ڪھاڻي
ماءُ
مبين سنڌي
قدير پنھنجي گھر جي پڌر ۾ کليل آسمان هيٺان کٽ تي سمھي مٿي چنڊ ستارن ڏي ڏسندي خيالن ۾ گم لڳو پيو هو. سندس ماءُ اچي ھن جي مٿن کان ويھندي ھُن جي مٿن کان ويھندي ھُن جي وارن ۾ آڱريون ڦيري پيار مان پڇڻ لڳس؛
”ڪھڙين سوچن ۾ گم آھين ٻچا!“
ھُن آسمان مان نظرون ڪڍي ماءُ جي چھري ڏانهن ڏٺو، چانڊوڪي رات ۾ ماءُ جو چھرو صاف نظر اچي رهيو هئس.
”امان اوھان کان سچ ۾ بہ ھُنن سوچڻ ۽ صلاح مشوري لاءِ وقت گھريو آھي؟“
هُن سواليه انداز ۾ پُڇيو.
”ھائو پُٽ بلڪل هُنن وقت گهريو آهي، ڪو انڪار ڪون ڪيو اٿئون. تون پريشان نہ ٿيءُ.“
ماڻس پر اعتماد لھجي ۾ جواب ڏنس.
”امان سچ ۾ بہ جيڪڏھن ھُنن انڪار ڪيو ته مان مري ويندو مانءِ. عيني ۽ مان ھڪ ٻئي کان سواءِ نہ ٿا رھي سگھون.“
قدير ضد واري انداز ۾ چيو، جنھن تي ماءُ چڙندي ورندي ڏنس؛
”چپ ڪري ننڊ ڪر، اھڙيون ڪنيون ڳالھيون نه ڪندو ڪر. صبح انٽرويو ڏئي اچ، الله ڪندو نوڪري لڳي ويئي پوءِ ڏسجانءِ تہ ھُو پاڻ ئي رشتي لاءِ زور ڀريندا.“
عيني ھُن جي مائٽياڻي ئي ھُئِي، پر اھي ھنن کان معاشي حيثيت ۾ گھڻا وڌيڪ ھُئا. ان ڪري ان جا مالڪ پھريان بہ ھنن سان رشتي کان لنوائي ويا ھئا.
ٻئي ڏينھن ھُو انٽرويو تان واپس موٽيو تہ چھرو لٿل ھيس، ڪمري ۾ اچي ٿيلھي کي اڇلايائين. ماءُ ڪمري ۾ پھتس تہ نماڻين نظرن سان ان ڏي ڏسي بس ايترو ڳالهايائين؛
”امان ڪم نہ ٿيو.“
ماڻس ھن جي ڪيفيتن کي پروڙي ورتو. اڳتي اچي پيار مان مٿي تي ھٿ گھمائيندي چيائينس؛
”ڪو مسئلو ناھي پُٽ ڪو نئون رستو کُلي پوندو، تون هٿ منهن ڌوئي وٺ تہ ماني کائون.“
مانيءَ تي ويٺو تہ گرھ بدران هُو پنهنجي بيوسيءَ کي ڳيتون ڏئي کائڻ لڳو. پاڻيءَ بدران پنھنجي ڳوڙھن کي پنبڙين اندران ئي پيئڻ لڳو.
بس پوءِ احساس محروميءَ ۽ ناڪاميءَ ۾ اھڙو تہ ويو وڪوڙبو، جو ڪو اميد ڀريو رستو ڏسڻ ۾ ڪون پئي آيس. اُميد ھيس تہ نوڪري ملندي ئي سڀ ڪجھہ ٺيڪ ڪري وٺبو پر اتان واري شڪست کان پوءِ ھن پنھنجي عينيءَ کي بہ ھارائيندي محسوس ڪيو. اڪيلو پُٽ، پڻس جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ماءُ وڏي محنت سان پورھيا ڪري ھن کي پالي پڙھائي اڳتي وڌايو ھيو اُنَ جي اهڙي مايوسيءَ ماءُ کي بہ فڪر جي بٺيءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيو. ھوءَ بہ قدير سان گڏ بيقراري ۾ گذارڻ لڳي. ھن ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ قدير کي انھن ڪيفيتن مان ڪڍي ڪنھن اميد ڀري ڪيفيتن ۾ آڻي پر قدير جي حالت اڳيان ھوءَ ھر دفعي ناڪام رھي.
