نظم
اسين اوھان جا
ايوب ساز
اسان جي آڏو نہ ڪي وسيلا نہ ڪي خليفا
اسين نہ ڄاڻيون تہ ڪالھہ ڪنھن تي لٿا صحيفا
اسان عبادت ڪڏھن نہ سمجهي
نہ سمجهياسين اھي ڪليسا
اسين نہ موسيٰ اسين نہ عيسيٰ
ڪٿي حسن جي بزار اندر
اسين نہ يوسف جيان وڪياسين
اسين اوھان جا رُڳو ٿيڻ لئہ پئي سڪياسين
اسان تہ روزِ ازل کان اڳ ۾
نظام بڻجڻ کان اڳ چيو ھو
اسين اوھان جا اسين اوھان جا
جڏھن افَلاطون تصوراتي اڏي رياست
اسان کي ان مان ڪڍي ڇڏيو ھو
اسان بہ پنھنجو آزاد وطن اڏي ڇڏيو ھو
اسان بہ تصور ۾ ڪائناتون نيون اڏيوسين
اسان بہ پنھنجي شاعريءَ کي لڳايو سيني
اسان بہ ڪاٿي نہ آيتون ھي ڪڏھن ڇڏيوسين
اسان رڳو پئي اوھان جا نغما ۽ گيت ڳاتا
اسان لبادہ منافقيءَ جا ڪڏھن نہ پاتا
جڏھن بہ آيو جتي بہ آيو
اسان رڳو پئي اوھان کي ڳايو
اسين اوھان جا اسين اوھان جا
اسان نہ ڪڏھن ھٿن ۾ پنھنجي ھٿيار ڪوئي
کڻي دنيا کي لٽيو ڦريو سين
جڏھن بہ آيو جتي بہ آيو
اسان اوھان کي ئي پئي گهريوسين
اسان نہ چاھيو تہ تاج پايون سماج پايون
اسان پئي چاھيو اوھان کي چاھيون اوھان کي چاھيون
اسان نہ حرفت ڪڏھن ڪئي سين خدا ٿو ڄاڻي
اسان نہ نفرت ڪڏھن ڪئي سين خدا ٿو ڄاڻي
اسان محبت ڌرم مڃيوسين خدا ٿو ڄاڻي
اسان رڳو پئي اھو مڃيوسين خدا ٿو ڄاڻي
اسين اوھان جا اسين اوھان جا.
0 Comments