عورتازاد تحريڪ ۾ ايندڙ رُڪاوٽون ۽ عورت جون عملي ڪوتاهيون
سجاد علي (سنجو)
انسان جي سوچ ۾ مسلسل تبديليون اينديون رهيون آهن، جيئن وقت نديءَ جي وهڪري جيان هلندو رهي ٿو ۽ نتيجا پهران جي حساب سان ساڳيا نٿا رهن، تيئن سماج ۾ گهڻي دير سوچون بہ ھميشہ هڪجهڙيون نہ رهي سگهنديون آھن. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ نيون ايجادون ٿينديون رهن ٿيون ۽ انسان ورهن کان دُهرائجندڙ رسمن ۽ رواجن ۾ حالتن جي حساب سان ڀوڳيندي پنهنجي بھتر مستقبل لاءِ بهرحال ڪو نظريو سوچيندو/ ڏيندو آهي. معاشري ۾ بھتر سهولتون حاصل ڪرڻ جي اِن تسلسل ۾ سڀ کان پهران نظريو (Theory) ڏنو ويندو آهي، اُن جي پويان مختلف رُجحانَ (Trends) اُڀري سامهون ايندا آهن ۽ پوءِ تحريڪ (Movement) تي بہ عملي ڪم ٿيندو آهي.
بظاهر عورتازاد (Feminism) بہ هڪ نظريو آهي جنهن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ماضيءَ ۾ طرح طرح جا رُجحانَ اُڀري آيا ۽ پڻ تحريڪن تي بہ ڪم ٿيو آهي. بنيادي طور تي هي تحریڪ عورتن جي حقن جي وڪالت ڪندي آهي جيڪي جنسي طور تي مردن جي حساب سان ڪم تر ڏنا ويندا آهن. عورتازاد جنهن طرح سان ڪم ڪندي آهي سو عورت کي بہ اجازت ملڻ کپي تہ مرد جيان هڪجهڙي تعلیم، صحت، کاڌ خوراڪ ۽ اُجوري وغيره سان گڏ پنهنجي ترقيءَ لاءِ بھتر موقعا حاصل ڪري سگهي ۽ جنسي زيادتين جهڙن نيچ عملن کان بہ محفوظ رهي. ان حوالي سان ماضيءَ تي نظر وجهنداسين تہ فرانس جي انقلاب 1789ع ۾ شهرين جي حقن کي طئي ڪيو ويو هو. شهريءَ مان عام مراد مرد ئي هوندو آهي پر اُهو فرانس جو ئي انقلاب هيو جنھن اسان کي عورتن جي حقن جو ڪجھ قدر اشارو ڏنو. جيئن تہ اِن انقلاب کان ٻہ سال پهران 1787ع ۾ روشن خيالي دور جي فلسفي 'ڪوندروچي' عورتن جي حقن لاءِ ڪتابچو ڇپرايو هو. هن جا بہ اِهي ئي مطالبا هئا تہ عورت جا اُهي فطري حقَ آهن جن جي دعوا مرد ڪري ٿو. اُن انقلاب ۾ عورتن پراڻي جاگيرداري نظام خلاف بہ عملي جدوجهد ڪئي هئي.
جاگيرداري نظام ۾ ماڻهون فطرت کي تمام ويجهو ۽ سماجي رسمن توڙي رواجن ۾ گهيريل هئا. ترقيءَ جي رفتار گهٽ هئي، پيري مُريدي ۽ مذهبي انتهاپسندي چوٽَ تي هئي، ماڻهون پنهنجي تقدير کي قدرت جو ليکو مڃندا ھئا ۽ حالتن کي بدلائڻ جو شعور نہ هو. ايتري قدر جو ھڪ سُلجهيل مرد بذات خود اهڙن ڪٺن حالتن خلاف آواز اُٿارڻ کان ڪيٻائيندو هو، تہ عورت جو ڪهڙو درجو رهيو هوندو؟ اِن سلسلي ۾ کوڙ سارن ليکڪن تہ پنهنجي سِر جي قرباني ئي ڏئي ڇڏي آهي. فرانس جي انقلاب کان ٻہ سال بعد 1791ع ۾ 'اولمپي ڊي زوزي' ھڪ ليکڪا هئي، اِن بہ عورتن جا حق طئي ڪري اعلان نامون ڇپرايو ۽ 1793ع ۾ هن جو سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. پوءِ عورتن لاءِ سياسي سرگرمين تي پابنديون لڳي ويون. ان طرح جيئن ئي انقلاب کانپوءِ حالتون نئين حڪومت ۾ آيون تہ عورتن جي حقن کي پوئتي ڪيو ويو ۽ پراڻو مردن وارو 'پدري نظام' (Patriarchy) بهال ٿي ويو. پوءِ وڏي عرصي تائين نہ فقط فرانس ۾ بلڪي پوري يورپ اندر صحيح معنیٰ ۾ عورت جي حقن لاءِ ڪا تحريڪ متحرڪ نہ ٿي سگهي، ايتري قدر جو ناروي ۾ بہ عورتن کي اليڪشن ۾ بيھڻ لاءِ 1913ع ۾ حق ڏنو ويو، باقي ملڪن ۾ اڃا بہ جدوجهد ڪرڻي پئجي رهي هئي.
