تبديليءَ جو فلسفو
عبدالحليم ڏاهري
جڏھن تبديليءَ جو لفظ اسان جي سامھون ايندو آهي تہ اسين گھڙي کن جي لاءِ خاموش ٿي ڪري ان سوچ ۾ اچي ويندا آھيون تہ تبديلي آخر ڇا آھي؟ انسان فطرتي طور تي تبديلي پسند ڪري ٿو پوءِ چاھي اھا روزمره جي زندگيءَ ۾ ڇو نہ ھجي. روز ساڳي دال کائينداسين تہ ان مان بيزار ٿي پونداسين ٻي ڀاڃي جي طلب ڪنداسين. ائين ئي اسان جي ملڪ ۾ ساڳيا ساڳيا ماڻھو اليڪشن ۾ حصو وٺن ٿا جن ڪڏھن عملي ڪم ڪري نہ ڏيکاريو ٺلھا حوال ڪرڻ ۾ پورا ھوندا آھن جن مان عوام ڪائي اميد نٿو رکي ان ڪري عوام اھو چاھي ٿي ته ھن ملڪ جون واڳون ڪنھن ٻئي جي ھٿ ۾ اچن جيڪو ھن ملڪ جي لاءِ ۽ عوام جي لاءِ سوچي ۽ ڪم ڪري ڏيکاري. انسان مادي شئين کي تبديل ڪري سگھي ٿو پر فطرت سان جڙيل جھڙوڪ برسات ، کنوڻ،موسم، وغيرہ اھي فطري قانونن اصولن تي ٺهيل آهن جن کي انسان پنھنجي خواھش يا مرضيءَ تي تبديل نٿو ڪري سگھي. ٿامس ايڊيسن سوچيو رڳو اوندھ آھي ھاڻ اوندھ کي تبديل ڪيان روشنيءَ ۾ تہ بلب ايجاد ڪيائين. انساني تاريخ ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن تنھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انسان تبديلي پسند آھي يا تبديلي چاھي ٿو. تبديليءَ جو مطلب آهي ڪو نئون ڪم نئي ڳالھ نئون نظام متعارف ڪرائڻ آھي. يا ٻين لفظن ۾
اهڙيون سياسي، سماجي ، معاشي ،مذهبي حالتون جن جي ڪري انسان مجبور ٿي ڪري پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري ۽ هڪ نئون رستو ٺاهي ته ان کي تبديلي چئبو آهي.
اچو ته ان تبديلي کي هڪ مثال سان سمجهون ، توهان ڪنهن اهڙي معاشري يا سماج ۾ ويٺا آهيو جتي غير شعوري ، غير عملي، جهڙيڪار ماڻهو رهن ٿا جن جي ڪري توهان جي شخصيت کي نقصان رسي يا هٿرادو ٺهيل غير عقلي قانون جيڪي توهان جي تخليق ۾ رنڊڪ پيدا ڪن ۽ توهان انهن ڪوڙن هٿرادو ٺهيل قانونن جي پاسداري نه ڪيو ته ان کي تبديلي چيو وڃي ٿو.
انسان پنهنجي زندگي کي خوشگوار بنائڻ لاءِ روز جي چيلينجز سان مهاڏو اٽڪائي ٿو ۽ هو ان ۾ ڪامياب بڻجي وڃي ٿو ۽ ان ڪاميابي کي ان پٽاندر ئي پرکي سگهجي ٿو.
اهڙي ريت انسان پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ جتن ڪري ٿو هو تحريڪون هلائي ٿو اهي تحريڪون سياسي به ٿينديون آهن ته معاشرتي ۽ ادبي به ٿينديون آهن.
ادبي تحريڪون نون رجحانن ۽ ڌارائن ۽ لاڙن لاءِ هلايون وينديون آهن. انگريزيءَ ۾ بيشمار ادبي تحريڪون هليون، خود سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي تحريڪون هليون آهن.، جن سان ادبي ترقي ٿي آهي. مثلا ترقي پسند تحريڪ، روشن خيال تحريڪ ، رومانوي تحريڪ وغيره.
فلسفو: فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو سنگم يا ميلاپ آهي. فلين معني پيار ڪرڻ ، لڳاءُ رکڻ ، حب هئڻ ۽ صوفيا معني ڏاهپ ، عقل ، علم ۽ دانش هن سڄي جملي جي معني گڏيل هيئن ٿيندي (علم ۽ ڏاهپ سان پيار ڪرڻُ))
ارسطوءَ جي نظر ۾ ؛ اک جو ڪم ڏسڻ آهي، اها ايستائين پوري ريت ان جي هيئت (ڪنهن به ادبي صنف جي ٽيڪنيڪ جي لحاظ کان صورت ، شڪل ، ترتيب ، جزا بناوٽ) ۽ حقيقت نٿي پسي، جيستائين اها ڏسڻ جو عمل ناهي . فلسفي جي معني آهي ، علم ، سچائي ڪرڻ اهڙي طرح ڏاهپ انسان ۾ فڪر جي روشني ۽ سوچ جي سرهاڻ پيدا ڪري ٿي . اها انساني معاشرتي حياتيءَ لاءِ حل ڳولي ٿي. ته درست دڳ ڪهڙو آهي. حياتيءَ جا سمورا مسئلا ۽ مونجهارا ڪهڙيءَ طرح سلجهايا وڃن ٿا.
