سائيڪو اينالائيسز

 نظم

سائيڪو اينالائيسز

عماد ”فدائي“





پونم جي پھاڙن ۾! 

مان پنڌ گمھان ٿو!

۽ لوڏيندي ھي،

مان ڪنڌ گمھان ٿو، 

سرڻ چنبن ۾، 

سج سٽي آئي!

ڪنھن ماءُ جو آکيرو، 

ڪئين لَٽِي آئي؟

المنظر جي منظر ۾،

ڪو منظر ڏسڻ آيس،

۽ مان شھر رتيديري ۾، 

شخص قلندر ڏسڻ آيس!

کوھ جي گول ڀتين! 

ڳوڙھا کوھ ۾ ڪيريا!

ملي ڪري سڀ پٽن،

پوڙھا کوھ ۾ ڪيريا!

ڪافڪا کي ڪَنَ کان،

وٺي ڪانہ سگھيو ھو!

دور دوستو جي دوستي کان،

رھي ڪانہ سگھيو ھو!

وجوديت ۽ سارتر کي،

کَٽِي ڪانہ سگھيو ھو! 

پائلو جي ڌيءُ سان!

ڀڄي ڪانہ سگھيو ھو! 

گوئٽي سان گڏ، 

ٺَھِي ڪانہ سگھيو ھو! 

گورڪي تي گَنِ،

رکي ڪانہ سگھيو ھو! 

ٽالسٽاءِ سان ھوٽل ۾!

ويھي ڪانہ سگھيو ھو!

پر گارشيا سان گاري ۾،

گچل محسوس ڪيائين!

پوليس اسٽيشن ٿاڻي ۾،

ٻَڌَلُ محسوس ڪيائين! 

حليم بروهي ھنج ۾،

ويھڻ ڏنو اٿس!

ماڻڪ جي پيرن جا،

ھو ٺڪاوَ ڪڍي ٿو!

ڳلن تان رسول ميمڻ،

ڳوڙھا ڳاري وڌا اٿس!

پوماسا کان ڪھاڻين جا،

سوال ھو پڇي ٿو!

چيخوف جواب ڏئي،

سوال ماري وڌا اٿس!

ڄڻ سڀ حال ۽،

حوال ماري وڌا اٿس!

امرتا اچي ٻڌايو ھن کي،

زندگي کي ھئين بہ جِيئَبو آھي!

۽ غالب ڪن ۾ چيس،

ڪئين بہ پيئبو آھي!

فراز ھن کان،

دوريون ڪري ويو!

۽ ساغر ھن سان،

پائي ڀاڪرُ نہ مليو!

منٽو جھڙو من کي،

مفڪر نہ مليو!

اڳيان فرش تي،

ھو پيو ليٿري ٿو!

شاگرد تسليم نہ ڪيائين!

۽ ھن جي تعليم نہ ڪيائين!!

ھو پنھنجو ھاڻي،

علاج ڪري ٿو!

فرائيڊ کان ھيو،

ھو جيڪو سکيو!

بيزار آھن گھر جا ڀاتي!

چپن ۾ ھو ڀڻڪيو!

ٿي ويو آهيان نفسياتي!

چپن ۾ ھو ڀڻڪيو!

آسمان جيڏي ٿيسز، 

علاج آھي منھنجو،

تحليل النفسي!

سائيڪو اينالائيسز!

Post a Comment

0 Comments