نثري نظم
مِل جو مزدور
احمد شاڪر
هڪ گهر هڪ شهر هڪ مُلڪ
هڪ مزدور جي اک آڏو
هڪ مشيني مِل هوندي آهي
هڪ ويلو کائڻ وقت
گرھہ گرھہ ۾
بُک جو گرهہ
گردش ڪندو رهندو آهي
صبح کان
شام تائين
ڪربَ جي قبيلن مان گذرندو رهي ٿو
هڪ مزدور
سج جي کنڀجي وڃڻ کان پوءِ
تارا۔ چنڊ جي اڳواڻيءَ ۾
آڪاس تي احتجاج لئه نڪري ايندا آهن
۽ ٻارَ بک وگهي روئي پوندا آهن
مِل جو مزدور
ٻارن جي روئڻ کي مشين جو آواز سمجهي
ننڊ جي نگريءَ طرف نڪري وڃي ٿو
وري ڪين واپس وري ٿو!
0 Comments