ڌرتيءَ جو شاعر حڪيم نياز همايوني
غلام رسول سوڍر
جديد سنڌي شاعري اھا شاعري آھي جنھن سنڌ اندر فرسوده ۽ روايتي شاعريءَ جو ڍانچو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري، فارسيت جي رنگ ۾ رچيل سنڌي شاعري ۽ ٻوليءَ کي پنھنجي سيني سان لائي ان کي پنھنجي ديس ۽ پنھنجي سماج سان جوڙيو.
جديد سنڌي شاعري ڪلاسيڪل جي انھن صنفن کي ھڪ دفعو ٻيھر اڳيان آندو جيڪي عروضي دور کان پھرئين ڪلاسيڪل شاعرن جون شاھڪار صنفون ھيون، پر فارسيت جو اھڙو تہ غلبو ٿيو جو اھي صنفون ان فارسيت ۽ اوپرائپ واري ماحول جي دز ۾ دٻجي ويون. پر جديد شاعرن انھن صنفن کي ھن ڌرتيءَ تي ٻيھر پير کوڙايان ۽ انھن ۾ نوان موضوع ۽ جدت آڻي سنڌي شاعريءَ جي بلندين تائين پهچايو!
جديد سنڌي شاعرن سماج جي دکن، غريب ۽ اٻوجهه ماروئڙن جي تڪليفن ۽ ڌرتي سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريو ۽ شاعرن جو سڀ کان اولين فرض پنھنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتي جي وارثن سان محبت ۽ پنھنجي ڌرتيءَ جي ھر عام کان عام شيءِ کي پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بنائي ان کي بلند ڪرڻ ھو.
جديد سنڌي شاعرن وٽ انسان دوستي، وطن سان پيار ۽ ڏاڍ خلاف اٿي کڻي ٿيڻ لاءِ اتساهه ڀريل موضوع ھئا جن سان ھو وقت جي ظالمن کي پنھنجي شاعري ذريعي وڏي واڪي للڪاري ۽ ديس جي مارن جو آواز بنجي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ جنگ وڙھي رھيا ھئا.
اھڙن ئي سنڌ جي ارڏن شاعرن منجھان حڪيم نياز همايوني جو نالو به تمام اھم آھي جنھن پنھنجي شاعري ذريعي ظلم خلاف پرزور مزاحمت ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي سک لاءِ پنھنجي زندگي ارپي ڇڏي.
نياز همايوني جو اصل نالو مشتاق احمد ميمڻ ھو ۽ سندس جي پيدائش 12 اپريل 1930 ۾ ٿي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو برک شاعر، عالم، حڪيم، تاريخدان، محقق، مترجم ۽ اديب ٿي گذريو آھي. ھن شروعاتي تعليم سنڌي ۽ قرآني حاصل ڪئي ان کانپوءِ ھو مختلف مدرسن مان فارسي ۽ طب جي تحصيل ڪري، حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين، ڪجھ وقت حيدرآباد جي طبي درسگاهن ۾ استاد طور پڙھايائين.
نياز همايوني ورھاڱي کان اڳ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شاعر جي حيثيت سان ظاھر ٿيو ھن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمال جي شاعري ڪئي ۽ ھو قومي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رھيو. نياز همايوني جي شاعريءَ ۾ قومي رنگ ۽ انسان دوستيءَ جي پرچار جھلڪا ڏيندي نظر ايندي ھئي، تنھنڪري ھن کي قومي شاعر جي حيثيت ملي. ورھاڱي کان اڳ ھي آزاديءَ لاءِ شاعري ڪندو رھيو ۽ آزادي جي تحريڪ ۾ ڪافي سرگرم رھيو، جيترو ھي پاڻ سجاڳ ھو اوترو ئي ھي پنھنجي قوم کي سجاڳ ڪرڻ ۽ غفلت جي ننڊ مان اٿاري بيدار ڪرڻ چاھي پيو.
تڏھن چيائين:
جانبازو! جنگ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو !
قوم ۾ آڻيو سجاڳي، پاڻ ڀي غفلت ڇڏيو، بيدار ٿيو !
