روسي هيئت پسندي
عنايت نهڙيو
ويهين صدي نه صرف ٻن مهاڀارين جنگين ۽ لکين ماڻهن جي قتل عام جي شاهد آهي، پر ادبي ۽ لسانياتي تحقيق توڙي تنقيد ۽ فڪر جي نواڻ جي حوالي سان به هي صدي هڪ اهم تاريخي ڇال ثابت ٿي. کري کوٽي ادب جي پرک ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ جيترا طريقا وضع ٿيل هئا، انهن مان ڪافي مدي خارج ثابت ٿيا ۽ انهن کي نون دليلن جي روشني ۾ رد ڪيو ويو، جڏهن ته ان سان گڏ نون نظرين به پنهنجو اڀار ڪيو ۽ ادبي دنيا تي ڇانئجي ويا. روسي هيئت پسندي به اهڙو ئي نظريو هو، جيڪو ويهين صدي جي ٻئي ڏهاڪي ۾ سامهون آيو، هن نظريي مان ساختيات ۽ نئين تنقيد اثر ورتو، پر خود هي نظريو ٽئين ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري ادبي دنيا جي منظر تان الوپ ٿي ويو. سنڌي ادب جي اها خوشقسمتي آهي جو سنڌي ادب ۾ ٻاهريئن ادب کي پڙهندڙ نقاد ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ۽ اڪبر لغاري روسي هيئت پسندي جو شروعاتي تعارف ڪرائي چڪا آهن.
تاريخي طور تي ڏٺو وڃي ته جيڪي به روسي هيئت پسند هئا انهن مان گهڻن جي پيدائش 1900ع کان اڳ جي آهي، مطلب انهن پهرين مهاڀاري لڙائي (1918ــ1914) کي پنهنجي جواني ۾ نه صرف اکين سان ڏٺو هوندو پر ان دور جي انهن حالتن جا به اکين ڏٺا شاهد هئا. انهن ليکڪن جي ٻن گروهن پاڻ ۾ ملي ادب جي نئين سر پرک ڪرڻ لاءِ تنظيمون ٺاهيون، پهرين تنظيم ”ماسڪو لئنگسٽڪ سرڪل“ جي نالي سان 1914ع ۾ منظرعام تي آئي، جنهن جو بنياد ته روسي ماهر لسانيات فلپ فورتُناتوف وڌو پر انهي ئي سال سندس وفات ٿيڻ کان پوءِ انهي گروهه جي سرواڻي رومن جيڪب سن جي هٿ ۾ آئي. هن گروهه ۾ ؛ گريگوري وينوڪور، پيٽر بوگاتيريوف ۽ ٻيا شامل هئا.
جڏهن ته ٻيو گروهه (OPOYAZ) جي نالي سان ظاهر ٿيو، جيڪو روسي ٻولي جو مخفف آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ The society for the study of the poetic language چيو ويندو آهي. هي گروهه (پيٽروگراڊ) هاڻوڪي سينٽ پيٽرسبرگ ۾ 1916ع ۾ قائم ٿيو. هن تنظيم جو بنياد روسي نظريا ساز ۽ نقاد وڪٽر شڪلووسڪي وڌو. وڪٽر سان گڏ سندس ٻانهن ٻيلي بورس آئخن بام، يوري تينيانوف، پروفيسر بورس توماشيووسڪي ۽ ٻيا هئا. انهن مان ڪجهه اهڙا ليکڪ به هئا جيڪي هڪ ئي وقت ٻنهي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ هئا. انهن مان ئي ڪيترن ليکڪن اڳتي هلي روسي هيئت پسندي جا نوان اسڪول به منظم ڪيا، جيئن ماسڪو لئنگسٽڪ سرڪل جو روح راون رومن جيڪب سن سويت يونين کي سال 1920ع ۾ الوداع چئي چيڪوسلوواڪيا هليو آيو ۽ چيڪ ٻوليءَ جي لساني ماهر وليم ميٿيوز پاران ٺاهيل تنظيم ”پراگ لئنگسٽڪ سرڪل“ کي منظم ڪيو. هيئت پسندي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ميخائل ميخائيلووچ پاران ”باختن سرڪل“ جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن مارڪسيت ۽ هيئت پسندن کي هڪ صف ۾ بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي.
روسي هيئت پسندن کي تنقيدنگاري ۾ اهم ۽ بنيادي حيثيت رکندڙ تصور متعارف ڪرائيندڙ چيو ويندو آهي، هنن متن جي روايتي پڙهڻي جيڪا تاريخي ۽ ثقافتي طريقي سان ڪئي ويندي هئي تنهن کي ڇڏي نئين انداز سان متن جي پرک ڪرڻ شروع ڪئي. هو متن کي گهرائي سان پڙهڻ تي زور ڏيڻ سان گڏ فن پاري جي متني تجزيي جي اهميت کي اوليت ڏيندا هئا. هيئت پسند ادبي فن پاري جي معني نه صرف ان جي لساني عنصرن جو باريڪ بيني سان جائزو وٺي قائم ڪندا هئا، پر انهن جي نظريي موجب ان جي ساخت جي عنصرن جو به مطالعو نهايت ضروري آهي. فن پاري ۾ موجود مواد جيڪو متن جي مختلف رخن کان سمجهاڻي پيش ڪري ٿو، جنهن کي ان وقت تائين اوليت ڏني پئي وئي تنهن کي هيئت پسندن ثانوي جڳهه ڏني.
