ڪير آھي ساھ ۾

 غزل 

عليم دانش ميراڻي


ڪير آھي ساھ ۾

پئي خبر آ چاھ ۾


ٿورڙو ٻُڌ غور سان

ڪا صدا ٿئي آھ ۾


پاڻ کي ڇو آخر؟

مون اڇلايو باھ ۾


 سڀ جبل ڊھڻا هيا

 هوءَ جو آئي ڪاھ ۾

 

مسڪرائي هُن چيو

نيٺ ڇاهي ٺاھ ۾


مُحب موچارو کپي

سنڌ تنھنجي راھ ۾

Post a Comment

0 Comments