اڇن کان جڏھن آزادي ملي ته وري ڌرتي ڪارين ڳجهين جي ور چڙھي وئي. مذھب جي نالي تي ليڊرن ڪوڙ ۽ ٺڳي سان عوام کي آزادي جا خواب ڏيکاري انھن کي بيوقوف بڻايو پئي، پر اھو سڄو ڊرامو فقط انھن جي عيش و آرام لاءِ اٽڪلون ھيون، جن ۾ ھو ڪامياب ٿي ويا باقي غريب ۽ مسڪين عوام ساڳي تڪليفن جي ور چڙهي ويو.
نياز همايوني اھڙيءَ حالت ۾ انھن دوکي باز ۽ وعدي خلاف رهنمائن کان سموري قوم پاران ڪجھ ھن طرح سوال ڪري ٿو.....!
رھنمائو ! قوم اوھان کان ٿي پڇي،
ورندي ڏيو ؟
ملڪ جو مذھب جي نالي تي ڪيو حاصل اوھان،
پنھنجي مقصد کي انھيءَ ۾ ڇو ڪيو شامل اوھان؟
يوم آزادي جي موقعي تي ٻڌايو قوم کي،
ھي سياست آھ ڪھڙي، جنھن رلايو قوم کي؟
وري اڳيان چوي ٿو !
ھن سياست جي ھئي دعوا تہ پاڪستان ۾،
ڪابہ ھڪڙي قوم رھندي ڪانہ ڪنھن نقصان ۾،
جنھن جي تھذيب آھ جھڙي، زندہ رھندي سا تيئن،
جنھن جي ٻولي آھ جيڪا انت ھوندي سا تيئن !
سنڌ ڌرتيءَ جو اڀاڳ اھو رھيو آھي جو ھن ڪڏھن بہ سک جو ساھ ناھي کنيو، تاريخ ۾ ھن سان ھر دور ۾ يلغارون ۽ ڪاھن مٿان ڪاهون ٿينديون رھيون آھن پر تنھن ھوندي بہ ھر دور ۾ ڌرتيءَ جي پٽن بهادرن جيان پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ پنهنجا سر ڪپائي ڇڏيا ۽ جڏھن سنڌ ڌرتيءَ تي پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ون يونٽ جھڙي آفت مٿان برپا ڪئي وئي، تڏھن بہ سنڌ جي سپوتن پنھنجي جيجل لاءِ ڏينھن رات جدوجهد ڪري پنھنجي رت منجھان ڌرتيءَ جا گيت لکيا ۽ ڏاڍ ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪندا رھيا. نياز همايوني بہ سنڌ ڌرتيءَ جو سچو عاشق ۽ حقيقي پٽ ھئو جنھن ڌرتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ زميني خدائن جي ظلم خلاف بغاوت جو سڏ ڏنو !
حالتن جي ھي تقاضا آ تہ ظالم سان لڙو !
۽ ڪريو ان جي خدائيءَ سان بغاوت ساٿيو !
وري اڳيان چوي ٿو .
اٿو اٿو جو زمانو ٿو جنگ جنگ ڪري،
ھي ظلم جبر ٿو روحن کي تنگ تنگ ڪري،
وڄايو دھل بغاوت جو ڍنگ ڍنگ ڪري
وڌو اڳي ۽ رھو ان کي دنگ دنگ ڪري.
نياز سنڌ ڌرتيءَ جو اربيلو عاشق ھو جنھن سنڌ سان انتھا تائين عشق ڪيو ۽ ڌرتيءَ لاءِ پنھنجي شاعري سپرد ڪئي. نياز وٽ سنڌ ڌرتيءَ سان محبت عقيدت جي حد تائين ڏسجي ٿي.
آءٌ نہ پوڄيان لوڪ جئان، ڌڻي ڪڏھن ڀي دنيا جا،
منھنجي ڌياڻي سنڌ الا، صدقي جنھن تان سَو سجود
وري ٻي ھنڌ چوي ٿو
سنڌڙي بہ تون، منھنجي جندڙي بہ تون،
منھنجي ڌرتي بہ داتا بہ تون،
تنھنجي ھستيءَ سان جي به ھاڃا ٿيا،
منھنجي گيتن ۾ گوندر گڏيندا ويا.
