دل شڪستو ٿيل انسان ۽ شاھ جي شاعريءَ مان ملندڙ اتساھ (سُر سهڻي)
مبين سنڌي
آءُ سوچيندو هيس ڇا ڪڏھن صرف لفظَ بہ ڪنھن انسان جا ڀرجھلو ٿيندا آهن؟ ڇا ڪڏھن ائين بہ ٿيندو آهي جو انسان مڪمل ٽُٽي پيو هُجي پر پوءِ بہ صرف دلاسي يا ڪنھن جي لفظن تي هُن ۾ ٻيھرهمٿ پئدا ٿي وڃي ۽ زندگيءَ ۾ آيل تڪليف ۽ مشڪلات جي سامھون سڌو ٿي بيھي رھي، من تان بار ھلڪو ڪري، وري جستجو شروع ڪري. بعد ۾ اھو احساس ٿيو تہ بلڪل اهو ٿيندو آهي جو ڪڏھن ڪڏھن مڪمل طور تي جڏهن انسان ٽُٽي هيڻو دلشڪستو ٿي پوندو آهي تڏهن ڪنھن جا همدرديءَ ۾ چيل لفظ بہ هُن لاءِ وڏو اتساھ بڻجي ويندا آهن. پر جڏهن ائين هُجي جو انسان جي ذهني تڪليف ايتري وڌي وڃي ڪنھن جي ھمدردي بہ هن کي مستقل طور تي ٺيڪ نہ ڪري سگهي، يا هو ڪنھن سان پنھنجي دل جي ڪيفيت بيان ئي نہ ڪري سگھي يا ائين بہ ممڪن آهي جو اڄ دُنيا تمام مصروف ٿي وئي آهي، هن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪو هُجي ئي نہ تہ پوءِ هو اُنَ صورت ۾ ڪنهن جو پاسو وٺي؟
منھنجي خيال ۾ اسان وٽ ان مسئلي جو حل بہ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي املھ شاعريءَ ۾ موجود آهي. ڇو جو ڪو بہ انسان ڪنھن ذھني تڪليف يا مونجھ مان تيسيتائين ڇوٽڪارو حاصل نہ ٿو ڪري سگهي جيستائين پاڻ پنھنجي اندر ۾ حالتن سان منھن ڏيڻ جي همٿ پيدا ڪري، پاڻ کي مضبوط نہ ٿو ڪري.
ان کان پهريان اسان کي هن ڳالھ تي بہ سوچڻ گهرجي تہ آخر انسان ٿڪجي اندران ئي اندران ٽُٽي ڇو پوندو آهي؟ اهڙي ڪھڙي ڳالھ هوندي آهي جيڪا انسان کي ٿڪائي وجهندي آهي ۽ بظاهر مسڪرائيندڙ انسان کي بہ اندران ئي اندران ٽوڙي ختم ڪندي رهندي آهي؟ منھنجي خيال سان اُھا هوندي آهي اميد، آسرو، خواب. مطلب تہ هڪ انسان جيڪو چاهيندو هُجي، جنھن شئي جي اميد رکندو هُجي يا ڪنهن منزل تي پهچڻ جو خواب ڏسندو هُجي، هن جي زندگي هن کي پنهنجي ذهن اندر پاليل خوابن کان اُبتڙ جواب ڏئي مايوس ڪندي هُجي. اُنَ کانپوءِ انسان مايوسي ۽ نراسائيءَ واري زندگي گذارڻ شروع ڪندو آهي. ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ اھو ڪمال رکيل آهي جو جيئن جيئن انسان ان کي سمجھندو ويندو تيئن تيئن پنھنجي اندراھڙي قوت محسوس ڪرڻ شروع ڪندو جا هن هيڻي ۽ ڪمزور بڻجي ويل وجود کي سھارو ۽ آٿت ڏئي مظبوط ڪري ٿي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ تہ اُهو بہ ڪمال آهي جو هر شعور واري اک اُنَ کي الڳ الڳ نظريي سان ڏسي سگهي ٿي پر اڄ اسين اُن پهلوءَ جي ڳالھ ڪنداسين جيڪو موجودھ وقت ۾ اهم بہ آھي ۽ جنهن جي اڄ خاص ضرورت پڻ آھي. اُهو پهلو آھي تہ اسين پنهنجو پاڻ ۾ Self motivation پنهنجي ذريعي اتساھ ڪيئن پئدا ڪيون؟ ۽ ڇا اسين شاھ سائينءَ جي شاعريءَ ذريعي پنھنجي اندر پنھنجي ئي ذريعي اتساھ پئدا ڪري سگھون ٿا؟ بلڪل اسين ائين ڪري سگهون ٿا. شاھ سائينءَ جا ڪافي سارا اهڙا بيت موجود آھن جيڪي اسانجي اندر ۾ نہ ختم ٿيندڙ اتساھ ۽ ھمٿ پئدا ڪري سگھن ٿا. مطلب تہ اُنھن کي سمجهڻ ۽ اُنھن سان لنئون لڳائڻ کانپوءِ اسين هلڪي ڦلڪي مسئلي تي تہ پريشان ٿينداسون ئي ڪون. هتي اسين ڪجھ بيتن جو ذڪر ڪيون ٿا.
گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، آسَرَ مَ لاهيجِ؛
لَا تَقۡنَطُوا مِنۡ رَّحۡمَةِ اللهِ، تُرهي اِنَ تَريجِ؛
حَبِيباڻِي هيجِ، پَسِين مُنهُن ميهارَ جو.
(سُر سهڻي داستان ۱ بيت ۲۱)
سر سهڻيءَ جي داستان پهرئين جي هن بيت جي پسمنظر ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ اسانکي سهڻي نظر ايندي جيڪا ميهار جي سڪ ۾ گھڙو (ډلو) کڻي درياءَ ۾ گهڙي پئي ٿي ۽ دلو درياھ جي وچ ۾ ڀڄي پويس ٿو، مطلب تہ ھڪ اُھا ئي اميد ۽ وسيلو ھئس ميھار سان ملڻ جو جيڪو پڻ ختم ٿي وڃيس ٿو. پوءِ ڇا سهڻي رُڪجي ويندي نہ بلڪل بہ نہ اُنَ وقت شاهہ سائين سهڻيءَ سان مخاطب ٿيندي چويس ٿو تہ ..
جيڪڏهن تنهنجي آخري اميد گھڙو ڀڄي پئي ٿو پوءِ بہ آسرو نہ لاھ.
هاڻي اسين جيڪڏھن ڪجھ وقت لاءِ ائين محسوس ڪيون تہ شاهہ سائين سهڻيءَ بدران اسان کي مخاطب آھي ۽ مھار اسانجي منزل آھي جنھن تائين پھچڻ جو اسان عزم ڪيو آھي. گھڙو اسانکي منزل تي پھچائيندڙ حيلو وسيلو آھي. جڏھن وِچَ رستي ۾ اھو گھڙو ٽٽي ٿو پئي ڇا اسين بہ اُن سان گڏ ٽُٽي پئون! نہ ڪڏهن بہ نہ ڇو جو ٿي سگهي ٿو اُنَ وقت اسانکي اُهو هڪ ئي وسيلو نظر ايندو هُجي تڏھن تہ ٻي سٽ ۾ شاھ سائينءَ قرآن پاڪ جي آيت جو ٽڪرو ”لاتقنطو مِنۡ الرَّحمةاللّه“ ڏئي سمجهڻ لاءِ چيو آهي تہ ”خدا جي رحمت مان ڪڏهن بہ نااميد نہ ٿيو“هونئن بہ اھو چيو ويندو آهي تہ خدا پاڪ هڪ دروازو بند ڪندو آهي تہ اُنَ جي جڳھ تي ٻيو ضرور کوليندو آهي بس اسان جلديءَ ۾ اُنَ کي ڏسي ڪون سگهندا آهيون. هاڻي اچون ٿا بيت جي آخري سٽ ”حَبيباڻي ھَيج پسين مُنھُن ميھار جو“ تي جنھن ۾ شاھ سائينءَ فرمايو آهي تہ تنهنجو تنهنجي منزل سان جيڪو عشق هوندو اھو ئي توکي اُنَ تائين پهچائي اُنَ جو درشن ڪرائيندو.