هيئت پسند پنهنجي نظريي ۾ ان ڳالهه جا قائل هئا ته، متن ۾ معنويت ان جي مخصوص هيئت جي ڪري ئي ممڪن آهي. تنهنڪري متن جي هيئت مطالعي سان ئي معنويت جي رمز سمجهي سگهجي ٿي. هي هڪ نئون نظريو هو، جيڪو ادب جي پرک ڪرڻ لاءِ هيئت پسندن متعارف ڪرايو. روسي هيئت پسند پنهنجي تحريڪ جي شروعات کان آخر يعني سينٽ پيٽرسبرگ ۽ ماسڪو کان چيڪو سلوواڪيا تائين پنهنجي نظرياتي سفر ۾ ’ڇا آهي ‘ جي بجاءِ ’ڪيئن آهي‘ واري نظريي جي پرچار ڪندا رهيا. هنن جي خيال ۾ هيئت کي معروضي انداز سان جاچڻ کان پوءِ ئي متن ۽ ان بابت مختلف رُخ بهتر انداز ۾ سمجهي سگهجڻ جهڙا ٿي سگهن ٿا. مثال طور جتي جمالياتي نقاد فن پاري ۾ حسن، رومانويت پسند نقاد عشق ۽ مارڪسي نقاد طبقاتي فڪر کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اتي وري هئيت پسند فن پاري جي هيئت کي بحث جو موضوع بڻائيندو آهي.
روسي هيئت پسندن زبان جي استعمال کي ٻن خانن ۾ ورهايو، جنهن کي ’عملي زبان‘ ۽ ’ادبي زبان‘ جو نالو ڏنو ويو. عملي زبان اها زبان آهي جيڪا روز مره جي استعمال ۾ ايندي آهي، جنهن جو ڪو به ادبي ڪارج ناهي هوندو. پر ادبي زبان اها آهي جيڪا اسين ڪنهن فن پاري يا خاص طور تي شاعري ۾ پڙهندي محسوس ڪندا آهيون، جيڪا اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. هنن جو نظريو هو ته ، اسين ڪنهن به شاعري جي هڪ اسم مان ڪا سٽ ڪا ڪو بند، توڙي ڪنهن ڪهاڻي يا ناول جي هڪ ٽڪري کي به ادبي زبان قرار نه ٿا ڏئي سگهون، ڇو ته اها هڪ جزو آهي. مثال اسين ڪنهن ڪهاڻي جي هڪ پئراگراف کي تيستائين ادبي زبان ۾ شامل نه ٿا ڪري سگهون جيستائين ان ڪهاڻي جي ٻين جزن يعني مختلف پئراگراف کي کڻي پاڻ ۾ ملايون. تنهن کان پوءِ ئي اها ادبي زبان قرار ڏئي سگهجي ٿي. ان کان علاوه روسي هيئت پسندن پنهنجي نظريي ۾ نثر کان وڌيڪ شاعري کي اهميت ڏني. هنن جي نظر ۾ شاعري ئي پنهنجي تعميري معيار سبب اسان کي متوجه ڪندي آهي، تنهن ڪري ان کي ئي اعلي ادبي زبان قرار ڏئي سگهجي ٿو. واضع رهي ته روسي هيئت پسندن سان گڏ ان وقت مستقبل پسندن’فيوچر ازم‘ جي به هڪ تنظيم هئي جيڪا جدت جي حامي هئي شهري زندگي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي حامي هن تنظيم هر شئي کي سائنسي انداز ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. مستقبل پسندن پراڻي تهذيب جي مدي خارج ڳالهين کي ختم ڪرڻ سان گڏ ايجادن ۽ مشيني ترقي کي فوقيت ڏني. روسي هيئت پسندن ۾ ادب جي پرک بابت سائنسي انداز انهن جي اثر جي بدولت ئي آهي.
جنهن وقت روسي هيئت پسندن جو اڀار ٿيو، ان وقت سويت يونين ۾ ڪميونسٽن جي حڪومت هئي. مٿين ليکڪن جي ادب بابت اهڙي تشريح ڪميونسٽ حڪومت جي نظريي سان بلڪل به ٺهڪندڙ نه هئي، تنهن ڪري کين نظرياتي طور روس ۾ قبول نه ڪيو ويو. ٽراٽڪسي پنهنجي ڪتاب ”ادب ۽ انقلاب“ ۾ روسي هيئت پسندن تي ڇتي تنقيد ڪئي، جنهن جي جواب ۾ روسي هيئت پسند رومن جيڪب سن ۽ ٻين جوابي مقالا به لکيا. پر ان وقت جي سويت يونين ۾ ادب بابت سماجي حقيقت پسندي زور وٺڻ ڪري جملي هيئت پسند مايوس ٿي ويا ۽ نتيجي طور انهن کي سويت يونين کي الوداع ڪرڻو پيو. انهن مان جيڪي هيئت پسند آمريڪا ويا انهن اتي وڃي ’نئين تنقيد‘ جي نظريي کي زور وٺرايو. نه صرف ايترو پر جديد لسانيات ۾ فرڊي ننڊ ڊي سوسيئر جي پيش ڪيل ساختيات واري سان گڏ جديد اسلوبيات جي نظريي کي به روسي هيئت پسندي اتساهه ڏنو.
0 Comments