شمشير الحيدري جي شاعري جو فڪري جائزو
مير سردار چنڙ
جديد شاعري جديد احساسن امنگن جذبن جي ترجمان شاعري آھي. جنھن ديس جي ڏکن تڪليفن سورن ۽ صدمن کي ڳايو ويو آھي. جديد شاعرن جي اھا خوبي آھي جو اھي اسان کي شاعري ۾ فرسوده روايتن ريتن کي ٽوڙي تازہ گلاب پيش ڪن ٿا جنھن ۾ ھٻڪار آھي. جنھن ۾ سراپا سونھن سمايل آھي. جديد شاعري جي سفر ۾ شاعرن مزاحمت، جدوجھد ۽ بغاوت کي پنھنجو ھٿيار بڻائي پيش ڪئي آھي. انھن انقلابي، مزاحمتي شاعرن ۾ شميشر الحيدري جو نالو بہ سرفھرست آھي. شمشيرالحيدري ولد رسول بخش خواجه 15 سيپٽمبر 1931ع تي لاڙ پٽي جي شھر بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ جنم ورتو. پاڻ شروعاتي تعليم بدين ماڻ ئي حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين.
شمشيرالحيدري ادب لاءِ کوڙ ساريون خدمتون سرانجام ڏنيون، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وجھندڙ اڳواڻ، مرڪزي جنرل ھجڻ جو اعزاز رکي ٿو.
ھو ڪيترڻ ئي رسالن ۽ اخبارن جو پڻ ايڊيٽر رھيو آھي. شمشيرالحيدري جو سڀ اھم ادب لاءِ يادگار سندس نئين زندگي رسالي جو ايڊيٽر ھئڻ آھي. جنھن سوين ليکاري پيدا ڪيا.
ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ شمشيرالحيدري شاعري جي ميدان نوان خيال، نوان فڪر کڻي آيو. ھن نظم جي صنف تي ڀرپور طبع آزمائي ڪئي آھي. سندس ڪلام مختصر ھوندي تمام گھڻو معياري آھي. سندس شعرن ۾ شعوري پختگي بہ آھي تہ شعوري اڏام پڻ! شمشيرالحيدري جي شاعري ۾ انقلابي ۽ مزاحتي وڏو اثر ملي ٿو. ھن پنھنجي شاعريء ۾ مزدورن،ھارين، پورھيتن، کي ڀرپور انداز سان ڳايو آھي. شمشیر الحیدری 10 آگسٽ 2012ع ۾ وفات ڪيائين.
تاریخ جی ورقن ۾ جڏھن اسان پير پايون ٿا تہ اسان کي پوري تاريخ ظلمن سان ڪاري نظر اچي ٿي. پر انھن سڀني ظلمن ۾ جن سان مٿانھون ظلم ڪيو ويو آھي. اھو مزدور طبقي سان ڪيو ويو آھي. مزدور طبقو ئي اھو طبقو رھيو آھي. جيڪو سماج اندر سرمائيدارن، جاگيردارن، وڏيرن جي چڪين ۾ ھميشہ کان پيڙھجندو آيو آھي. اھو مزدور طبقو ئي آھي جنھن جو استحصال سڀني پنھنجو پنھنجو حق سمجھي ڪيو آھي پر مزدور جڏھن به اٿيا آھن تڏھن انھن کي سماج کي لوڏيو آھي نظام کي ڌوڏيو آھي. پر شمشيرالحيدري مزدورن کي پنھنجو دوست سڏي ٿو ھن مزدورن ۾ نيون اميدون نوان ڪرڻا ڏسي ھو. ھو انھن کي اتساھ ڏيندي ھن ھڪ مزدورن جو عالمي تراني جو ترجمو ڪندي لکي ٿو تہ،
اٿو اٿو بکن جا ماريل اٿو!
اٿو اٿو ڏکن جا ماريل اٿو!
