28 سيڪنڊ واري آخري ڪال

 28 سيڪنڊ واري آخري ڪال

عنايت نهڙيو 




گذريل ڇهه کان ست سال وارو زمانو سائين سائينداد ساند سان  هر ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ مکا ميلي وارو عرصو رهيو آهي. مٺي اچڻ ٿئي، سائين سان نہ ملون، سائين سان ڪچهري نہ ڪيون، سائين کان پنهنجي نئين تخليق نہ ٻُڌون، ايئن ٿيڻ ناممڪن هيو. آئون ۽ منهنجا دوست عليم سومرو ۽ چمن آر ٿري سائين جي شاعريءَ جا آخري سامعين رهيا آهيون. 3 فيبروري 2024ع ، ڇنڇر جو ڏينهن هو، بهار مند کي اچڻ ۾ 12 ڏينهن جي دير هئي، گهڙي ۾ منجهند جا 1 وڳا هئا جڏهن مون سائين کي فون ڪري ملڻ جو چيو، نئين ڪوٽ کان چندر ولاسائي سائين سان ملڻ جي خواهش کڻي آيو هو، روايتي انداز ۾ سائين جلد ڪال کنئي، سٺي نموني حال احوال نہ ٿيو، دل ۾ چور ويهي ويو تہ خير ڪونهي، اڄ سائين، سائين نہ پيو لڳي. وري وري پڇيم سائين خير آهي ؟ جواب آيو، خير ڪونهي.. خير ڪونهي... خير ڪونهي... اهو ڏينهن دنگ ٿيو، تنهن کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا فون ملايم، ڪڏهن نمبر بند، ڪڏهن ڪنهن بہ فون اٽينڊ نہ ڪيو، سائين کي ڪيل اها ڪال آخري ڪال ثابت ٿي ۽ بهار جي بجاءِ  مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌي شاعريءَ لاءِ خزان جي مند مِڙي آئي.

آگسٽ 2022ع ۾ جڏهن مون ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان ايم فل ڪرڻ جو سوچيو تہ سائين سائينداد مون کي تمام گهڻو همٿايو ۽ لکت واري ٽيسٽ ۽ زباني امتحان لاءِ مون کي مڪمل تياري ڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ مون کي ايم فل ۾ داخلا ملي، ڪورس ورڪ دوران لسانيات، گرامر، ڪلاسيڪي شاعري، جديد ادبي نظريا، جديد سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو ۽ ڪجهه ٻيا سبجيڪٽ هئا، جن مان خاص طور تي لسانيات ۽ گرامر واري پيپر جي تياري سائين سان فون تي ڪيل گفتگو دوران ئي ٿي ويندي هئي، ڪورس ورڪ دوران تحقيقي موضوع جي چونڊ جو مرحلو آيو، سائين صلاح ڏني ته ”شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءَ جو جائزو“ ايم فل لاءِ بهترين موضوع آهي، تون نڀائي ويندين اهو ئي کڻ، يا وري بحث اچي ان ڳالهه تي کُٽي ٿي ويو تہ ايم فل جي مقالي جو موضوع ”شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي ٿر بابت شاعريءَ جو تقابلي جائزو“ هجڻ گهرجي ۽ انهن ٻن تخليقڪارن جي جديد تحقيق موجب ڀيٽ ٿيڻ گهرجي. پر آئون ضد تي اڙيل رهيس تہ منهنجو تحقيقي موضوع ”سائينداد ساند جي شاعريءَ جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو“ بهتر رهندو ۽ مونکي ان موضوع تي پنهنجي ٿيسز لکي ايم فل جي ڊگري وٺڻي آهي. سائين گهڻو ئي چيو تہ بابا اسان تي ايم فل عجيب ڳالهه ٿو ڪرين، اسين شاعر آهيون يا آهيون ئي نه، اها به خبر ڪونهي، هرڀرو رُلي ويندين، ضد ڇڏ. پر نہ کي نو (9) ڪوٽ آڏا آهن، مون اهو ئي موضوع کنيو ۽ پنهنجي سپروائيزر سائين ڊاڪٽر شير مهراڻي صاحب کي بہ موضوع بابت اعتماد ۾ ورتم ۽ سندس ئي مهربانين سان منهنجو تحقيقي خاڪو ترت ئي منظوريءَ واري مرحلي ۾ داخل ٿيو.

