصرو )

کاهوڙي کرا ( تبصرو ) 

ڪاشف زين ڪيريو


ڊسمبر جي سرد رات ۾ منهنجي من کي محبوبن جي تانگ هوندي آهي ۽ منهنجا محبوب ته ڪتاب ئي آهن. منهنجي ميز تي ڪيترائي اڌورا ڪتاب رکيل آهن، جن کي ڊسمبر جي سرد ۽ ڊگھي راتن ۾ پڙهي پورو ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيم. انهن ڪتابن مان سائين مير محمد پيرزادي جي ڪتاب ”کاهوڙي کرا“ منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪيو. هن کان پهرين سائين جو ڪتاب ”سارس ساروڻين جا“ پڙهڻ جو سوڀاڳ مليو هيم. هن ڪتاب ”کاهوڙي کرا“ ۾ سائين مير محمد سنڌ جي ٻن وڏن شخصيتن جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي آهي. اهي ڪي عام شخصيتون نه بلڪ سائين جي ايم سيد ۽ سندس فرزند سيد امداد محمد شاھ جون شخصيتون آهن. 

هي ڪتاب آڪٽوبر 2017ع ڌاري امداد فائونڊيشن سڪرنڊ ڇپائي پڌرو ڪيو.هي ڪتابڙو 72 صفن تي مشتمل آهي. هئين ته سائين جي ايم سيد جي زندگي ۽ سندس سياسي ۽ قومي نظريي تي ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا آهن پر هي ڪتاب مڙئي ڪجھ منفرد خوبيون رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڪل اٺ مختلف مضمون آهن، جن ۾ سيدن جي شخصي توڙِي سياسي عڪاسي ٿيل آهي. هن ڪتابڙي جي مطالعي مان سائين جي ايم سيد ۽ سندس جدوجهد کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهجي ٿو. جي ايم سيد تاريخ جو اهڙو امر ڪردار آهي، جيڪو ڪڏهن بـ مرڻو ناهي. جنهن دور ۾ سياست دوکي ۽ فريب جو ٻيو نالو هئي، جنهن دور ۾ سياست ذاتي مفادن، دولت ۽ دٻدٻي جي لاءِ ڪئي ويندي هئي، جنهن دور ۾ سياست عوام جي خدمت جي لاءِ نه بلڪ مال ميڙڻ جي لاءِ ڪئي ويندي هئي، ان دور ۾ جي ايم سيد من ۾ سنڌ جي محبت رکي بي لوث، بي خوف ۽ بهادريءَ سان آزادي جو نعرو بلند ڪيو. پاڻ سنڌ جي عشق ۾ اهڙو ته رچي ويو جو کيس جيل جون سختيون، موت جون ڌمڪيون، ۽ قاتلانا حملا هيسائي ڪونه سگهيا. مال جون مڏيون کيس خريد ڪري نه سگهيون. سائين جي ايم پنهنجي سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙين،

ڪُلَهِونئون ڪورِين،عاشق عبدالطيف چئي. 



سائين جي ايم سيد جي سياست جو محور هميشه سنڌ ۽ سنڌ جي خوشحالي ئي رهي آهي، چاهي پاڻ ڪانگريس ۾ هجن، مسلم ليگ ۾ هجن يا سنڌ اسيمبلي جي فلور تي هجن.جيڪا سنڌ طويل غلاميءَ جي عرصي ۾ ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي چڪي هئي، سائين ان سنڌ کي نئين سر جوڙڻ شروع ڪيو. پاڻ لطيف جو فڪر ۽ شاھ عنايت شهيد جي سوچ کڻي آزادي جو نعرو هڻي سامراج سان  جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سامراج جي هر ممڪن ڪوشش جي باوجود به هي شينهن گجگوڙ ڪندو رهيو ۽ آزادي جو پيغام پنهنجي طاقت وسيلي ڦهلائيندو رهيو. ان ڏوھ ۾ کيس نظربند ڪيو ويو، جيل ياترائون ڪرايون ويون ۽ غداري جا ڪيس مڙهي کيس هيسائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. پر سيد ڪڏهن به سانت ٿي نه ويٺو. آخرڪار رياست مذهب جو سهارو وٺي مٿس ڪفر جون فتوائون هنيون. درٻاري اديبن کان سائين جي ايم جي مخالفت ۾ ڪتاب ۽ ڪالم لکرايائون پر سيد سراپا سچ هو، جيڪو نه ڪڏهن وڪيو نه جھڪيو. سائين جي ايم سيد جديد قومپرستي جي نظريي مطابق سنڌ جي آزاد حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ عدم تشدد وارو رستو اختيار ڪيو. سائين جو چوڻ هو ته سنڌي هڪ الڳ قوم آهي. سنڌ هڪ الڳ ملڪ آهي ۽ آزادي اسان جو فطري حق آهي.

جي ايم سيد سياست جي شروعات تمام ننڍڙي عمر ۾ ڪئي هئي ۽ سندس سياسي سفر مختلف ڪارنامن سان ڀريل آهي پر جنهن سياسي ڪارنامي سندس شخصيت کي چار چنڊ لڳايا اهو 35 سالن جي عمر ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ مان علحده ڪرڻ آهي. جتي وڏا وڏا سياستدان انگريزن جي چمچاگيري ڪرڻ ۾ مصروف هئا، وڏا وڏا زميندار انگريزن سان گڏ ويهڻ کي وڏو فخر سمجهندا هئا ۽ خان بهادر، سر ۽ خانصاحب جي لقبن کي حاصل ڪرڻ لاء ڊڪ پيا ڊوڙندا هئا، اتي جي ايم سيد انگريزن جي اکين ۾ اکيون وجهي اهو مطالبو رکيو ته ” سنڌ الڳ ملڪ آهي ۽ سنڌي الڳ قوم آهي. انهن کي بمبئي پريزيڊينسيءَ جي ماتحتي مان ڪڍيو وڃي ۽ سنڌ جي آزاد ۽ خدمختيار حيثيت جي بحالي کي يقيني بڻايو وڃي.

مجموعي طور تي جي ايم سيد ۽ سندس فڪر کي سمجهڻ جي لاءِ هي ڪتاب ڏاڍو اهم آهي. جي ايم سيد کان پوءِ سندس فرزند سيد امداد محمد شاه جو فڪري ۽ سياسي ڪردار پڻ هن ڪتاب جو اهم موِضوع آهي. جيڪڏهن فن جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته سڀ کان پهرين جيڪا خوبي منهنجي ذهن ۾ اچي ٿي، اها آهي سائين مير محمد جو اسلوب بيان. مون پنهنجي محدود مطالعي ۾ جيڪي چند ليکڪ پڙهيا آهن، انهن مان تمام گھٽ ليکڪن جي اسلوب بيان مان متاثرٿيو آهيان. سائين مير محمد انتهائي سادن ۽ آسان لفظن جو استعمال ڪندي لطيف سائين جي بيتن جو سهارو وٺي پنهنجي ڳالھ رکي آهي. سندس اسلوب بيان مسلسل خيال جو تسلسل جوڙي ٿو. جيڪڏهن آئون ائين چوان ته هي ڪتاب جي ايم سيد ۽ سندس فڪر جو هڪ باب آهي تـ شايد غلط نه ٿيندو.

Post a Comment

0 Comments