اوٿارو

ڪھاڻي

 اوٿارو 

سجاد علي



نيويارڪ شهر جي وڌندڙ ترقيءَ جي رفتار ۾ مونکي ڪم جي حوالي سان وڃڻو پيو. منهنجي رهائش ڊائون ٽائون (Down town) (شهر جو اُهو حصو جتي اُوچيون اِمارتون هُجن) جي هڪ هوٽل ۾ ٿي، جتي مونکي تيرهين ماڙ تي ڪمرو مليو. هي ٽاور قُل ويهن ماڙين تي مشتمل ڪافي جڳهين جي حساب سان ننڍو هو، جنھن جي اڳيان پويان ۽ ساڄي کاٻي ٽاوَر ئي ٽاوَر هئا. 

مان ڪمري جي چانئٺ ٽپڻ شرط سامان جي بيگ اُتي ئي ڦِٽي ڪري نرم فوم واري پلنگ جي سيرانديءَ ڏانهن وهاڻي کي ڪياڙي ڏئي ڊَهي پيس. شِيشن سان ڪوَر ٿيل ڪمري جي ٻن ڀتين مان آروپار سامهون ٺهيل ٽاور کي ٽِڪ ٻڌي تڪيندو رهيس. ڏسندي ئي ڏسندي اکيون ڳريون ۽ لِڱ منهنجا لوھ ٿيڻ لڳا، اُتي ئي سمجهي ويس تہ مونکي اُٿارو ٿيڻ لڳو آهي. ڇا ٿو ڏسان جو سامهون ٺهيل ٽاوَر جي هڪ ڪمري جو شيشو ڀڄي ٿو ۽ هڪ نوجوان ڇوڪري ڪري پئي ٿي، پوءِ هڪ شخص ٽُن حالت ۾ ٿيڙ کائيندو اُن جي پويان پاڻ ڦٽو ڪري ٿو ڇڏي. مون پنهنجي پاڻ کي ڇڏائڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ نھَ چوٽيءَ جو زور لاتو. ٿوري ڇڪتاڻ پڄاڻان نيٺ گُونگي ڳالهايو، منهنجي واتان رَڙ نڪري وئي ۽ سامهون ڏٺم تہ ٽاور جو شيشو صحيح سلامت پنهنجي جاءِ تي لڳل هو. مون کان رهيو نہ ويو ۽ اڳتي وڃي جو ڏٺم تہ منهنجي اکين جا تارا ڊَپ ڪارڻ ننڍڙا ٿيڻ لڳا ۽ پيرن ھيٺان زمين کِسڪي وئي، ڏٺم تہ اُن کان ٻہ ماڙ هيٺ واري فلور جو شيشو ڀڳل هو ۽ روڊ تي ڪيليُن جيترڙن ماڻهن جو ميڙ لڳو پيو هو. مان سوالن جي قيد ۾ حيران ٿي ويس تہ ڪجھ دير اڳ ۾ جيڪو هنن اکين سان ڏٺم سو اُها واقعي بہ حقيقت هئي؟ پر اِهو ڪيئن ممڪن آهي تہ ٻہ ماڙ هيٺ وارو واقعو مونکي صاف صاف نظر آيو هُجي؟ ڇا اُهو شيشو اڳ ۾ ئي ڀڳل هو؟ جي اڳ ۾ ئي ڀڳل هو تہ روڊ تي اِهو ماڻهن جو انبوھ ڇا جو؟ 

مون اُن معاملي جي وارتا لاءِ لِفٽ ۾ هيٺ لهڻ جو سوچيو، جنهن کان ھميشہ ڊپ لڳندو اٿم. ڪراچيءَ جي خراب لِفٽن جي چڱيءَ طرح پرک هيم سو هتي بہ پهران تہ لِفٽ واري در اندر هيٺ نھار وڌم تہ موجود بہ آهي يا نہ؟ ڇوجو پنهنجي ملڪ جا کوڙ سارا ٻار اِئين ئي کيڏندي ڪُڏندي موت کي ڳلي لڳائي چڪا آهن جو لِفٽ اڪثر موجود ئي ناهي هوندي ۽ هيٺ ڪري پوندا آهن.