جيتوڻيڪ سائين سائينداد سوڍو هيو، جيڪي هن جا شروعاتي دوست رهيا آهن، انهن کي خبر آهي تہ سائين جو رسڻ ۽ پرچڻ ڪيترو وقت لڳائيندو هو. ان هوندي بہ هن  پنهنجي ذات ۾ ڪڏهن بہ  غروري يا مغروري وارو عنصر نہ ڏيکاريو، هو ويجهو ايندڙ دوستن کي ويجهو ڪندي ڄاڻندو هو ۽ جيڪي دوست هُن کان پري ٿيندا هئا انهن کي پري سمجهڻ جو ڏانءُ بہ سائين جي شخصيت ۾ شامل هو. گذريل سالن ۾ هُو اسان ٽنهي دوستن کي پنهنجي عزيز وانگر سمجهندو هو، هُن هميشه دليون جوڙي رکيون ۽ جوڙي رکڻ واري فلسفي تي ئي عمل پيرا رهيو. هن کي ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن سان محبت هئي، هن کي اها شڪايت ضرور هئي تہ کيس شهر ۾ سڪون ڇو نہ ٿو اچي، خاص طور تي وسڪاري ۾  هن چاهيو ٿي تہ هو ايئن ئي منهن ڪري هليو وڃي ۽ متاري ساندجي ڀٽن تي ويهي گيت تخليق ڪري. جيئن سندس شاعريءَ ۾ تشبيهون ۽ استعارا مقامي ماحول وارا هئا تيئن ئي سندس اندر بہ ٿري ماڻهو جهڙو صاف ۽ معصوميت سان ڀريل هو. ڪجهه سال اڳ سائين هڪ غزل لکيو ۽ اسانکي ٻڌايو غزل جو مطلع هو تہ:

ساهُه هَڙَ مان هارجي ويو، ڳوٺ تنهنجو ڳچ پري هو،

پنڌ ۾ پٿارجي ويو، ڳوٺ تنهنجو ڳچ پري هو.

غزل اسان سڀني کي وڻيو، واهه واهه ٿي وئي. مون کي واٽس ايپ تي بہ موڪلي ڏنائين تہ هن کي سنڀالي رکجو ڪتاب ڇپائينداسين، مون چيو ٺيڪ آهي سائين. هلندي هلندي اهڙن غزلن جو تعداد سو کي پهتو، ڪجهه وايون، بيت ۽ گيت بہ ايندا ويا. ڪجهه اهڙا غزل بہ آهن، جيڪي سائين پنهنجي فيس بڪ تي بہ ناهن رکيا، ڪجهه غزل صرف فنڪارن ڳايا آهن، پر اهي بہ ڇيپل ناهن. مون سائين جي اجازت سان انهن غزلن مان ڪجهه اسم فقير محمد ڍول  کي موڪلي ڏنا، جنهن ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپيا، جنهن سان سائين تمام گهڻو خوش ٿيو. ڇو تہ الائي ڪيترن سالن کان پوءِ سائين سائينداد پنهنجي شاعري ڪنهن رسالي لاءِ ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو هو. ان ڏينهن  دل ۾ خيال آيو ۽ سائين سان اظهار ڪيم تہ سائين مطلع جي ٻي سٽ تي وري غور ڪيو تہ بهتر رهندو، ڳالهه ٿي گذري وئي، وري ڪيترا ڏينهن ان غزل يا ان مطلع تي گفتگو نه ٿي، هن جنوري جي آخري هفتي ۾ سائين سان ملاقات ٿي، چند سال اڳ لکيل سائين جي ان  غزل جو مطلع تبديل ٿي چڪو هو ۽ مون کي ٻڌايائين ته يار! واقعي، ان مطلع واري ٻي سٽ ۾ مزو نہ هو، جنهن کي مون تبديل ڪيو آهي. هاڻ سٽ هيئن ٿي بيهي تہ :

ساهُه هَڙَ مان هارجي ويو، ڳوٺ تنهنجو ڳچ پري هو،

ماڻهو تنهنجو مارجي ويو، ڳوٺ تنهنجو ڳچ پري هو.

سائين سائينداد پيشي جي لحاظ کان پروفيسر هيو، هُو 1986ع کان 2017ع تائين ڊگري ڪاليج مٺي ۽ ان کان بعد ڊگري ڪاليج ڏيپلي ۾ سنڌيءَ جي مضمون جو استاد رهيو، ان سان گڏ سائين جي انگريزي بہ ڪمال جي هئي. هن نہ صرف شاگرد پڙهايا، پر انهن شاگردن کي پڙهائي استاد بہ ٺاهيو، اڄ سموري ٿر پڙهي اڳتي آيل استادن توڙي ٻين فيلڊن نالو ڪڍندڙن مان اڌ ٿر سائين سائينداد جو شاگرد آهي. هو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين انهن شاگردن جو بہ ذڪر ڪندو هو جن کي انگريزيءَ جي الف بي بہ سائين سيکاري هئي. ڪجهه فرمانبردار شاگرد اهڙا بہ هئا جيڪي هاسٽل تي سائين جي آيل انگريزي اخبارن جون ڀريون ٻڌي ڳوٺ کڻي وڃي پڙهندا هئا ۽ سائين سان اچي واپس انهن اخبارن ۾ آيل ڏکين لفظن ۽ جملن تي بيهڪ تي بحث ڪندا هئا. سائين کي مليل سرڪاري رهائشگاهه بہ اهڙن شاگردن لاءِ کليل هوندي هئي جيڪي پڙهڻ چاهيندا هئا، پر وٽن غربت جي ڪري ڪتاب وٺي سگهڻ جي سگهه ڪا نہ هوندي هئي، سائين جي ذاتي لائبريري بہ اهڙن ڪيترن ئي دوستن لاءِ هميشه کُليل رهي.

