پن سواءِ وڻ

 نظم 

پن سواءِ وڻ

شهزاد علي 


جهڙي  وڻ کان  وڇڙيو  آهين

پن! تون نہ اڪيلو اُجڙيو آهين


تو  بِن  هو  بہ  سائو   ڪونهي

بيٺو   آ    پر   ڇانوَ   ڪونهي

هاڻي هُن تي ڪانءُ بہ ڪونهي

اهو   ٻُڌا  ڇا   گھاءُ   ڪونهي؟

جنهن   جو  سينو   سيج  لڳي

پرت   پريم   جو     پيج   لڳي

ٿي   ويو   هاڻي   ڌائي   ڌائي

سچ   ٻڌين  تہ   ڏيان   گواهي

پن! تون نہ اڪيلو اُجڙيو آهين

پن! تون نہ اڪيلو اُجڙيو آهين

جهڙي  وڻ  کان  وڇڙيو  آهين


تنهنجي هوندي جيون هو هُو

واءُ  گُهلي  تہ  جوڀن  هو  هُو

پکين   لئہ   مئخانو   هو   هُو

پورهيت وٽ  پئمانو  هو   هُو

ڪون ٿو  ڀُلجان  هيو  ڪناري

ڍنڍ  هڪڙي جي اورئين  پاري

اهڙو   سُک  بہ  ڪير   سنڀالي

نيٺ   کُٽي   ٿو   جالي   جالي

ائين ئي اُن جي کُٽي پئي ساهي

پاڻ   کاڌائين   ڪينڪي  ڦاهي

سچ    ٻڌين   تہ  ڏيان   گواهي

پن! تون نہ اڪيلو اُجڙيو آهين

پن! تون نہ اڪيلو اُجڙيو آهين

جهڙي  وڻ  کان   وڇڙيو  آهين


اڄ ڇا گذريم  ڳالھ  ٻڌايائين؟

پنهنجي يار جا حال ٻڌايائين؟

هُن کان ڇا  ٿيا  ڌار ٻڌايائين؟

ڇا ٺهي ويس  چار  ٻڌايائين؟

ماڻهن  ٻن کنيا  ڪات  ڪُهاڙا

وِڌُن   وڻ   ۾     ڌاڙا      ڌاڙا

 ٿي  ويس  جُدا  سمورا   ڏار

نڪتس   ٻانهين    پاوا    چار

ڏسندو   آيم   لٽيندي    کاهي

سچ  ٻڌين   تہ   ڏيان   گواهي

پن! تون نہ اڪيلو اُجڙيو آهين

پن! تون نہ اڪيلو اُجڙيو آهين

جهڙي  وڻ  کان  وڇڙيو  آهين.

Post a Comment

0 Comments