ڪجھ ڏينھن گذريا قدير نيرن وقت ٻاھران گھر آيو تہ پگھر ۾ صفا ٻڏل ھيو. اچڻ سان ئي ماءُ سان ڪاوڙ ۾ ڳالھائڻ شروع ٿي ويو؛
”امان تو مون سان ڪوڙ ڳالهايو، اھو بہ ايڏو وڏو ڪوڙ! يا خدايا منھنجو تہ دماغ ٿو ڦاٽي ھاڻي.“
ھُن ٻئي ھٿ کڻي مٿي کي ڏنا ۽ گوڏا کوڙي ھيٺ پٽ تي ئي ويھي رھيو.
”ڇا مطلب ٻچڙا، ڇا ٿيو آهي؟ هيءَ پنهنجي ڪهڙي حالت ڪئي اٿئي مٿي اُٿ پُٽ هيٺ ڇو ويهي رهيو آهين؟“
ماڻس اڳتي وڌي ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھن ماءُ جي ھٿ کي پري ڪندي روئڻ واري انداز ۾ ماءُ جي چھري ڏي ڏسندي چيو؛
”امان گھٽ ۾ گھٽ تون مون کي ڪوڙي دلاسي ۾ نہ رکين ھا، اڄ عينيءَپاڻ مون سان گھر وارن کان چوريءَ رابطو ڪري ٻڌايو تہ ھن جي ماڪن اوھان سان منھنجي رشته لاءِ صاف انڪار ڪيو ھو. ھاڻي تہ ھن جو ٻئي ھنڌ رشتو بہ ڪري ڇڏيو اٿائون، ٻن ڏينھن ۾ مڱڻي بہ اٿس.“
”پُٽ منهنجي ڳالهه تہ ٻڌ، جذباتي نہ ٿِيءُ، مون ان ڪري اھا ڳالھہ لڪائي جو مون کي لڳو تنھنجي نوڪري لڳندي ئي ھُو.......“ ماڻس ھن جي چھري ڏي ڏٺو تہ پنھنجو جملو پورو نہ ڪري سگهي اڌ ۾ خاموش بڻجي وئي.
”بس امان نوڪري بہ ھاڻي ڪو مسئلو آهي، اسان وٽ غربت ھميشه تہ ڪون رھي ھا. ھنن ٻہ پئسا ڏسي منھنجي ننڍپڻ جو پيار مون کان جدا ڪري ڇڏيو ھاڻي تہ ڪجھ بہ نظر ڪون پيو اچي، مون کان پنھنجيون وڌيڪ ناڪاميون برداشت ڪون ٿيون ٿين امڙ.“
هُن جذبات مان ڳالھائي مٿي اُٿي ڀت کي زوردار مُڪ وھائي ڪڍي ۽ تيز تيز وکون کڻندو گھر کان ٻاھر نڪري ويو. ماڻس کي لڳو ڄڻ قدير جي اھا مُڪ ھن جي سيني ۾ کپي وئي ھُجي. هوءَ بہ تڪڙي هُن جي ڪڍ آئي پر قدير در کي تيزيءَ سان بند ڪري ٻاهر نڪري چڪو هو.
رستي سان تيز هلندي هُن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪون پئي آئي. ڪنهن مهل روڊ جي ھڪ پاسي پيو هلي تہ ڪنهن وقت ٻئي پاسي. هُن جي ذهن تي هُن جي هر ناڪامي خنجر وانڱر کپي رهي ھئي. چرين وانگر گاڏين سان ٽڪرائبو بچندو اچي شهر کان ٻاھر ريل جي پٽڙي وٽ اچي پھتو. پگھر مٿي کان وٺي پيرن تائين وھي رھيو ھيس.
جنھن وقت ھُو گھر مان نڪتو ھو تہ پويان سندس ماءُ بہ آرام سان ويھي ڪون سگھي. ھوءَ بي سڪونيءَ واري ڪيفيتن ۾ گھر ۾ ھر ھر پئي در وٽ اچي واپس موٽي ٿي وئي. وھم ھن کي وڪوڙيندا ٿي ويا.
ريل جي پٽڙين تي بيٺي قدير کي ڪجھ وقت گذري چڪو ھو.
ھن آسپاس ڏٺو پر ڪوئي بہ ٻيو ماڻھو نظر ڪون آيس. محسوس ٿيس ته پري کان ڪٿان ريل جي اچڻ جو آواز اچي رهيو آھي. هُن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي. ھن اکيون بند ڪرڻ سان سموري دنيا کان لاتعلقي ۽ بيزاري محسوس ڪئي.