اِهي تہ ٿي ويون يورپ جي تاريخ جون ڪجھ جھلڪون پر اسان جي ملڪ ۾ بہ پدرشاهيت ورهن کان هلندي پئي اچي. عورتازاد ۽ پدرشاهي سماج سدائين هڪٻئي جي مخالف رهيا آهن. پدري/ پدرشاهي سماج (Patriarchy) هڪ اھڙي سماجي جوڙجڪ آهي جنهن ۾ عورت کي هر شعبي ۾ پوئتي ڪيو ويندو آهي ۽ سمورا اقتدار مرد جي هٿن ۾ هوندا آهن، جن جي معرفت پنهنجي زندگي بسر ڪري رهي هوندي آهي. هتي عورت کي سماجي، سياسي، اقتصادي، معاشي ۽ جنسي برابرين جهڙا حقَ مرد جي حساب سان گهٽ مليل هوندا آهن. پدري لفظ جي معنیٰ ئي پيءُ جو/جي يا ڪنهن مرد جو/جي هوندي آهي. اُن حساب سان گهر جا وڏا بہ اُهي ئي ٿيا جيڪي فيصلا تہ سوچي سمجهي ئي ڪندا پر اُهي فيصلا ورهن کان هلندي ايندڙ خانداني رسمن جي تسلسل سان ٻڌل هوندا آهن، جيڪي گهڻي قدر مذهب ۽ ثقافت جي بنيادن تي ٿين ٿا ۽ عورتن کي شخصي آزاديءَ کان محروم رکندا آهن. شهرن ۾ اڪثريت مذهبي انتهاپسندن جي ۽ ڳوٺن ۾ ثقافت، پيري مُريديءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي حامين جي هوندي آهي، جن حالتن ۾ پراڻي جاگيرداري نظام جون جھلڪون نظر اينديون آهي ۽ عورتازاد جي تحريڪن قائم ٿيڻ ۾ رُڪاوٽون پيون بڻبيون آهن.
ڏٺو وڃي تہ اسان جي معاشري ۾ پدري جو اسعتمال عام ٿيندو پيو وڃي، اگر ڪا ڇوڪري اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي يا ڪنهن نوڪريءَ جهڙي پليٽفارم تي گهر کان ٻاهر نڪري ٿي تہ رستي ۾ پردي جو سهارو وٺي ٿي ۽ منزل تي پهچندي ئي اُن جي گرفت مان جھٽ ڏئي پاڻ ڇڏائي ٿي. اسان مثال وٺون يونيورسٽيءَ جي ڪنهن عام شاگردياڻيءَ جو جيڪا گهران پردو ڪري آئي هئي سو اُتي مائٽن کان پري پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجھندي بي نقاب ٿي ويندي آهي ۽ ساڳي طرز گھر موٽندي اُها پوشاڪ اوڍي ڇڏيندي آهي، يا اگر هوُءَ بازار ۾ بہ پردو ڪري نڪري ٿي تہ اُن ڊپ کان نہ تہ ڌاريا ماڻهون سندس ڏسي ويندا، پر گھر وارا ڇا سوچيندا؟ جو ڊپ هوندو اٿس. اهڙن عملن سان تہ صاف صاف خبر پئي ٿي تہ ڇوڪري پردي جي قيد مان آزاد ٿيڻ چاهي ٿي پر هن کي پنهنجي خاندان جو خيال اچي رهيو آهي. عورت جي آزاديءَ جي سفر ۾ جيڪي بنيادي قدم کڻڻا پوَن ٿا انھن ۾ پنهنجو انداز تبديل ڪرڻ اچي وڃي ٿو ۽ اِهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن هوءَ پنهنجي گهر وارن سان سٺا تعلقات رکندي.