جدليات ڇا آهي؟ جدليات اندر حرڪت ۽ تبديلي اچي وڃي ٿي.
حرڪت ۽ تبديلي : حرڪت يا تبديلي اها حالت آهي جنهن ۾ ئي وجود جي هوند ممڪن آهي. تبديليءَ ۽ حرڪت کان ٻاهر ڪو وجود ٿي ئي نٿو سگهي.
جدليات : بخشل ٿلهو پنهنجي ڪتاب ” تبديليءَ جو فلسفو“ ۾ جدليات جي وصف هن طرح بيان ڪري ٿو ته ، جدليات عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو جدل منجهان ورتل آهي ۽ ان جي لغوي معني‘ آهي جهيڙو(جيئن اسان جنگ و جدل چوندا آهيون)، ٻين لفظن ۾، دنيا جي اوسر کي انجي تضادن ۽ جهيڙن منجهان سمجهڻ ، انگريزي لفظ
منجهان (Logos) در حقيقت لاطيني زبان جي لفظ “Dialectics”
ورتل آهي ، جنهن جي معني آهي لفظ يا منطق . پر مختيار احمد ملاح پنهنجي ڪتاب ” ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت “ ۾ جدليات جي وصف هن ريت بيان ڪري ٿو ته؛ جدليات جو متبادل لفظ يوناني لفظ مان نڪتل آهي ، جنهن جي معني آهي بحث مباحثو ڪرڻ. پراڻي زماني ۾ ’ جدليات ‘ ان فن جو نالو هو جنهن جي ذريعي مد مقابل جي دليلن جو تضاد ظاهر ڪري ۽ ان کي ختم ڪري حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. ڪن فلاسفرن جو خيال هو ته حقيقت کي ڳولڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته خيالن جي تضاد کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ متضاد راين کي هڪ ٻئي سان ٽڪرايو وڃي. اهو جدلي طريقو خيالن کي پرکڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو، جڏهن فطرت جي مظاهر کي سمجهڻ لاءِ باهمي جدوجهد ٿيندي رهي ٿي ، اهي ٻه قوتون ؛ ٿيسزز ۽ ان جي مخالف
’اينٽي ٿيسزز‘ جي نالي سان سڏجن ٿيون. ante thesis
انهن ٻنهي قوتن جي ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٽين طاقت ظاهر ٿئي ٿي ، جنهن کي
چئجي ٿو. جا(sin thesis) ’ سن ٿيسزز‘
ڪجه عرصي بعد ٿيسزز بڻجي ، پنهنجي مخالف قوت ائنٽي ٿيسزز پيدا ڪريو ويٺي ۽ اهڙيءَ طرح هي ٻه قوتون
عمل ڪنديون رهن ٿيون ، انهن جي عمل ڪري هن ڪائنات ۾ ۽ انساني شعور تغير ، تبديلي ۽ ترقي ٿيندي رهي ٿي.
(Materialism of the dialectical method) ڪارنفورٿ پنهنجي ڪتاب
مثال ڏيندي سمجهائي ٿو ته ، کنوڻيون ڇو پيدا ٿينديون آهن؟ ان سوال کي جيڪي خيال پسند هوندا اهي ان سوال جو جواب هي ڏيندا ته ، جڏهن ديوتا انسانن تي ناراض ٿيندا آهن ته پنهنجي غيض و غضب جو اظهار کنوڻن ذريعي ڪندا آهن. پر ماديت پسند جيڪي هوندا آهن اهي فطري قوتن کي مدنظر رکندي يا ان عمل ذريعي سمجھڻ ۽ واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ان ساڳي بحث کي جيڪڏهن سماجي دائري ۾ کڻي اچجي ۽ سوال اهو ڪجي ته ، امير ۽ غريب ڇوندا آهن ته ان جي جواب ۾ خيال پسند سڌو سنئون جواب اهو ڏيندو ته کين خدا ائين پيدا ڪيو آهي. پر ٿورا گهٽ سنوان سڌا جواب ڪجه منڌل هوندا آهن.
جهڙوڪ : هڪڙن (اميرن) جو هوشيار ۽ محنتي وغيره هئڻ ۽ ٻين (غريبن) جو جاهل ۽ هڏ حرام هئڻ _ وغيره آهي.
ڪارنفورٿ جي چوڻ مطابق ماديت پسند نقطع نظر ، سماج ۾ اميرن ۽ غريبن هئڻ جي سببن کي سماجي زندگي جي مادي ۽ معاشي حالتن ۾ ڏسي ٿو. جنهن ۾ هڪڙن جي هٿ ۾ پيداواري ذريعا آهن (ڪارخانا، زمين، مشينون، وغيره) ۽ ٻين وٽ صرف کپائڻ لاءِ پنهنجو پورهيو آهي. هاڻي پويان ڪيڏي به محنت ڪن يا بچت ڪن پر انهن جي گهڻائي پوءِ به غريب ئي رهندي، جڏهن ته امير ڀلي ڪک ڀڃي ٻيڻو نه به ڪن، پر پوءِ به سندن گهڻائي امير ئي رهي ٿي.
بقول اينگلز جي ته، جدليات فطرت، سماج ۽ شعور جي حرڪت ۽ ارتقا جي ڪائناتي قانونن جي سمجه جو نالو آهي.
0 Comments