نظم
ڏاهر؛ اسان جا سُورما
احمد شاڪر
اي ڏاهر!
اسان جا سُورما
ديس تنهنجي جي
ڌرتيءَ تي
هر روز هاڻي ”بن قاسم“ جو اولاد
نئين سِر جنم وٺي ٿو
ديس تنهنجي جي
ڌرتيءَ تي
هر روز هاڻي ذهن جي زمين
ڪروڌ جي ڪِرت
حوالي ڪئي وڃي ٿي
ڪو مرحبائي راڳ
ڪاڪڙي جي ڪراٽيل ڄِڀَ سان
جهومي ڳائي ٿو
۽ انڌي عشق سندي
حامَ هڻي ٿو
اي ڏاهر!
اسان جا سُورما
ديس تنهنجي جي
ڌرتيءَ تي
هر روز هاڻي ”غلامي“
بدصُورتي اپنائيندي وڃي ٿي!
(۲ جولاءِ شھيد راجا ڏاهر جي شھادت جو ڏينهن)
0 Comments