انقلاب جو فلسفو (تبصرو)

انقلاب جو فلسفو (تبصرو)

ڪاشف زين ڪيريو



قومن جي زندگيءَ ۾ انقلاب وڏي اھميت رکي ٿو. انقلاب ھميشه مختلف صورتن ۾ پيدا ٿيندو آهي. اهو يا ته سماجي ۽ معاشراتي انقلاب هجي ٿو، يا سياسي. انقلاب اڪثر خاموشيءَ سان سماج جي ريتن، رسمن ۽ روايتن کي بدلائي ڇڏيندو آهي. مگر سياسي انقلاب جڏهن به قومن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندوآهي ته اهو هنگامه پرور بڻجي ويندو آهي. انقلاب فليسوفن جي اونداھ ۽ تنگ ڪوٺين ۾ نه بلڪ قوم جي سينن ۾ پيدا ٿيندو آهي. انقلاب جو فلسفو، ٻين فلسفن جي نسبت زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏي ٿو. انقلاب جو فلسفو اهو ئي پيش ڪري سگهي ٿو، جنهن جو هر عمل ۽ هر قدم انقلاب سان هم آهنگ هجي. جمال عبدالناصر صرف هڪ ڪوتاھ انديش سپاهي نه بلڪ انهن سياسي مفڪرن مان آهي، جن پنهنجي وطن لاءِ جدوجهد ڪئي. نيل درياه پنهنجي سيني ۾ اهڙن ڪيترن ئي انقلابن کي جڳھ ڏني، جن نيل جي پرسڪون ڇولين ۾  قيامت خيز طوفان پيدا ڪيا.

هي ننڍڙو ڪتاب (انقلاب جو فلسفو) مصر جي اعظيم اڳواڻ جمال عبدالناصر جو لکيل آهي، جيڪو هن مصر جي قوم لاءِ جدوجھد ڪندي لکيو. ان زماني ۾ هن ڪتاب سڄي دنيا تي حيرت انگيز اثر ڇڏيا. جمال عبدالناصر جي فلسفي ۽ فڪر جا ماڻهو ديوانا ٿي ويا ۽ سندس هر تحرير سان پيار ڪرڻ لڳا. ائين ئي جمال ناصر جي شخصيت بي مثال پڻجي وئي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1959ع ۾ سنڌي ادب جي ڀلوڙ ۽ مشهور اديب احسان بدوي ڪيو. ان کانپوءِ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙي ناياب ڪتاب جي پهرين ڇاپي کانپوءِ ڪنهن به سار نه لڌي. هن ڪتاب (انقلاب جوفلسفو) ۾ ڪوبه ڏکيو يا مشڪل فلسفو ناهي، بلڪ آسان لفظن ۾ انهن حالتن جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جن ۾ ليکڪ ۽ ان جو وطن (مصر) پرورش پائي رهيو هو. هي ڪتاب محض هڪ انقلابيءَ جي ذاتي تاثرات جو مجموعو آهي، جنهن ۾ نهايت ئي صاف گوئيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ صدين کان غلامي ڪندڙ غلام قوم جو نفسياتي تجزيو ٿيل آهي. جنهن مان اسان کي خبر پئي ٿي ته مشرقي ملڪن کي پنهنجي آزاديءَ جي راھ ۾ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون دقتون ۽ مشڪلون پيش اچن ٿيون، ۽ انهن کي ڪهڙي طريقي سان دور ڪري سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ جن حقيقتن کي بيان ڪيو ويو آهي، انهن جي لفظن ۽ معنائن تي جيڪڏهن غور ڪجي ته ان ۾ اسان کي مشرق جي غلام ملڪن جي حالتن جو عڪس نهايت ئي چٽو ۽ نمايا نظر ايندو. آئون ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نٿو سمجها ته انقلاب جو فلسفو مشرقي ملڪن جي لاءِ هڪ عالمگير پيغام ڏئي ٿو۽ عمل جي راه کي روشن ۽ تابناڪ بڻائي ٿو. هن ڪتاب جي مطالع مان عبدالناصر جي شخصيت پڻ واضع ٿئي ٿي. هن جي لکڻ جو اسلوب به هن جي شخصيت ۽ سيرت جي آئينه داري ڪري ٿو. اهي شخصيتون جيڪي قومن جون قسمتون بدلائيندڙ آهن، ۽ تاريخ جي ورقن تي مهر هڻندڙ آهن، سي شايد شخصيت پرستي جي عام عقيدي کان بلند ۽ بلا آهن.

مجموعي طور تي هن ڪتاب جو روح پيچيدگين کان پاڪ آهي، ۽ منجهس لفظن جو اختصار ۽ انتخاب تمام بهترين ۽ شاندار ملي ٿو. ليکڪ جو اسلوب حقيقتن کي ذهن تي هڪدم روشن ڪري ٿو ۽ حالاتن جو گهرو احساس پيدا ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ نه ڪا فلسفيانـ لٻاڙ آهي، نه ئي ڪي غير ضروري باريڪيون آهن، جيڪي عام سمجھ کان ٻاهر هجن. جمال ناصر نهايت ئي سادگي ۽ سچائيءَ سان هر چيز بيان ڪئي آهي. ليکڪ جذبات اڀارڻ جي لاءِ لفظن جي معنائن سان ناهي کيڏيو. اهوئي سبب آهي جو هن ڪتاب ۾ ڪابه لفاظي ڪانٿي نظر اچي. آخرت ۾ ڪجھ لفظ ترجمي جي لاء چوڻ به لازمي ٿو سمجهان. ترجمو حقيقت ۾ تصنيف کان به زيادھ مشڪل آهي. مترجم تي اصلي مصنف سان انصاف ڪرڻ جي جوابداري هوندي آهي. منهنجي نظر ۾ احسان بدوي بهترين ليکڪ سان انصاف ڪيو آهي. هن پنهنجي لفظن جي ذريعي اصل ڪتاب سان خوب نڀايو آهي. ڪتاب پڙهندي ذرو به احساس نٿو ٿئي ته ڪو هي ترجمو آهي. آئون سمجهان ٿو ته هي ڪتاب اڄڪلھ جي نوجوانن جي لاءِ ڏاڍو ڪرائتو ثابت ٿيندو. 

Post a Comment

0 Comments