ڀلي پار جا مهمان

 ڪهاڻي 

ڀلي پار جا مهمان

ڪريم شيرازي 




”زينب او ڌيءَ زينب،  بابا ڪٿي آهين ؟“

سڀاڳو گهر جو در ٽپندي ئي ڀائٽي زينب کي سڏ ڪندو اندر داخل ٿيو،

”گلڻ جا پيءُ خير تہ آهي نہ ؟“

زال  سياڻي مڙس سڀاڳي کي ورندي ڏيندي چيو،

”ها ها سڀ خير آهي گلڻ جي ماءُ، زينو ڪٿي آهي؟“

”اهيا نڀاڳي وئي هوندي ڦل وارن جي گهر، ٻارن سان راند ڪرڻ، پر توکي اڄ ان جي ڇو اچي لڳي آهي، اسان کي تيرهن سالن کان مٿي ۾ لڳل آهي، آئون تہ چوان ٿي تہ پرڻائي ان مئي يتيم مان جان ڇڏايون، اسان ڪو ٺيڪو تہ ناهي کنيو يتيمن جو، هي سياڻي جو گهر آهي ڪو يتيم خانو ڪونهي.“

”ڙي ها، ها گلڻ ماءُ، اهو ئي بندوبست ڪري آيو آهيان اڄ، هاڻي بس اڄ رات جي دير آهي پوءِ پاڻ لکا پتي، سڀ سور لهي پوندا،پاڻ بہ مڇي ماني وارا ٿي پونداسين.“

”ڇو ڇو مئا اڄ رات ڪو ڪارون جو خزانو هٿ ايندئي ڇا.“

”نہ نہ گلڻ جي ماءُ، اڄ وڏيري وٽ شيخ مهمان ايندا بس پوءِ پنهنجا بہ وارا نيارا“

”شيخ مئا تہ روز وڏيري وٽ بيٺا هوندا آهن نہ.“

”اڙي اهي شيخ نہ، هي عرب جا شيخ آهن، وڏيري خاص دعوت ڪئي آهي. ڀلاري پار کان ٿا اچن سو منشي سڀني تي ڪم رکيا آهن، منهنجي بہ خوش نصيبي جو مس منشي ڪو ڪم چيو آهي ۽ چيو اٿس تہ بس هڪ رات جي تہ ڳالهه آهي پوءِ سفا اڏجي ويندئو. ڀلي پار کان ڀلارا مهمان اچن ته ڀلا ايترو تہ ڪرڻ پنهنجو بہ حق آهي. قسمت سان سال ۾ هڪ دفعو ئي تہ اچن ٿا. 

۽ ٻيو ٻڌ، اڄ انهن سان گڏ مرشد سائين جا صاحب زادا بہ ايندا، هاڻي جتي ايڏا ڀلارا هجن ۽ اسان تي ڪو ننڍو ڪم هجي تہ ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي.“ 

”ها ها اهي تہ اسان جا ڀاڳ ڀلا پر هاڻ ٻڌا ڀلا تہ پاڻ لاءِ ڪهڙو حڪم ڏنو اٿن؟“ سياڻي وراڻيو.

”ها ٻڌ، اڄ رات يارنھن وڳي کان پوءِ آئون ايندس، تون بس زينب کي تيار ڪري ويهارجان، ۽ کيس سڀ سمجهائي ڇڏجان.“

ائين چئي سڀاڳو ٻاهر هليو ٿو وڃي، رات جا يارنهن ٿين ٿا، سڄو ڳوٺ سانت لڳو پيو آهي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهون ٿو ڏسجي باقي سڄو لوڪ اگھور ننڊ ۾ پيل آهي، جهڙو سڀني جي مٿان موت جو راڪاس ڦري ويو هجي، جهڙو صدين کان اهي ماڻهو ائين ئي ننڊ پيل هجن. زينب کي ڪا خبر ئي ناهي تہ کيس اڄ چاچي ايڏو قرب ڇو پئي ڏئي ، ايڏي مهربان ڇو آهي، ۽ نئون جوڙو ڇو پارايو اٿس. 

سڀاڳو تڪڙ ۾ اندر اچي ٿو زينب کي پيار سان تڪڙ تڪڙ ۾ هلڻ لاءِ چوي ٿو، زينب کي سمجهه ئي نہ ٿي اچي ساڻس ڇا پيو ٿئي، گاڏي فارم هائوس طرف هلڻ لڳي ٿي، سڀاڳو بنگلي جي مين گيٽ تي لهي واپس گهر اچي ٿو. 

هيڏانهن سياڻي من ئي من ۾ الائي ڪيترا خوابن جا محل جوڙي ٿي. 

اڃان منهن انڌارو ٿئي ٿو تہ وڏيري جي ساڳي گاڏي اچي سڀاڳي جي در وٽ بيهي ٿي، منشي لهي ٿو، ۽ سڀاڳي کي سڏ ڪري ٿو، ڏوڪڙن جي ٿيلهي سڀاڳي جي هٿ ۾ ڏئي چويس ٿو، 

”شيخ صاحبان ۽ مرشد سائين جا صاحبزادا ڏاڍا خوش ٿيا آهن، وڏيري سائينءَ بہ حڪم ڏنو آهي تہ هاڻي سڀاڳو اسان جو ماڻهون آهي، کيس ڪا بہ پريشاني نہ ٿيڻ کپي.“

سڀاڳو ڏڪندڙ چپن سان پڇي ٿو، 

”پر زينو، منهنجو مطلب آهي زينب ڪٿي آهي ؟“

”نينگري صفا ڪچي هئي، سٽ نہ سهي سگهي، جيڪا رب جي رضا، اسان سندس بندوبست ڪري ڇڏيو آهي ڪنهن کي ڀڻڪ بہ نہ پوندي اوهان کان پڇن تہ چئجو ماڻس جا مائٽ شهر وٺي ويا آهن.“

سڀاڳي هِڪُ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ پئسن جي ٿيلھي کي ھٿن ۾ ڏسي سرهائيءَ سان اندر هليو ويو...


Post a Comment

0 Comments