رابطي جي گنجائش (Communication Gape):
هڪ کير پياڪ ٻار خاندان ۾ سڀني جو دادلو هوندو آهي، پندرهن سالن تائين تہ سُٺي مستي مذاق ۽ حرڪتون ڪندو آهي پر بدلجندڙ وقت سان گڏوگڏ ھن جون خواهشون بہ ساڳيون ناهن رهنديون. کوڙ سارا نوجوان تہ ويهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجين خواهشن پويان لڳي والدين کي وقت ئي نہ ڏئي سگهندا آهن ۽ هي اُهو وقت هوندو آهي جڏهن رابطي ۾ گنجائش (Communication Gape) جي شروعات ٿيڻ لڳندي آهي. انهن حالاتن ۾ نوجوان پنهنجي ماءُ سان پوءِ بہ ڳالهائيندو ٻولائيندو رهندو آهي پر پيءُ سان ڪجھ وقت بعد کُلي ڳالهائي ناهي سگهندو، مثلً ڪِن نوجوان کي اگر پيءُ کان خرچ وٺڻو هوندو تہ اُهي سڌو سڌو چئي نہ سگهندا پر ماءُ کي ئي رابطي جو ذريعو بڻائيندا. ساڳي حالت پيءُ سان بہ هوندي آهي، هُو اولاد کان پري ٿي ويندو آهي ۽ خواھشون ڄاڻڻ لاءِ سندس (اولاد) جي سنگتين شاٿين سان مختلف موضوعن تي ڇيڙڇاڙ ڪندو آهي.
هڪ ڇوڪري اگر اهڙن حالاتن مان گذري رهي هوندي آهي تہ پنهنجي احساسن جي ترجماني نہ ڪرڻ سبب پيءُ چاهي ڇا ٿو؟ اِن جي خبر بہ نہ پئجي سگهندي اٿس، هُوءَ يقينن اِهو سوچيندي آهي شايد پيءُ هن جو پردي ۾ ئي ڀلو چاهي ٿو، جڏھن تہ ڪن حالتن ۾ اِئين بلڪل ناهي هوندو. پدرشاهي سماج ۾ بيشڪ جاگيرداري نظام جون نشانيون نظر اچن ٿيون پر هن وقت جديد ٽيڪنالاجي ۽ مقابلي جو دور آهي، ماڻهون فطرت جي ايترو ويجهو نہ رهيا آهن ۽ حالتن کي بدلائڻ جو شعور قدیم زماني جي مقابلي ۾ وڌيڪ آھي. ان حساب سان ڪهڙو پيءُ چاهيندو تہ ھن جي ڌيءُ پوئتي رهي؟ اگر عورت مرد جي ڪُلهي سان ڪُلهو ملائي هلڻ چاهي ٿي تہ اِن لاءِ مرد تہ پردو ڪونہ ڪندو نہ، البت عورت کي ئي مرد جيان خود اعتماد ٿيڻو پوندو.
