نالو زندھ انھن جو رھيو

 نثري نظم

ڪنيز فاطمه درس 




نالو زندھ انھن جو رھيو

جن نالي جي پويان ھلڻ ڇڏيو

وري بہ محسوس ڪڏھن تو ٿئي

تنھنجي محنت مسلسل،

توڙي محبت جي

تنھنجي خالص عمل،

توڙي خلوص جي

ننڊ تياڳڻ جي، 

تنھنجي ڪوشش، ڪشالا 

اجايا ويا

فڪر، فن، فلسفا سڀ

اجايا ويا

ڪلُ علمي عمل، توڙي فن ۽ ھنر

سڀ اجايا ويا

ان ويل تون دل کي سمجھائجان

پاڻ نالي جي بک کان بچائجان.

Post a Comment

0 Comments