سنڌ ڌرتيءَ سان ايترو پيار ۽ چاھ ھوندي جڏھن ان تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي ۽ ان جي ٻولي ۽ تھذيب کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، تڏھن نياز پنھنجي شاعريءَ ۾ جڏھن سنڌڙيءَ کي جھونگاري ٿو تہ اکين مان لڙڪ لڙي ٿا اچن !
آيل! تنھنجي سورن جا ٿا اسان کي ايئن اھڃاڻ لڳن،
ننڊ مان ڇرڪي ٻار جيئن ٿا ماءُ جي ڇاتيءَ ساڻ لڳن!
--
روئندي روئندي نير کٽي ويا، لھو اچي ويو لڙڪن ۾،
آءٌ ڪينءَ کلندي کيرُ پيئان، منھنجي سنڌڙي آھي سڏڪن ۾!
نياز جنھن ڌرتيءَ تي سَو سجود ۽ درود ٿو پڙھي انھيءَ ڌرتيءَ سان جڏھن ڪو غداري ڪري ان کي نقصان ڏئي ۽ پنھنجي ديس جي ماروئڙن کي ھاڃا رسائي ٿو تہ نياز ان غدار کي للڪاري چوي ٿو !
منھنجي ڌرتيءَ جو گنھگار نہ بخشيو ويندو،
ڪوبہ غاصب، ڪوبہ غدار نہ بخشيو ويندو.
وري اڳيان جڏھن سنڌ ڌرتيءَ تي ڪو ڌاريو ميري اک ٿو کڻي تہ ان کي بہ دڙڪي سان مخاطب ٿي چوي ٿو !
ڌاريا تنھنجي دال نہ ڳرندي، ڇو ٿو خلق خلائي وڃين،
سنڌ ڪو حلوو ناھي جو تون، ڳيت ڏئي ڳڙڪائي وڃين!
نياز سنڌ ۾ وڌندڙ اڻبرابري ۽ طبقاتي نظام جتي امير جو درجو اتم تہ غريب جو درجو ڪريل آھي ۽ غريب کي ان ڪلاز جي ڪري وڏيون تڪليفون منھن پون ٿيون ھو سک جو ساھ بہ نٿو کڻي سگھي ۽ دنيا ھن لاءِ تنگ ٿي وڃي ٿي تہ نياز اھڙيءَ ڪيفيت کي بہ پنھنجي گيت ۾ ڪيڏو نہ ڪمال سان پيش ڪيو آھي ۽ چوي ٿو:
تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا
تنھنجي دنيا ڪنول تي ڪرڻا
منھنجي دنيا جر جان انداھيل
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا
تنھنجي دنيا انڊلٺ ريکا
منھنجي دنيا گدلا بادل
مون وٽ روپ نڪو ٻهروپ الا
نياز همايوني سنڌ ڌرتيءَ جي ھر شيءِ سان انتھا تائين محبت ڪئي آھي تنھن ڪري ھن جي شاعري سنڌي سماج ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي فطري شين سان ٽمٽار آھي. ھن ڪٿي بہ ڏکيا، دير ھضم ۽ دقيق لفظ استعمال ناھن ڪيا ۽ اظھار جي سادگي بہ ھر ھڪ شعر ۾ سمايل آھي.
آٌء نماڻو ھاري زادو، ذات جو ڪوري نانُء نياز،
سڀ ڪو ڄاڻي ڪين ٿو ڄاڻي، ڏنگن وارو ڏانُء نياز.
تشبيهن استعارن ۽ ترڪيبن جي اگر ڳالھ ڪجي تہ نياز وٽ ڄڻ ڀنڊار موجود ھجن ۽ انھن جو بہ اھڙو تہ خوبصورت ۽ دلفريب استعمال جو شعر پڙھڻ سان روح کي سڪون ۽ ھر شعر مان ڌرتيءَ جي خوشبوءِ جو احساس پيو ملندو. جيئن سائين تاج جوئي صاحب لکيو آھي تہ " نياز همايوني، جديد سنڌ جو اُهو واحد شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون، ڌرتيءَ مان ماءُ جي ٿڃ جي گُوهن وانگر ڦُٽي نڪتل محسوس ٿين ٿيون. هن جي تشبيهن کي سنڌ جو تهذيبي ۽ قومي پسمنظر آهي ۽ اُهي آريسر جي لفظن ۾ واقعي ’سنڌ جيڏيون مٿانهيون‘ لڳن ٿيون. هن جا گيت ۽ لوڪ گيت، هن جون وايون ۽ ڪافيون، هن جا نظم ۽ دوها، تشبيهن سان ٽٻٽار آهن؛ تشبيهون به اُهي، جيڪي دل جي اونهاين مان نڪرن ٿيون."