ان بيت ۾ لطيف سائينءَ ڪنهن بہ منزل تي پهچڻ جو ڪيڏو نہ چٽو رستو ٻڌايو آهي تہ جڏهن انسان کي ڪنهن بہ شئي سان عشق ٿيو وڃي ٿو پوءِ ڀلي ان جا سڀ حيلا وسيلا ختم ٿي وڃن ٿا پر پوءِ بہ هو خاموش ٿي ويھي رهڻ بدران ان عشق کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي اڳتي وڌڻ جا جتن ڪري ٿو تہ ھو ھڪ ڏينھن ضرور پنهنجي محبوب (منزل) جو درشن ڪندو.ان ئي داستان جو هڪ ٻيو بيت آهي تہ.
ڪونهي آڳَہُ اَھِڙو، جهڙِي مُحبتَ مَنِ؛
اُڀِيُون اورِئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ؛
نَدِي تِن نيڙُ ٿِئي، جي رِيءَ تُرهي تَرَنِ؛
سِڪَ رَساڻي، سُهڻِي! اَصُل عاشِقَنِ؛
سي جَھليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي.
(سر سھڻي داستان ۱ بيت ۳۰ )
ھتي بہ شاھ سائين سهڻيءَ سان ئي مخاطب آهي تہ اهڙو ڪو آڌار ڪونهي جھڙو دل ۾ عشق. ڪوڙيون عاشقياڻيون ئي اورينء ڀر بيھي، ترھي جي پڇا ڪن ٿيون. تن لاءِ ندي ھڪ ننڍڙي نھر ٿيو پوي، جي ترھي بنا ترن ٿيون. اي سھڻي عاشقن کي! اصل کان سڪ ئي ھليو پرينءَ وٽ رسائي. جن کي ميهار جي لنئون لڳل آهي، تن کي ڪنن ڪين روڪيو آهي.
هن بيت ۾ بہ شاھ سائين اسانکي اھا ڳالھ ڪري ٿو تہ عشق کان وڌيڪ ٻيو ڪو اھڙو وسيلو ناھي. اُھي جيڪي پنهنجي منزل سان سچو عشق ڪندا ئي ناھن بس ان جا حوال ڪندا رهندا آھن اُھي ئي زندگيءَ ۾ ٻاهرئين ٻني سان بيھي اڳتي وڌڻ جا حيلا ڳولھيندا رھندا آھن. پر اُھي جيڪي انهن مشڪلاتن ۾ بہ گھڙي پون ٿا ۽ اڳتي وڌن ٿا انھن کي ان ايندڙ تڪليف مان بہ مزو ٿو اچي. حقيقت ۾ اها سڪ ۽ تڙپ ئي آهي جيڪا اسان کي پنهنجي منزل تي پهچائي ٿي جن کي پنهنجي منزل سان پيار ٿيو وڃي ٿو انھن کي ڪڏھن بہ تڪليفون ۽ پريشانيون اڳتي وڌڻ کان روڪين ڪون ٿيون.
اڄ اسان شاھ سائينءَ جي سر سهڻيءَ جي پهرئين داستان مان صرف ٻن بيتن جو ئي ذڪر ڪيو آهي حقيقت اها آهي تہ شاهہ سائينءَ جي پوري شاعري اسان لاءِ زندگي گذارڻ جو هڪ بهترين گس ۽ رستو آھي ۽ شاھ سائين اسان جو حقيقي محسن ۽ رھبر آھي، جنھن جي ھر بيت جي ھر سٽ اسان کي اڳتي وڌڻ جو درس ڏئي ٿي.
0 Comments