غــــزل
آفتاب حسين جمالي
آسمان کي ڇُهندي ھو عقاب ڏسين ٿو،
تَرُ تان چمڪندڙ ھو ماهتاب ڏسين ٿو.
موســـم بھار مَڌَ ھوائين جــــا سرڙاٽ،
ڀَريَلُ مَستِين سان ھو گلاب ڏسين ٿو،
سُھڻـــي مُـــکڙي ڪـــاري زلـــف واري،
سُرھـــاڻ ڪنـــول جـــو آداب ڏسين ٿو،
اندر جـــون پيڙائون ڪَچن ڪاغذن تي،
سُونهن سان لِکِيـــل ھو ڪتاب ڏسين ٿو
صبح سويـــلي ننڊ ڦِٽَـــائي سُڄـــاڳُ ٿي،
ڪُـــولِي کاھـــوڙين کي بيتاب ڏسين ٿو
ڪَچُ ڪِنَارِي پيرُ پسائي قلــــب سَرهائي،
سنڌو دريــــاءَ جـــو ھو شاداب ڏسين ٿو
شامَ جي پھر غروب آفتــــاب ڏسين ٿو،
قدرت وَ فِطرت جو جــــواب ڏسين ٿو.
0 Comments