اسان جي معاشري ۾ جنسي زيادتين جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، البت عورت جي پردي ڪرڻ جي اِها بہ وجع آهي تہ سماج ۾ اهڙا وحشي بگهڙ سرعام استادن، مُلن، ڊاڪٽرن توڙي ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري ملازمن جي رُوپ ۾ گُهمي رهيا آهن. آئي ڏينهن ڪنهن نياڻيءَ سان جنسي زيادتيءَ جي وارتا منظرعام تي اچي ٿي پر اوهان ڪڏهن ڪنھن واقعي ۾ ائين ڏٺو تہ نياڻي، نياڻيءَ کي يا گهٽ عمر جي ڪنهن ڇوڪري کي جنسي طور حراسان ڪري رهي هُجي؟ سائنسي طور تي ڏٺو وڃي تہ عورت ۽ مرد ٻنھين جون جائز توڙي نا جائز جنسي ضرورتون هوندي آهن، جيڪي هنن کان اهڙا نيچ عمل بہ ڪرائي سگهن ٿيون جو ڪارروائيءَ کانپوءِ معاملو قتل تي اچي بيهندو آهي تہ جيئن ڪنهن کي کُڙڪ نہ پئجي سگهي. اوهان گرلز ميڊيڪل ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جي ڪنھن شاگردياڻيءَ کان پڇندوَ تہ اهڙن ڪجھ واقعن جي خبر پوندي جن ۾ فِيميل (Female) اُستاد ڪنهن شاگردياڻيءَ کي جنسي عملن ڪرڻ تي مجبور ڪيو هوندو آهي پر عورت جي معاملن تي پردو وڌو ويندو آهي ۽ وائرل فقط مردن جي جنسي حراسمينٽ جا ڪيس ٿيندا آهن، جن اسان جي سماج ۾ عورت کي ڊيڄاري رکيو آهي ۽ هر مرد کي اهڙي شڪِي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
ھارَ سينگارَ/ غلاميءَ جون نشانيون:
قديم زماني ۾ عورت سان اهڙي ويڌن رهي آهي جو هن سان جانورن وارو سلوڪ ڪيو ويندو هو، جيئن ڳئن ۽ ٻڪرين وغيره کي رسيءَ سان ٻڌي پاليو ويندو آهي ائين ئي ڪا نارِي اگر ڪنهن مرد کي پسند ايندي هئي تہ زبردستي اُن جي نڪ مان رسِي ٽپائي پاڻ وٽ رکندو هو، يا ناريءَ جا مائٽ نڪ مان رسي ٽپائي مرد جي حوالي ڪندا هئا تہ ھاڻي پنهنجي گهر ڪاهي وڃي، ڇا بہ ڪريس، هاڻي هن جي آهي. سو نڪ ۽ ڪن ٽوپرائڻ، ٻانهُن ۾ چوڙيون پائڻ، پيرن ۾ پازيب، ڳچيءَ ۾ هار پائڻ وغيره سڀ قديم زماني جي غلاميءَ جون نشانيون رهيون آهن. مارئيءَ جي زماني ۾ عورتون پنهنجي اکين جي ساڄي کاٻي، نرڙ جي وچ تي ۽ ڄاڙيءَ تي ڪجل سان ٽي ٽي نڪتا ڪڍي پنهنجي چهري کي بگاڙينديون هيون، ڇوجو تنھن زماني ۾ ڌاريا عورتن کي اغوا ڪري کڻي ويندا هئا جيئن عمرَ مارئيءَ کي کڻائي ويو هو. سو اهڙين کوڙ سارين غلاميءَ جي نشانين کي اڄڪلھ جي عورت پنهنجو سينگار بڻائي ڇڏيو آهي. غلطي هن جي بہ ناھي جو سندس کي تاريخي حقيقت کان آگاھ نہ ڪيو ويو آهي ۽ اهي شيون اڄوڪي زماني ۾ سينگار جو حصو بڻيل آهن پر انهيءَ سان گڏ عورت جي نزاڪت ۽ هيڻائپ جي وڪالت پڻ ڪن ٿيون.
اوهان پاڻ ئي تصور ڪيو تہ هڪ مرد کي عورت جيان هار سينگار ۽ چوڙيون پارائبيون تہ هُو طاقتور هوندي بہ ڪيترو نہ عجيب، هيڻو ۽ ڪمزور لڳندو. سو انداز ئي اوهان کي طاقتور بڻائي ٿو، ڏسندڙ جي پھري نظر اوهان جي انداز کي ئي پرکيندي، اوهان ۾ ڪيترو شعور ۽ حوصلو موجود آهي؟ انهن جو پتو تہ بعد ۾ پوندس جڏهن اوهان سان سٺي لھ وچڙ ۾ رهندو.
