قوميت

 نظم

          قوميت

ايوب ساز

 



منھنجو جنم موھن جي مٽيءَ مان ئي ٿيو آ

سنڌو جي ماٿريءَ ۾ ٿي واڌ ويجهہ منھنجي

موھن دڙي ۾ آءُ کيڏيو ڪڏيو بہ آھيان

ھن ئي سڀيتا ۾ ٿي آ راند ريجهہ منھنجي

سنڌو جو پاڪ پاڻي جنمن کان مون آ پيتو

منھنجي اکين ۾ جهرڻو مھراڻ جو آ ليڪو

ھڪ سنڌ سواء منھنجي آھي نہ ڪا سڃاڻپ

جنھن کي ھوندو وسارڻ سڀ کان وڏي اياڻپ

منھنجا سڀئي وسيلا پنھنجا ڪيا تو ڪائنر

مون کي خبر آ منھنجو پنھنجو ڪڏھن تون ناھين

آزاد مملڪت جا ڏيندو رھئين ڏٽا بس

جڏھن ڪڏھن ٺڳيءَ جا تون ٺاھہ پيو ٺاھين

جيڪو بہ آھي سنڌي سو منھنجو آھي پنھنجو

مون کي ڀلي تون مذهب جي ڀيد تي ورھائين

پنھنجا ٻہ قومي نظريا رک پاڻ وٽ سنڀالي

مون کي فخر آ منھنجي سنڌي ھجڻ تي سائين

منھنجي مٿان نئين قوميت ڪھڙي مڙھڻ ٿو چاھين

مان پنج ھزار سالن کان سنڌي آھيان سائين


نيرون ڪوٽ تنھنجون سي اڀ تي اڏارون

سنڌوءَ جي ڪپ تي سي گهرڙن جون سڀ قطارون

ڳوليان پيون نہ لڀجن چوڙين سنديون بازارون

ڪيڏي نہ عظمتن سان بيٺل ھيون سموريون

ڪچي پڪي قلعي جون اوچيون وڏيون ديوارون 

۽ انھن ديوارن جي ڪنھن طرف کان ڀر ۾

منھنجا شھيد ھوشو تنھنجي قبر پيو ڳوليان

تاريخ جون دريون ۽ سڀ در پيو کوليان 

منھنجي شھر شھر تي يلغار ڪئي آ غيرن

ڪوئي ھجي نہ ڌاريو اھڙو ضلعو ڪٿي آ

ڌارين کي ڌوڙ وجهندڙ سڀ ڪوٽ ڪنھن ھا ڊاھيا

سنڌ جي سٻاجهي سيوھڻ تنھنجو قلعو ڪٿي آ

ديبل تي ڪاھہ منھنجي دل تي آ گهاءُ گھرو

مون کي اڃا آ منھنجي دشمن جو ياد چھرو

سي سڀ پلاند ڳائي ھن سان ڪبا وڄائي

پنھنجو جي دؤر آيو جي وقت کاڌو ڦيرو

ھي دؤر غلاميءَ جو رھندو نہ ڪو سدائين 

مان پنج ھزار سالن کان سنڌي آھيان سائين.!

Post a Comment

0 Comments