غزل
ايوب ساز
ويڙھہ جو سڏ ٿيو آر تي پار تي عشق آڌار تي
قوم ڀڙڪي اُٿي آھي يلغار تي عشق آڌار تي
سورين کي اسان ھو سجايو گهڻو وقت دشوار ۾
تون اسان سان نہ بيٺل ھئين دارَ تي عشق آڌار تي
آس آھي اھا شال پنھنجي اکين سان ڏسين تون ڏسين
جهومندا لال انگاس مينار تي عشق آڌار تي
ديس پرديس ۾ ڪين سودو وطن جو ڪيوسين ڪڏھن
سِر لُٽائي ڇڏياسين تہ انڪار تي عشق آڌار تي
ايترو ڇو ڊنل تون ڀلا رقص کان راڳ کان جاڳ کان
بندشون تو لڳايون ڪلاڪار تي عشق آڌار تي
بيوفا ماڻھو تھمتن کان رھيا اڄ بہ آجا ايوب
ڏوھہ ثابت ٿيا سڀ وفادار تي عشق آڌار تي
0 Comments