اُن مھل صبح جا سوا يارهن ٿي رهيا هئا، روڊ تي ٻن پوليس اهلڪارن ٽريفڪ کي بيهاري رکيو هو، هر طرف گاڏين جا هارن ۽ ماڻھن جو ميڙ مٿي جاين کي تڪي رهيو هو. روڊ تي ڪاوَن جو اڇو پائوڊر رت جي لالاڻ جذب ڪري رهيو هو ۽ اُتي واقعي بہ ٻہ لاش هئا. هڪ اڌڙوٽ عمر جو قدآور شخص، جنهن کي ويٽرن واري پوشاڪ اوڍيل هئي ۽ ٻي خوبصورت نوجوان ڇوڪري، جنهن کي فقط ڇاتين تي چولِي، هيٺئين ڌڙ تي ڪَڇو ۽ انھن جي مٿان ڳاڙھو ڪوٽ (جيڪو هاڻي رت جي لالاڻ ۾ وڌيڪ ڪاراٽيل نظر پي آيو) پهريل هو. اُن ڇوڪريءَ جا پڻ ڪاراٽيل چپ ڏِسي لڳي رهيو هو تہ سگريٽن پيئڻ جي حيراڪ هئي يا ساھ نڪرڻ پڄاڻان اِئين ٿي چُڪا هئس؟ سندس جي ڪوٽ مان فرينچ لِکت ۾ هڪ خط مليو:

”ڊيڊِي... مان مڃان ٿي تہ اوهان جي مرضيءَ خلاف گهران نڪتس ۽ پنهنجي بواءِ فرينڊ وٽ اچي پناھ ورتم. اڄ ٽيون ڏينهن آهي جو مان گهر نہ موٽي آهيان، موٽي بہ ڇا ڪيان؟ ھميشہ جيان ساڳيا طعنا ۽ مھڻا نٿي سهڻ چاهيان. مونکي معاف ڪجو...

اوهان جي لاڏلي: امينڊا ڪلاز“

اُن خط جي لِکائي هٻڙدٻڙ ۾ لکيل هئي، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ جلد کان جلد مختصر ڪيو ويو هُجيس. مون وانگر سڀني کي لڳي رهيو هو تہ اُهو ويٽر جي پوشاڪ وارو شخص هن جو بواءِ فرينڊ آهي، جنهن وٽ اچي هوٽل ۾ پناھ ورتائين ۽ پوءِ خراب حالتن کان تنگ اچي ڪري ٻنهي آپگهات ڪري ڇڏيو. ماڻهو هاڻي وڌيڪ شڪ شبهي ۾ پئجي ويا جو بقول هوٽل جي مالڪ جي هي ويٽر سال ڏيڍ پراڻو ۽ نهايت محنت ڪش هو، هن جو ڪنهن سان اهڙو چڪر ئي نہ رهيو هو ۽ آخري دفعي بہ مٿي آرڊر پهچائڻ ويو هو. هن اِهو بہ ٻڌاين تہ ٻہ ڏينهن پهران هڪ شخص اُتي شِفٽ ٿيو ھو پر هوٽل انتهائي وڏو آهي سو اندازو نہ پيو لڳائي سگهجي تہ اُهو ڪير هئو؟

پوليس معاملي جي وڌيڪ تحقيقات لاءِ اُن ڪمري ۾ وئي، جتي واقعي بہ ويٽر سامان کڻي ويو هو جيڪو فرش تي ڪريل هو. ڪمري جي هڪ پاسي وارو شيشو ڀڳل ۽ سڄو سامان اُٿل پٿل لڳو پيو هو. نيٺ قاتل شخص کي ڪيمرا جي اک سان ڏٺو ويو جيڪو معاملي جي ڪارروائيءَ کانپوءِ جلدي فرار ٿي نڪتو هو.

نتيجو اِهو نڪتو جو اُن شخص امينڊا کي ٽُن حالت ۾ استعمال ڪري خط لکيو ۽ آپگهات واري صورت ۾ مارڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اُتي ويٽر سامان کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ امينڊا کي ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ ھاٿاپائي ٿي وئي ۽ ڪمري جو شيشو ڀڄندي ئي ويٽر ڪري پيو. پوءِ هن شخص جو دماغ چڪرائجي ويو، ڪجھ سمجھ ۾ نہ پئي آيس ۽ امينڊا جي ڪوٽ ۾ خط وجهي اُتان ڌِڪو ڏئي ڇڏيائينس.

اُن واقعي جو ڪجھ حصو مونکي اوٿاري جي صورت ۾ ڪيئن بہ ڏسڻ ۾ آيو پر هاڻي مونکي پنهنجو ڪمرو کائڻ لڳو ۽ باس (Boss) کي چئي پنهنجي رهائش بدلائڻي پئي.


Post a Comment

0 Comments