مونکان منهنجي دوست پڇي ٿي

 نظم 

 امنگ آزادي 

 مونکان منهنجي دوست پڇي ٿي 

تنهنجي اکين ۾ ڪير وسي ٿو

ظاهر ٿِي ٿو لڪي وڃي ٿو

هن کي ڪئين ٻڌايان مان

هن کي ڪئين سمجهايان مان

ساگر سمنڊ هڪ ئي آهي

هر ڪو الڳ الڳ ناءُ وٺي ٿو 

منهنجي اکين ۾ ديس وسي ٿو


هن کي ڏينهن رات پوڄيان

هن جي ئي ناءُ جوڀن ڪيان

ويران ويران ۽ رڻ پٽ آهي 

نہ پاڻي جو ڪو مٽُ آهي 

ها ڌرتي منهنجو پيار آهي 

لفظن کي ڄار نہ سمجھ 

لفظن ۾ تو پيار کي سمجھ

ڇا چاهڻ جو ڪو ڍنگ هوندو آ

چاھِڻ ته بس چاهڻ هوندو آ

هڪڙو ماڻهو اهڙو بہ آهي 

پنهنجي پيار کي سنڌ چوي ٿو

منهنجي اکين ۾ ديس وسي ٿو.


 پيار هر هڪ جي ڪهاڻي آ

دل ۾ هجي زبان تي نہ آڻڻي آ 

اظهارِ آزادي ڇاهي ٿيندي 

سک جي وادي ڇاهي ٿيندي 

پاڻ نہ ٻڌو آ پاڻ نہ ڏٺو آ

سک چين الائي جي ڇا هوندو آ

رات رني ۽ چنڊ چريو ٿيو 

جڏهن بہ مون کان پيار پري ٿيو

ڇو تو ايڏو ڏور هليو وئين

عمر جو ڏئي سور هليو وئين

تون نہ ڏسي ٿو نہ پڇي ٿو

نہ منهنجي اک ۾ عڪس پسي ٿو 

منهنجي اکين ديس وسي ٿو


وري وفا جو شوق ٿو جاڳي

وري تباہ جو شوق ٿو جاڳي 

 آهي وکريل بکريل ۽ ٽٽل دل

ڪنهن سان تہ آهي جڙيل دل

من کي مورت هڪ ئي موهيو

ٻيو نہ مٽي مسجمو ڳوهيو. 

آڌي انڌاري تارو پڇي ٿو 

تنهنجي اکين ۾ ڪير وسي

منهنجي اکين ۾ ديس وسي ٿو.

Post a Comment

0 Comments