عورت، هڪ تخليقڪار:
عورت جي نالي چيو وڃي ٿو تہ اڻ پوري باڊي آهي ۽ مرد مڪمل آهي. ويندي هن جي جنسي عضون کان ۽ جسم جي نزاڪت کان، اسان کي اِها بہ خبر پئي ٿي تہ مرد جو سمورو جسم ڏورن (Muscles) سان مضبوط ٿئي ٿو ۽ عورت جو جسم ايترو مضبوط نٿو رهي جو ھڪ مرد ٽن عورتن جو اڪيلي ئي مقابلو ڪري سگهي ٿو. عورت جيئن تہ تخليقڪار آهي ۽ نوَن مھينا ٻار کي ڪُک ۾ رکي رکي ساڻي ٿي پئي ٿي، پوءِ ڪا ٻار ڄڻي ٿي تہ ڪا زندگي ئي وڃائي ٿي ويھي. قديم زماني ۾ مرد کي عورت جي نزاڪت ۽ ڪمزوريءَ جي خبر تڏهن پئي جڏهن هُو شڪار تي ويندا هئا ۽ عورت پيٽ سان هُجڻ سبب شڪار تي ڀڄي ڊوڙي نہ سگهندي هئي، پوءِ گهر/ غار ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيائين. ھاڻي اُها پنهنجي پاڻ کي وندرائڻ لاءِ گهر جا ڪم ڪرڻ لڳي ۽ آهستي آهستي هُوءَ گهر تائين ئي محدود ٿي وئي.
آزادي، هڪ اُڃايل وڻ مثل:
عورتازاد تحریڪ جي سلسلي ۾ آزادي هڪ اُڃايل وڻ مثل آھي، جنھن جون پاڙون پدرشاهي مرڪز يعني گهر ۾ دفن ٿيل هونديون آهن ۽ شاخون ٻاهرين پليٽفارمن جهڙوڪ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ اسپتالن وغيره ۾ پهچنديون آهن. اسان اڪثر ڏٺو آهي تہ آزاديءَ جي اِن اُڃايل وڻ جي خدمت شاخن (ڪاليجن، يونيورسٽين وغيره) ۾ مختلف تنظيمن ۽ تحريڪن سان ڪئي ويندي آهي، جڏھن تہ شاخن کان ڪڏهن بہ آزادي بهال ناهي ٿيڻ واري ۽ نہ وڻ تي ڪو اثرائتو ڪم ٿيندو. بلڪي وڻ کي جتي خدمت جي ضرورت آهي سو اُهي شاخون نہ بلڪي پاڙون آهن جيڪي گهر (پدرشاهي مرڪز) ۾ دفن آهن، ڪا عورت پاڙن کان خدمت ڪندي (آواز اُٿارڻ شروع ڪندي) تہ شاخن (اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين پليٽفارمن) تائين پاڻهين آزادي ملي ويندس، پر شرط اها آهي جو هُوءَ گهر وارن سان سٺا تعلقات رکي.
عملي جدوجهد:
البت مان ايترو ضرور ڄاڻان ٿو تہ اِهي عورتون جيڪي عورتازاد (Feminism) کان چڱيءَ طرح واقف آهن ۽ اِن متعلق مختلف صنفن تي ڪم ڪري چڪيون آهن سو عملي جدوجهد کان ايترو ئي ڪيٻائن ۽ لنوائن ٿيون. پر انھن جي ابتڙ ڳالھ ڪجي اڄڪلھ جي فقيراڻين، ڀيلڻين، طوائفن ۽ ڪنيزن وغيره جي تہ عورتازاد جي 'ع' کان بہ واقف نہ هونديون ۽ عملي زندگيءَ ۾ شهرن، اِسٽاپن، چڪلن، مجلسن ۽ محفلن، توڙي جٿي ڪٿي مردن جي ڪُلهي سان ڪلهو ملائي، اکين ۾ اکيون وجهي نہ فقط ڳالهائينديون آهن پر مرد اگر رُکائيءَ مان گهٽ وڌ چئين تہ موٽ ۾ اُن کي اهڙو ئي جواب ملندو آهي. عورتازاد انهن جيان برابريءَ واري تحريڪ ئي تہ آهي، مطلب پدرشاهي سماج کان نہ گهٽ هُجي نہ وڌ. پوءِ هنن شعور يافتہ شاگردياڻين کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا اِهي يا انهن جا مِٽ مائٽ اهڙن عملن کي رنڊيبازي ٿا ڪوٺن؟ يا مان جيڪا ٻولي ڪتب آڻي رهيو آهيان سو پڙهندڙن جي ذهنن ۾ ٽونگ ڪري رهي آهي؟ اگر جي اِئين آهي تہ اُهو بہ عملي جدوجهد کان ايترو ئي پري آهي جيترو مٿي بيان ڪيل آهي.
0 Comments