هڪڙو سور آ، جيڪو لڙڪ پروئي ٿو

 غزل

      احمد شاڪر




هڪڙو  سور  آ،  جيڪو لڙڪ  پروئي  ٿو،

۽ هي  لڙڪ آ جيڪو  مُک  کي  ڌوئي  ٿو.


ڪهڙي  آٿت   توکي  مان   محبوب   ڏيان،

منهنجو  روح آ  جيڪو مون  ۾  روئي ٿو.


ٻين جا بار خوشي سان جيڪو کڻندو هو،

هاڻي  آهي   پنهنجو  پاڻ   کي  ڍوئي  ٿو.


ساري  رات  هو  ٻين  لاءِ  جاڳي  لکندو  آ،

هڪڙو  شاعر   پنهنجو  نور   نچوئي   ٿو.


پيار،  محبت  جو  اهڃاڻ   چوان  شاڪر،

ڌاڳو ڌاڳو،   هڪ هڪ   موتي  پوئي   ٿو.

Post a Comment

0 Comments