جيئن نياز چوي ٿو.
1 ساھ کي ويا ائين سور وٺي ڄڻ
چنڊ گرھڻ ڙي ڍوليا
ھاِء اسان جي جندڙي ٿي وئي
پنڊ پھڻ ڙي ڍوليا
2 انڊلٺ وانگي رنگ برنگي، اجرڪ لونگيون مارن جون،
ڳالھين ۽ ڳُڻ ڳائڻ ويٺا، تنھنجن سوڀن ھارن جون
3 سيج پلنگ تي پئي ٿي اٿلان
ڄڻ ته تئي تي ماني،
منھنجا جاني!
نياز همايوني جتي نظم جو بادشاھ شاعر آھي اتي ھن دوھن، غزلن، واين ۽ خاص ڪري لوڪ گيتن ۾ ڪمال جو فن استعمال ڪري، لوڪ گيت جي ڪيترين ئي صنفن کي سنڌي ٻوليءَ سان مالا مال ڪيو آھي، ھن ڪيتريون ئي خوبصورت تشبيهون استعارا ۽ ترڪيبون استعمال ڪري ۽ ان سان گڏ اھڙي تہ ڪمال جي منظر ڪشي ڪئي آھي، جنھن مان نياز جي فني پختگيءَ جي خبر پوي ٿي.
جيئن!
ڪانگ مَنھ تي، رئو ارھ تي،
چِيڻو ويٺي ڇڙيان!
ڇڄ ۾ داڻا، منھنجا راڻا،
چيڻو ويٺي ڇڙيان
مان ته، چيڻو ويٺي ڇڙيان.
اکڙين ۾ گھِم، اندر ۾ اُلا
ڄڻ ته ڦڙين ۾ نِھائين
مانھنجا سائين، مان سنيھو پئي ڳايان،
مان ته سنيھو پئي ڳايان.
نياز همايوني سنڌ ڌرتيءَ جو ديوانو عاشق ھو، ھن سنڌ جي ماضي کي چڱيءَ طرح تاريخ جي ورقن مان ڪڍي پنھنجي سيني اندر دفن ڪيو ھو. ھن جو ايترو تہ وسيع مطالعو ھو، جو ھن سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن جي تاريخ پنهنجي طويل نظمن ۾ سموئي آھي. ھن جا طويل نظم سنڌ جي تاريخي سياسي ۽ سماجي پسمنظر جا اھڃاڻ آهن. جيئن سائين تاج جويي نياز لاءِ چيو آھي تہ،
"نياز جا طويل نظم، جتي وطن سنڌ ۽ اُن جي چپي چپي، وڻن ٽڻن ۽ گلن ڦلن سان مُحبت جي جذبي سان سرشار آهن، اُتي انهن سنڌ جي گونگي تاريخ کي زبان ۽ سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي سمجھه ۽ غيرن کي للڪارڻ جو جذبو بخشيو آهي. اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته نياز سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو ٻهڳڻو شاعر آهي. هن جي شاعري، مولانا گراميءَ جي لفظن ۾، ”ابتدا کان وٺي رجعت پسنديءَ ۽ ذهني انتشار کان دور رهي آهي. آزادي، انسانيت، دوستي ۽ وطن پرستي سندس متو ۽ مقصد آهي.“
نياز همايوني سنڌي ادب ۾ تمام اھم اھميت رکي ٿو ھن اھڙي ڪمال جي شاعري سان گڏ پنھنجي ڪلاسيڪي ورثي کي ترجمو ڪري ٻين ٻولين ۾ محفوظ ڪيو آھي ۽ اڃان بہ ھن ڪيترو ئي ڪم پنھنجن ھٿن ۾ کنيو ھئو پر بدقسمتيءَ سان حياتي ساٿ نہ ڏنو ۽ نياز سنڌي ماڻھن کي 3 جنوري 2003 ۾ سوڳوار ڪري ھميشہ لاءِ جسماني طور جدا ٿي ويو!
0 Comments