اوچتو هُن جي کيسي ۾ پيل موبائل جي رنگ وڳي پر ھو ان کي نظرانداز ڪري ايئن ئي بيٺو رھيو. ٻيھر وري ٽيھر موبائل وڳي تہ ھن اکيون کولي ڏڪندڙ هٿن سان موبائل ڪڍي، بنا ان ڏي نھارڻ جي ڪن تي رکي تمام آهستي آواز ۾ ھلو ڪئي. اڳيان ڳالھائڻ واري هُن جي ماءُ ھئي؛
”ھلو پُٽ قدير ڪاڏي ھليو وئين؟ مان تنھنجي آسري ماني رکيو ويٺي آهيان.“
ماءُ جو آواز ٻُڌي هُن کان سُڏڪو نڪري ويو.
”ٻچا ڇا ٿيو آهي، ٻار آھين ڇا روئين ڇو پيو خير آھي ننڍڙي ڳالھ آھي تون آھين ڪٿي اچ گھر.“
ماءُ جھيڻي آواز ۾ سمجهائيندي چيس.
ريل جو آواز ويجھو ٿيندو پئي ويو. هُن جي خاموشيءَ کي ڏسندي وري بہ ماءُ ئي ڳالھايو؛
”ٻچا جلدي ٻڌاءِ ڪٿي بيٺو آھين، مون کي ايئن نہ تڙپاءِ پُٽڙا توکان سواءِ منھنجو آھي ئي ڪير!“
ماءُ جي آواز ۾ لرزش اچي وئي. قدير کان تيز سُڏڪا نڪري ويا. هُن روئيندي چيو؛
”امان....... امان مون کي معاف ڪجانءِ، امان مان...... ناڪاره بڻجي...... “
هُن جو جملو اڌ ۾ ڪٽجي ويو.
”ائين نہ چئو ٻچڙا ڪوئي بہ ناڪاره ناھي ھوندو تون تہ منھنجو بھادر ٻچو آھين، بلڪل بہ بهادر، تون ٻڌين ٿو نِي! تون بهادر آهين.“
ماڻس روئيندي دٻ واري انداز ۾ ڳالھائي رھي ھيس، ماڻس کي بہ ھاڻي ريل جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رھيو ھو. قدير کي پري کان ريل ايندي نظر اچي رهي هئي. ھن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي. ڳوڙھا مينھن وانگر اکين مان ٽمي رھيا ھئس. وري ماءُ جو آواز ڪنن سان ٽڪرايس؛
”منھنجو صدورو ٻچو ناھين، واپس اچ پُٽ، حالتن سان منهن ڏيڻ سک، پاڻ حالتون بدلائي بہ سگھون ٿا.“
ماڻس انھن لفظن سان گڏ سڏڪار سان روئي ويٺي.
قدير ھڪ دفعو اکيون بند ڪري وڏو ساھ کڻي وري اکيون کوليون. ريل ھن جي سامھون ھئي. هُن پنهنجي پوري جسم جي سگهه پنھنجي ڄنگھن تي لڳائي پٽڙيءَ تان ھيٺ بل ڏنو ۽ اتي پيل ڪجھہ پٿرن تي ڪريو. ڀرسان ريل وڏو آواز ڪيون گذرندي رھيس. ھو ڪجھہ گھڙيون آئين ئي اکيون ٻوٽيون پيو رھيو. جنھن وقت ريل گذري وئي ھن پنھنجو اھو ڀڪوڙيل ھٿ کوليو جنھن ۾ موبائل ھيس. موبائل ڏي ڏٺائين، ماڻس اڃان بہ لائن تي موجود ھئس. ھن موبائل ڪن جي ويجھو ڪئي. اڳيان اھو ئي روئڻ وارو آواز ھيو؛
”منھنجا ٻچڙا تون ائين ڇو ڪيو، تون مون کي ڪنھن جي سھاري ڇڏي وئين! تون موٽي ڇو ڪون آئين؟“
هُن آهستي بس ايترو ڳالهايو؛
”امان مان واپس اچان ٿو، امان مان تنھنجو بھادر ٻچو آھيان. “
پوءِ ھڪ ٿڌي آھ ڀري اُتي جسم کي آزاد ڇڏي ڏنائين ۽ ڪيتري دير تائين ائين خاموشيءَ سان ليٽي ئي ھڪ نئين جنم بابت سوچيندو رھيو.
0 Comments