ھا مونکي بہ زندگي پياري آ

چؤسٽا 

ڪنيز فاطمہ درس



ھا مونکي بہ زندگي پياري آ

ڇا خبر ڪيئن مون گذاري آ

ھر رات روئي ھر ڏينھن مري

ڪيئي سال غمن ۾ گھاري آ


                 ***

ھت ھر ڪنھن جو امتحان الڳ،

ڪو آھي جنھن سان نہ ٿيو آ غلط!

ھڪ ڏينھن مونکي مڃڻو ئي پيو،

مرض ھيڻي جو آ مايوسي فقط. 

                 ***

زندگيءَ جي سفر ۾ محبت ھجي

ڪنھن چيو، نہ! صرف دولت ھجي

مون دل جي ٻڌي ۽ دل ھي چيو

جيئڻ لاءِ تو وٽ بس ھمت ھجي.

 

Post a Comment

0 Comments