مضمون
ماءُ
سجو سنڌيار
ھر سال سڄي دنيا ۾ مئي مھيني جو ٻيون آچر مائرن جو عالمي ڏينهن ملھايو ويندو آھي سو اڄ 12 مئي تي ماءُ جھڙي ھستيءَ جو عالمي ڏهاڙو آھي، جنھن جي تعريف ۾ جيترا لفظ لکجن اوترا گھٽ آھن بلڪہ اھڙا لفظ ئي ناھن جيڪي سندس مان ۾ بيان ڪري سگهجن. امڙ واحد ھستي آھي جيڪا سدائين پاڻ کي تڪليفون ڏيئي پنهنجي اولاد کي سکيو ستابو رکندي آھي امڙ ئي تہ آھي جنھن جي ٿورن سان اولاد ايتري بلندين تي پهچندو آھي امڙ ئي تہ آھي جيڪا پنھنجي ننڊ ڦٽائي اولادِ جي سارسنڀال لهندي آھي. ڇا ڪير آرام نہ ڪري، اوجاڳا سھي سگهندو پر امڙ واحد ھستي آھي جيڪا ھنن شين جي بنا پرواھہ ڪئي فقط اھو چاھيندي آھي تہ منھنجو اولاد خوش ھجي منھنجي اولاد جي خوشي منھنجي خوشي.
امڙ ئي تہ آھي جيڪا اولاد جي پرورش سٺي نموني ڪندي آھي تہ جيئن سڀاڻي وڏو ٿي اھڙا قدم نہ کڻي. ڇاڪاڻ تہ ماءُ ھميشہ پنھنجي اولاد لاءِ سٺو سوچيندي آھي تہ پنھنجي اولاد کي ڪنھن سٺي منزل تي ڏسان. امڙ پنھنجي اولاد کي هروڀرو ڪڏھن به اُف نہ چوندي آهي اگر ڪڏھن ڪاوڙ ۾ چئي به ڏنائين تہ بعد ۾ جيڪو پچتائيندي آھي شايد ڪنھن ڪنھن اھو محسوس ڪيو ھجي، اولاد کي سيني سان سانڍي سمجهائڻ لڳندي آھي ٻچا ائين ڪري ڇو ٿو پاڻ کي ڪُٺرائين؟ مطلب ايترو ارمان ٿيندو اٿس جيترو ڪنھن عاشقَ کي محبوب جي ڇڏڻ جو ارمان ٿيندو آھي. اھڙي نموني اولاد کي پالي وڏو ڪري ايتري قدر شادي بہ ڪرائي ڇڏي پوءِ به اولاد لاءِ سِر ڏيندي آھي حالانڪہ شاديءَ کانپوءِ ڪي اهڙا نافرمان اولاد ھوندا آھن جيڪي زال يا مڙس جي چوڻ تي جيجل کي تڪليف ڏيندا آھن. پر ان جي باوجود بہ جيجل تڪليفون برداشت ڪندي آھي تہ وري بہ منھنجو اولاد آھي جيجل ئي واحد ھستي آھي، جنھن سان اولاد ڀلي ڪيتريون ناجائزيون ڪري پر پوءِ بہ انکي ساھہ کان وڌيڪ پيارو ھوندو آھي. اگر ڪٿي غلطي اولاد جي ھوندي پر امڙ چوندي نہ منھنجو اولاد غلط ناھي ڪافي مائرون آھن جيڪي پاڻ کي سدائين ڏکن سورن ۾ رکي اولاد کي خوش رکنديون آھن ۽ اھو ئي اولاد جڏھن وڏو ٿي ويندو آھي تہ پوءِ ماءُ سان جيڪو سلوڪ ڪندو آھي جيڪو اڄڪلهہ جي سماج ۾ ائين ٿيندو رھي پيو.
امڙ جو قدر انھن کان پڇو جيڪو پنھنجي ماءُ سان ڳالهايو ٻولايو به نه ھجي مطلب سندس امڙ سندس ننڍپڻ ۾ وفات ڪري چڪي ھجي يا جيجل جو قدر ڪنھن يتيم کان پڇو جيڪو امڙ جي نه ھوندي جيڪي تڪليفون ڏسي ٿو. جيڪو ٻين جو محتاج رھيو ھجي. ڇاڪاڻ ته ماءُ ئي آھي جيڪا ڪڏھن به پنھنجي اولاد کي ڪنھن جي محتاج ناھي ڪندي. مون ڪٿي پڙهيو هو ته جن ٻارن جون مائرون جيئري فوت ٿي وينديون آھن ته اھي ٻار ڪچا ڌاڳا آڱرين ۾ اٽڪائي انھن ۾ پناھون تلاش ڪندا آھن، چوندا آھن تہ دولتمند اھو آھي جنھن وٽ پيسو آھي پر مان چوان ٿو اهو ئي دولتمند امير آھي جنھن وٺ ماءُ جھڙي ھستي آھي.