اي ڳڻتين جا ڳاريل، مصيبتن جا ماريل
صدين جي سرباز سان صليبن تي سمھاريل
اٿو اي وقت جا وساريل.
شمشيرالحيدري مزدورن کي حوصلو ڏيندي. انھن جي ھمت بڻجي، ھو پراڻين روايتن جا ڪاڪ محل ڪيرائي، غلامين جا ڪوٽ ڪيرائي چڪناچور ڪرڻ جو حامي آھي. ھو مزدورن جي سجاڳي شڪاگو جي مزدورن جو صورت ۾ اسان کي ڏيکاري ٿو
ڏسو ھو روايتن جا ڪاڪ محل پيا ڪرن !
ڏسو ھو غلامن جا محل ڍير پيا ٿين!
اٿو مصيبتن جا ماريل!
شمشيرالحيدري پنھنجي شاعري اندر لوڪ جي لڙڪن تي لکيو. ھن قوم جي قصن کي کنيو. وقت جي حڪمرانن سان للڪار ڪئي. جڏھن بہ سنڌ تي ڪاري رات وارا بادل ڪڙڪيا جڏھن به سنڌ تي حڪمرانن واسينگن وارا وار ڪيا تڏھن شمشيرالحيدري جي شاعري انھن خلاف شينھن جيان گجگوڙ ڪندي نظر اچي ٿو. ھو ڪڏھن به ڪنھن اڳيان جھڪندي نظر نہ آيو. ھو ھر ان حڪمران خلاف اٿيو جنھن سنڌ تي وار جو سوچيو ٿي. ھن باضمير شاعر سنڌ جي علم ادب جي بچاءُ لاءِ امر خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو. انھن اڳيان مزاحمت جو جھنڊو کوڙيو.
اڄ وري تاريخ جا دفتر کليا،
اڄ وري انسان جا جوھر کُليا.
اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،
اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير.
اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو،
اڄ وري زندان جو ٺھراءُ ٿيو.
اڄ وري اظھار تي پھرو لڳو،
اڄ وري منصور ڦاھيءَ تي چڙھيو.
اڄ وري تھذيب کي ٺوڪر لڳي
اڄ وري زخمي ٿيا دل جا ڌڻي.
شمشيرالحيدري جيڪو سدائين مزاحمتن جي ميدان ۾ اسان کي نظر آيو. ھن ڪڏھن بہ ڪنھن سرمائيدار، جاگيردار، وڏيري جي سلامي نہ ڀري ڪڏھن بہ ڪنھن جو مٿس ڪو فرمان جاري ٿي نہ سگھيو ڇاڪاڻ ته ھن سدائين نينھن وارن سان نڀايو ۽ سونھن وارن جي سلامي ڪئي ھئي.
تڏھن تہ چوي ٿو،
دل جي پرشوق دلاسن تي ھليا آياسين.
سونھن وارن جي سلامن تي ھليا آياسين
ڪنھن شھنشاھ جو فرمان اسان تي نہ ھليو
نينھن وارن جي نياپن تي ھليا آياسين.
اھڙا ئي بھادري، ھمت وارو اظھار ٻئي ھنڌ ھن ريت ڪري ٿو تہ،
زماني جا منصور آھيون
اسين خوب مشھور آھيون
اسان سورين تي
نہ گردن جھڪائي
وڏي ڳالھہ آھي.
