ھڪڙو تارو ناهي پيارا

 غزل       

علي نواز مهراڻي



ھڪڙو تارو ناهي پيارا،

چنڊ هَچارو آهي پيارا.


ھر ماڻھو ٿو ڀوڳي سائين

توسان سارو آهي پيارا؟


رَستا سارا ٽيڙا، مِحَنتَ

هِڪڙو چارو آهي پيارا.


دَردن سان پُر دنيا آهي

خُواب خَسارو آهي پيارا.


ِِپيار ڏِجي ٿو پيار مِلي ٿو

پيار اُڌارو آهي پيارا.


عشق سَمنڊُ جي گِهرائي آ

عشق ڪنارو آهي پيارا.


هُو تہ ” نواز “ نہ ڀائي ڪجھ ڀي

پاڻ کي پيارو آهي پيارا.

Post a Comment

0 Comments