جيئن سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز ماءُ جي شان ۾ سندس شاعريءَ ۾ چيو آھي تہ ماءُ جي آغوش جھڙي عالم پناه ڪائي ناھي واقعي به ماءُ جي برابر ڪير بہ ناھي ھي اڄڪلهہ جا ماڻهو جيڪي پنھنجي گهر جي عالم پناه کي ڇڏي پِيرن تي وتندا پڄن توھان جي گهر ۾ جيجان موجود آھي ته توھان کي ڪنھن پير مرشد ڏي وڃڻ جي ڪھڙي ضرورت حالانڪہ پير مرشد جي دعا کان وڌيڪ ۽ جلدي امڙ جي دعا اگهندي آھي.
ماءُ ئي تہ آھي جيڪا پنھنجي اولاد جي خوشيءَ خاطر ڪيتريون نہ انوکيون حدون اورانگهيندي آھي جيجان جڏھن اولاد جي خوشيءَ ۾ خوش ھوندي آھي تہ سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري ھلڻ لڳندا آهن جڏهن ڪنھن جيجان جو ڪو اولاد منزل ماڻيندو آھي تہ ان وقت توھان جيجان کي ڏسو خوشيءَ ۾ روئي ڏيندو آھي اھي نہ ڪي ڏک جا لڙڪ ھوندا آھن بلڪہ سندس اولاد جي خوشيءَ جا ھوندا آھن.
جڏهن مائرون پنھنجي اولاد لاءِ دعائون گهرنديون آھن تڏھن پوري ڪائنات سندن ساٿ ڏيڻ لڳندي آھي ايتري ماءُ جي عظمت آھي گهرندي الله پاڪ کان آھي پر ساٿ ڪُل ڪائنات، جڏھن بہ ڪو اولاد ڪيڏانهن نڪرندو آھي ڪنھن ڏورانهين شھر يا ملڪ ڏي پوء ڀلي پڙهڻ ڇو نہ وڃي پوءِ پويان جيجان جيڪا پريشان ھوندي آھي ھر دم سندس اولاد کي ٻاڏائيندي آھي نماز وقت بہ ھٿ کڻي رب کان اھا ئي دعا گهرندي آھي تہ اي خدا مونکي ٻئي ڪنھن بہ شيءِ جي گهرج ناھي بس منھنجي ٻچن جي جان پنھنجي امان ۾ رکجانءِ ڪڏھن به ڏکيا ڏينھن نہ ڏسن! جنھن سان جيجل جون دعائون ساڻ ھجن ان کي دنيا جي ڪابہ شيء نٿي روڪي سگهي کڻي ائين چئجي کيس لھر نہ ڪو لوڏو.
ماءُ واحد ھستي آھي، جنھن جو رب پاڪ قرآن مجيد ۾ بہ ذڪر فرمايو آھي فرمايو آھي تہ:القرآن..
”اي پيغمبر ص پنھنجي امت کي ٻڌائي تہ پنھنجي والدين جو خيال رکن ۽ انھن جي خدمت ڪن ۽ جن جا والدين جيئرا آهن انھن کي حج عمر جي ضرورت ناھي پھرين انھن جي خدمت ڪن ايتري ماءُ جي عظمت ۽ اھميت آھي تہ توهان کي ھي حج عمرا ڪرڻ جي ضرورت ناھي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪرڻ حج عمري ڪرڻ کان وڌيڪ ثواب آھي.“
وري حضرت مولا علي عليه السلام جو قول آھي؛
”جيستائين اوھان جي جيجل امڙ جا ھٿ اوھان جي دعا لاءِ کڄن ٿا تيستائين اوھان دنيا جا امير ترين شخص آھيو.ماءُ جي عظمت جو ڪتابن ۾ بہ ڪافي جڳھين تي ذڪر ٿيل آھي. جيئن ڪاڪي ڀيرومل جو ھيٺيون مقبول نظم آھي.“
منهنجي امڙ
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجهان ٿي گود وهاريو؟
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو!
منهنجي امڙ
ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سمهاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي!
منهنجي امڙ
پنڌ ڪندي جي ڌِڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم؟
پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم!
منهنجي امڙ.
0 Comments