شاعر ڪنھن ھڪ دور جو ٿي سگھي ٿو پر شاعري ڪڏھن به ڪنھن دور ۾ پابند نٿي ٿي سگھي شاعر ھميشہ کان زمان، مڪان کان مٿانھين رھندي آئي آھي. اھو ئي سبب آھي جو شاعري ھر دور، فڪر، فلسفي سان ڪلھو ڪلھي ۾ بيٺي نظر اچي پئي. شاعري ماضي کي من ۾ کڻي ھلي ٿي، حال جو استقبال بہ ڪندي نظر اچي تہ مستقبل جا مونجهارا دور ڪرڻ لاء پڻ جتن ڪري ٿو. شمشيرالحيدري حيدري جتي حال ۽ مستقبل کي ڳائيندي نظر ايو آھي اتي ھو ماضي کي به ڪماليت سان پيش ڪيو آھي. ھو سچ کي ڪھڙي نہ انداز سان ماضي جي ورقن مان اٿلائيندي پيش ڪري ٿو. ھو ان سچ جو عروج ٻڌائي ٿو جڏھن ”سچ تہ بيٺو نچ ۽ ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ“ وارو فڪرو وجود ۾ آيو. ۽ پوءِ ان دور جو به زوال اچي ٿو ۽ ڪوڙ جو عروج اچي ٿو تڏھن سچ کي ڳولي ڳولي ماريو وڃي ٿو. ۽ نيٺ سچ وڃي جھر جھنگ وسائي ٿو تڏھن شمشيرالحيدري چوي ٿو تہ،
گھڻي زماني ٿي ڳي جڏھن سچ سدا سوڀارا ھا
اون دي ڏاڍي ھلندي پڄندي، اون دان نانءُ نيارا ھا
ھڪ ڏينھن ايوين ھويا جوين سچ ستا سيڄ اتي
ڪوڙ اچي شبخون ھنيا ڪيئن ڪٽڪ انھان دي ساڻ
سچ ڪون ڏيھ نيڪالي ائي، سچلي ماڻھو ماري ڳئي
ڪتلي قيدي ٻانڌي ٿي ڳئي، ڪتلي دار تي وار ڳئي.
سچ تڏھان ڪو لڪندا ڦرندا،جھنگ جبل وچ رلندا ھا
ڪوڙ انھان مارڻ ڪيتي پڇون پڇون ڄلندا ھا!
سنڌوءَ درياهہ نہ رڳو سنڌ جي جياپي، يعني زرعي سماج کي اڏڻ جو ذريعو آھي پر ھو تہ تھذيب تمدن جو واحد شاھد آھي جنھن ھزارين سالن جي تسلسل کي اکين سان ڏٺو ۽ پرکيو آھي. ان سنڌ جي عروج جو دور بہ ڏٺو ھن سنڌ تي حملا بہ ڏٺا تہ سنڌ سان ٿيندڙ پيار بہ ڏٺو. سنڌ جي تھذيب جو ڪرشمو فقط سنڌوءَ جو امرت آھي پر اڄ جڏھن سنڌوءَ جي پاڻي کي ھٿ سان سڪايو وڃي پيو تڏھن شمشيرالحيدري ڏک ۾ چوي ٿو تہ،
جي پاڻي ناھي تہ سنڌو ڪٿي؟
جي سنڌو نہ آھي تہ تھذيب؟
يقين سنڌ جي تھذيب جڏھن بيٺل ئي سنڌوءَ تي آھي ۽ جڏھن سنڌو سڪندو وڃي پيو تہ ايئن محسوس ٿئي پيو تہ سنڌ جي تھذيب مسمار ٿيندي پئي وڃي.
شمشير الحيدري ظلمن حڪمرانن لاءِ تہ تمام وڏو طاقتور، بھادر ھو پر جڏھن ڳالھ اچي ٿي مجاز عشق محبت جي تڏھن بلڪل عاجز بڻجي وڃي ٿو. ھو محبوب جي حڪمراني کي خدا سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ پنھنجي عاجزي کي ھيڻائپ سڏي ٿو.
اسين حال ھيڻا
اوھان جي خدائي
وڏي ڳالھه آھي!
اھڙو ئي عاجز عاشق جيڪو عاشق اڏو ھيڻو آھي. ان وٽ جڏھن ڳالھ اچي اظھار جي پھچي ٿي تڏھن ھو منجھي ٿو پوي تہ اظھار محبت ڪيئن ڪجي، دل جي ڳالھ ڪيئن ڪجي، ڪڏھن تڏھن سندس خيال ھن ريت احساساتي ويس ڍڪي قطعي جي صورت ۾ ظاھر ٿين ٿا تہ:
نظر جي ڳالهہ زبان سان ڪجي تـہ ڪيئن ڪجي !
