غزل

ھريندر پاتليا



جي ڪرين ٿي  وڃڻ جي ڳالھ  يار تون مونسان،

پوءِ وقت ڇو وڃايئي، ڪري اظهار تون مونسان.


اھي لمحا، يادون ۽ وسرن ڪيئن  ڪچھريون،

وري  الاٽ جـي  ٻنـــن تــي، گذار  تون مونسان.


منهنجي رھـي آ، رھندي ڪا آس اھا ئي ھميشہ،

آهي تمنا ترس ھي سـاري  ڄمـار  تون مونسان،


اڄ  بہ نٿــي تــون وســرين مـونکان   پــرين

اهو ئـي ڪـري رک ساڳـيو سينگار تون مونسان.


وسـري نہ ادا ھي ھريندر کان  تنھنجي،

ڪـرين ڇو ٿي جدائي اھڙي دلدار تـون مونسان.

Post a Comment

0 Comments