هُن کي اهي دوست بہ نہ وسرندا هئا، جيڪي هن سان تعلق ڇني چُڪا هئا، ڪچهرين ۾ هو اهڙن دوستن جو به بار بار ذڪر ڪندو هو جن کيس تمام گهڻو رنج پهچايو، هن اهڙيون شڪايتون پنهنجي ڪتاب ’دل جي تاريخ‘ ۾ پنهنجي پاران لکيل لفظن ۾ بہ ڪيون آهن. سائين سائينداد جي شاعري جي هڪ ڊائري جنهن ۾ هڪ مجموعي جيترو مواد شامل هو، سا سندس هاسٽل واري ڪواٽر تان چوري ٿي وئي، جنهن سان سائين کي تمام گهڻي تڪيلف پهتي. اهڙي موقعي تي سائين خاص طور تي پنهنجون هي سٽون ٻڌائيندو هو تہ :

دوستيءَ جو مليو صلو آهي،

مون سان دردن جو قافلو آهي.

دوست تنهنجا گلائون بہ تنهنجون،

’داد‘ مر تون جي حوصلو آهي.

گذريل سال کان آئون ليپ ٽاپ تي پنهنجي ايم فل جي ٿيسز لکندي سوين ڀيرا سائينداد ساند جو نالو لکي چڪو آهيان، هاڻ سندس نالي لکڻ تي آڱريون پاڻمرادو هري ويون آهن، منهنجي آڱرين لاءِ سائينداد ساند اهڙو نالو بڻجي چڪو آهي، جنهن جي اڳيان ’سائين‘ ۽ پويان ’داد‘ ئي سونهي ٿو. سائين جي نالي جي اڳيان ’مرحوم‘ لکڻ پنهنجو پاڻ کي مارڻ برابر آهي. سائين اسان کي اڪيلو ڪري هليو ويو آهي. سائين سان تہ اڃا ڪيترائي بحث ڪرڻا هئا. هاڻ اسان کي لسانيات ۾ صوتيي ۽ صرفيي جو فرق ڪير سمجهائيندو ؟ سائين کي تہ اڃا ساختيات ۽ ساختيات پڄاڻان ۾ فرق سمجهائڻو هو. فرڊيننڊ ڊي سوسيئر جي نظريي تي تہ اڃا اسان جي گفتگو سگني فائير ۽ سگني فائيڊ تائين ئي پهتي هُئي. سائين اهو بہ واعدو ڪيو هو تہ جديديت ۽ جديدت پڄاڻان تي هڪ جاندار بحث ڪنداسين.

اڃا تہ الائي ڪيترا نظريا سائين پاران مون کي پڙهائڻا هئا. هڪ استاد جي حيثيت ۾، هن جا دڙڪا کائڻ تي ڪيترو دل چئي رهي آهي، پر هن جو آواز ڪٿي پولار ۾ گم ٿي ويو آهي. سائين اهو بہ چيو هو تہ پاڻ فرانسيسي فلسفي ۽ نقاد زاڪ دريدا جي وضع ڪيل نقطه نظر ’ڊي ڪنسٽرڪشن‘، (جنهن کي هند جي ليکڪ آنند کيماڻي ’ڀڃ گهڙ‘ لکيو آهي.) تنهن جو اطلاق ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ تي ڪنداسين. بلغاريہ جي جُوليا ڪرسٽيوا جي انٽر ٽيڪسچئالٽي بابت سائين سان بحث هلندڙ ئي هو. مشهور نقاد رولان بارٿ جي ٿيوري تي اڃا گفتگو ئي نہ ٿي هئي! هاڻوڪو سنڌي ادب ۽ سائبر ادب بابت بحث تہ اڌورو ئي رهجي ويو آهي. هاڻ اسان کي ڪير شاعري ۾ آيل تجريدي شين ۾ ڪلاسيڪي، رومانوي  ۽ جمالياتي عنصر ڳولي ڏيندو ؟ انهن ايترن سوالن جو جواب ڪنهن وٽ بہ ڪين آهي.

Post a Comment

0 Comments