اھا ئي ڳالهہ جھان سا ڪجي تـہ ڪيئن ڪجي ؟
ھي ظلم آهي اسان سان اوھانجي محفل ۾
اوھان جي ڳالهہ اوھان سان ڪجي تہ ڪيئن ڪجي؟
شمشيرالحيدري واقعي شمشير ھيو ھن آزاد نظم ۾ پاڻ ملھايو وڏي پيار پاٻوھ سان ازاد نظم سان نڀايو سندس ازاد نظم سان عشق سندس سڃاڻپ جو اھم سبب بڻيو اھو شمشير جنھن جي تخليق مان لطيفي لات، اي ھمسفرو، اي الوداع، پڙاڏو سوئي سڏ، لاٽ، آرزو جو سفر، ڪاڪ محل، سنڌو ۽ تھذيب جھڙا دلڪش نظم تخليق ٿين ٿا جيڪي ھزارين دلين تي راڄ ڪن ٿا. سندس منفرد ۽ مختلف نظم سندس نظم ”الوداع“ آھي جنھن ۾ ھو پنھنجي محبوبه حسن بانو سان پيار ڀريون ڪچھريون ڪندي نظر اچي ٿو. سندس شاندار تخليق اڻ نظم ۾ سمايل آھي.
ڪير دروازي تي آھي
رات جي پوئين پھر
ھن مھل ھن حال سيءُ واءَ ۾
ڪو مسافر؟ يا ھن شھر ۾ ڪا پيار سوديندڙ معزز حسن بانو؟
شمشير الحيدري شيخ اياز جي مشهور ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نہ ڏيندو“ جي پيروڊو بہ لکي ھئي
گھمي ڏس بازار او يار
سنڌڙيءَ کي سر ڪير بہ نہ ڏيندو!
جھول جھلي جنھن وقت ڀٽائي
ٿيندا ڀوڳ ھزار او يار!
ڪانگ ڀلا ڇا ڪيرائيندا
دوکي جي ديوار او يار
سنڌ تي ھڪ اھڙو دور بہ آيو جڏھن سنڌ جا اھڙا عاشق پيدا ٿيا ھئا جيڪي فقط نالي جا عاشق ھئا. انھن جو مثال ان بسري واري ملي وانگر ھو ھو رت ڏيڻ وارا مجنون ھئا ئي ڪون. سنڌ جي نالي تي سياست ڪري ان جا ئي وسيلا کپائڻ شروع ڪيائون. قاسم اباد ۽ ڪراچي جھڙن شھرن ۾ ويھي پنھنجن کان ئي ڀتا وصول شروع ڪيائون تڏھن سنڌ جا ھي عاشق يقينن انھن مان مايوس ٿيا ۽ اھڙا اظھار ڪيائون.
شمشيرالحيدري جو ھڪ مشھور غزل آھي جيڪو تمام گھڻو ڳايو ۽ پڙھيو ويندو آھي. ان کي پيش ڪجي ٿو:
دروازو کليل آھي من ڪوئي اچي نڪري
سڀ لوڪ سمھيل آھي، من ڪوئي اچي نڪري
چنڊ رات چٽي آھي ڪڪريون بہ وسيون ھليو
ھر بات بڻيل آھي ، من ڪوئي اچي نڪري
شمشيرالحيدري پنھنجي زندگيءَ ۾ تمام گھڻي مقبول ماڻي چڪو آھي ھو اڄ بہ وڏي چاھ سان پڙھيو ٿو وڃي.
ھڪڙو شمشير ھو زماني ۾
سو بہ اڄ دنيا مان گذاري ويو.
سارنگ (ادبي مخزن) 2023ع ۾ شايع ٿيل
0 Comments