غزل
نوشاد رضوان
هير گهلي ۽ چنڊ چڙهيو اڄ ڇلڪيو سنڌو ساگر آ ،
منهنجي مرکي مونتي تنهنجي ڪنڍڙي نڪ جو منتر آ ،
ڪارن ڪارن ڪڪرن وانگر ڇانيل آهي من اڀ تي ،
جهڙ ڦڙ جهڙو سندر منظر هٿ ۾ ڪورو ڪاڳر آ ،
تنهنجي هلڻي هرڻي جهڙي ڀونء بہ توتي ٺرندي آ ،
سانئڻ توکي جو بہ وساري سوئي ڪٽڙو ڪافر آ ،
ڪاري رات اڪيلائي ۽ ڏهر ڏهر خاموشي ،
اهڙي سانت کي آخر ٽوڙيو سجني تنهنجي جهانجهر آ ،
هيل ڀٽن تان هيلون کڻندي پنڌ بہ سوچيو ائن هوندو ،
چيلھ وراڪن منجھ رمي وئي ڪيڏي ڀاري گهاگهر آ ،
نم ۾ پينگھ ٻڌل تي لڏندي آهي مروي جي مهڪار ،
مورن کيڙا ايڏا هوندا جيڏو سندر آڳر آ
ڪارونجهر جي چوٽي وانگر تنهنجي چوٽي آ نوشاد ،
تنهنجو چهرو چوڏهين جهڙو تنهنجي اک سمندر آ ،
0 Comments