مائرن جو عالمي ڏينھن ۽ جيجل جي ممتا
سنيا شيخ
خدا تعالي ھن ڪائنات ۾ ڪيترا ئي رشتا جوڙيا پر سڀ کان عظيم رشتو ماءُ جو آھي ننڍڙو ڄاول ٻار بہ پنھنجي ماءُ جي وجود کي سڃاڻي ٿو ٻار عمر جي ڪنھن بہ حصي ۾ ھجي پر تڪليف پھچڻ تي جڏھن دانھن ڪري ٿو تہ ھو ماءُ کي ئي پڪاري ٿو امڙ ڪائنات جو ھڪ حسين ۽ شاھڪار تحفو آھي جيڪو بيمثل آھي ، توڙي جو ھڪ انسان سڄي ڄمار ماءُ جو خادم ٿي رھي پر سندس نوَ مھينا ڪُک ۾ رھڻ ۽ ھڪ رات جي اوجاڳي جو احسان بہ ادا نٿو ڪري سگھي، بظاھر دنيا ۾ ماءُ جي ممتا مقابل ھر جذبو ناقص آھي پر امڙين کي ياد ڪرڻ ۽ انھن سان پيار جو ھڪ ڏينھن مخصوص ٿيل آھي جنھن کي ”مائرن جو عالمي ڏينھن“ طور سڄي دنيا خوبصورت انداز سان ملهائي ٿي، ھونئن تہ ماءُ جو ھڪ ڏينھن ناھي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سڄي زندگي بہ گھٽ آھي پر ھي ڏينھن ملھائڻ جي اھميت ماءُ جو احترم ۽ ماءُ جا احسان مڃڻ جي ياد گيري آھي. ھن ڏينھن ملھائڻ جو مقصد پنھنجي ماءُ جي اھميت جو احساس ڪرڻ سندس خدمت ڪرڻ ۽ امڙ کي خوشي ڏيڻ آھي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو پسمنظر ڪجھ اھڙيءَ ريت آھي جڏھن ۱۸۷۶ع ۾ آمريڪا جي ھڪڙي رياست ورجينيا (Virginia) جي ھڪ ڇوڪري ”ائنا جاروس“ (Anna jarris) سان سندس ماءُ ايني ميري (Annie Marry) خواھش جو اظھار ڪيو تہ جيڪر ماءُ جھڙي ھستيءَ لاءِ ڪو ھڪ ڏينھن ملھايو وڃي، جنھن ڏينھن ھن کي پيار ، ٻاجهه ۽ محبتن جي ڀيٽا ڏجي تہ ڪيڏو نہ سٺو ٿئي ”ائنا “ پنھنجي ماءُ جي حياتيءَ ۾ تہ اھڙو ڏينھن منظور ڪرائي نہ سگھي پر ماءُ جي وفات جي ٻن سالن کان پوءِ ھؤ ان ڏينھن ”مائرن جي عالمي ڏينھن“ جي پڌرائي يا منظوري ڪرائڻ لاءِ گھڻي سرگرم ٿي وئي نيٺ ۱۹۱۱ع ۾ تنھن وقت جي آمريڪي صدر اھڙو اعلان ڪيو تہ ھر سال مئي جي ٻئي آچر تي ” مائرن جو عالمي ڏينھن “ ملھايو ويندو.
ماءُ ڪھڙي بہ ملڪ ۽ مذھب جي ھجي ، دنيا جي ھر ماءُ پنھنجي اولاد لاءِ ساڳيا جذبا ۽ احساس رکي ٿي انسان تہ ٺھيو پر جانورن ۽ پکين ۾ بہ ماءُ پنھنجي ٻچي تي ساھ ڏئي ٿي جيڪو بہ کيس ٻچي جي ويجھو ايندو تہ بي خوف ٿي ان سان مقابلو ڪرڻ ايندي،
خدا پاڪ ماءُ کي اھو رتبو ڏنو آھي تہ سندس پيرن ھيٺان جنت رکي آھي. نبي ڪريمۡ فرمايو آھي تہ ”جيڪڏھن توھان پنھنجي امڙ جي پوري زندگي خدمت ڪيو تہ بہ ماءُ جي پيٽ دوران تڪليف جي ھڪ ڪلاڪ جي بہ برابر نٿا ٿي سگھو.“
دنيا جي هن عظيم رشتي کي جتي وڏن فلاسفرن، عالمن مختلف معنائن، وصفن ۾ پيش ڪيو آھي اتي لاثاني شاعر ڀٽائي سرڪار پنھنجي ڪلام ۾ امڙ کي مختلف نالن سان اظھاريو آھي جنھن ۾ ”آيل، امڙ، ماءُ، مادر، جيجان، جيجل“ سميت وجود جي اٽوٽ تعلق جي علامت قرار ڏنو آھي.
شاھ سائينءَ جي ماءُ سان رغبت سندس شاعري مان ظاھر ٿئي ٿي ھو مختلف ڪيفيتون ڏک سور ماءُ سان اوري ٿو:
آيل ائين مہَ ڀانءِ تہ آءُ ڪا جيئندي ان ريءَ (سُر رپ)
گوندر ڪيو غرق، ماءُ منھنجو جندڙو (سُر رپ)
مادر مارياس ڦوڙائي پرين جي (سُر رپ)
اڌلڳيون آھين، جيجان سنديون جوڳيين.(سُررامڪلي)
مونکي ماءُ مجاز پڃاري جئين پڃيو
ھٿن ڇڏي ھاج ويئي سار سرير مان.(سُرآسا )
ھڪڙي تحقيق موجب دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ نئين ڄاول ٻار جي زبان تي جيڪو پھريون لفظ اچي ٿو اھو ماءُ آھي، ماءُ جي ھر صورت ٻاجھ شفقت ۽ پنھنجائپ جي شڪل ھوندي آھي جيڪا پنھنجي جان جي ٽڪري لاءِ آسودگيءَ جو سمان آھي امڙيون پنھنجون خواھشون اولاد جي ڀلائيءَ لاءِ قربان ڪنديون آھن پنھنجي ٻچي جي مرڪ جي هڪڙي جهلڪ سندس سمورين ڪيفيتن جي مٿان غالب رھي ٿي. امڙ پنھنجي مٿان سوين سختيون ۽ تڪليفون تہ برداشت ڪري ويندي آھي پر پنھنجي ٻچڙي تي حرف اچڻ نہ ڏيندي آھي، اھا سندس فطرتي احساس جي نشاني آھي جيڪا جُز مان ڪُل ۽ ڪثرت جي ان فڪري نڪتي کي عملي جامو پارائي پنھنجي حيثيت کي مان بخشي ٿي.
ماءُ منھنجي ڪرھي موتين جھڙي مالھ (سُرکنڀات)
0 Comments